سنڌي ٽوپي جي مخالفت جو پسمنظر ولي محمد چانڊيو سنڌي ڪلچر ۽ تهذيب جي مخالفت ته هن ملڪ ۾ 1948ع کان ان وقت شروع ڪئي وئي هئي جڏهن ملڪ جي باني محمد علي جناح وفات ڪئي ۽ بعد ۾ لياقت علي خان ملڪ جون واڳون سنڀاليون. لياقت علي خان سنڌي ڪلچر، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي قوم خلاف وڏي پروپيگنڊا جي باقاعدگي سان مهم هلائي جنهن جو اظهار سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”سنڌوديش ڇو ۽ ڇالاءِ“ ۾ هن طرح پيش ڪيو آهي ته ”لياقت علي خان سنڌي ماڻهن ۽ سندن ڪلچر کي حقارت جي نگاهه سان ڏسندو هو، هن جڏهن سنڌي زبان ۽ ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ کلم کلا پرچار شروع ڪرائي ته ان وقت مسلم ليگ جي صدر حاجي علي اڪبر شاهه هڪ وفد وٺي ساڻس ملڻ لاءِ ويو ۽ کيس سنڌي زبان ۽ ڪلچر جي حفاظت جي لاءِ درخواست ڪئي. ان تي لياقت علي خان شاهه صاحب کي چيو ته سنڌين جو ڪلچر گڏهه هڪلڻ ۽ اُٺ ڪاهڻ آهي. سنڌي جاهيلن جي زبان آهي. ان جي حفاظت ڪهڙي طرح ڪري سگهجي ٿي“. انهيءَ جواب ڏيڻ مان هن سامراج جي نمائندي وزيراعظم لياقت علي خان جي سنڌين لاءِ نفرت ۽ ڌڪار جو پتو پئجي سگهي ٿو. اُهي ماڻهو جيڪي ڪنهن قوم جي ڪلچر ۽ ثقافت جي حفاظت ڪندا آهن. اُهي شايد تاريخ مان اڻ واقف آهن. قومن جو ڪلچر ۽ ثقافت دنيا جي تهذيبن جيترو عظيم آهي. سنڌي قوم کي جاهل سڏڻ ۽ سنڌين جي ڪلچر کي گڏهه هڪلڻ ۽ اُٺ ڪاهڻ چوڻ وارن کي ڪهڙي خبر ته دنيا جي عظيم هستي حضرت محمد صلعم جڏهن پيدا ٿيو هو ته کيس دائي بيبي حليمه رضه سنڀالڻ لاءِ خچر (گڏهه) جي سواري تي پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر وٺي وئي هئي. پاڻ ڪريم جڏهن ڪجهه وڏا ٿيا ته اُٺ تي سفر ڪندا هئا. سندس خاص سواري واري اٺڻ (ڏاچي) اڄ به مشهور آهي. سنڌ جي ثقافت ته انهيءَ کان به آڳاٽي ۽ عظيم آهي. جڏهن يورپ جي ملڪن ۾ لٽ پئي اڏامندي هئي. ماڻهو پنهنجي اجهين ٺاهڻ کان واقف نه هئا ته ان وقت سنڌي ماڻهو پڪن گهرن ۾ رهندا هئا. موهن جو دڙو انهيءَ ڳالهه جو شاهد آهي. سنڌي قوم جي سنڌي ٽوپي سندن اعليٰ اخلاق، حياءَ ۽ عظمت جو اهڃاڻ آهي. اڄ به اسان جا وڏڙا اسان کي اُهو سبق ڏيندا آهن ته بابا پنهنجي يا پرائي گهر ڪڏهن به مٿو اگهاڙو ڪري نه وڃجو. انهيءَ کانسواءِ گرمي ۽ سردي ۾ ٻاهر نڪرڻ ۽ ڪم ڪرڻ وقت سنڌي ٽوپي انساني مغز جيڪو تمام حساس هوندو آهي انهي کي گرمي ۽ سردي کان محفوظ رکي ٿي. سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌي ٽوپي لاءِ سچ چيو آهي ته سنڌي ٽوپي جيڪڏهن ڪنهن بي غيرت کي مٿي تي پارائجي ٿي ته اُهو به غيرت مند ٿيو پوي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته سنڌي ٽوپي جو ڀرم رکجي. اُها ڪڏهن ڪنهن ڪميٽي کي نه گفٽ طور ڏيڻ گهرجي ۽ نه وري مٿي تي پارائجي. ڇاڪاڻ ته ڪميڻو ماڻهو سنڌي ٽوپي جي تاريخ کان واقف نه آهي. سنڌي ٽوپي جي مخالفت جي پسمنظر ۾ ڇا آهي؟ انهيءَ جو جيڪڏهن جائزو وٺبو ته اسان کي اهيو معلوم ٿيندو ته پاڪستان جا سگهارا ادارا ڪنهن به سنڌي ليڊر يا چونڊيل حڪمران کي دل سان مڃڻ لاءِ تيار نه آهن. ذوالفقار علي ڀٽي ڪڏهن پ پ پ ٺاهي هئي ته اُهي ادارا ان خلاف سرگرم عمل رهيا. جڏهن ڀٽو ملڪ جو وزيراعظم ٿيو ته انهيءَ وقت سگهارا ادارا حرڪت ۾ اچي ويا ۽ نيٺ هڪڙي ڪوڙي ڪيس احمد رضا ڪسوري جي قتل جي F.I.R ۾ چالان ڪرايو ويو بعد ۾ انهي ساڳي ڪيس ۾ کيس اعليٰ عدالت جي حڪم تي 4 اپريل 1979ع ۾ ڦاهي ڏني وئي. حالانڪ ذوالفقار علي ڀٽو ايشيا جو تمام وڏو ليڊر هو. هن بنگال سانحي بعد پاڪستان جا 90 هزار فوجي جيڪي هندستان ۾ جنگي قيدي ٿي ويا هئا. انهن کي ڀارت جي حڪومت کان آزاد ڪرائي پاڪستان وٺي آيو ۽ اهڙي نموني سان هن 90 هزار خاندان جون خوشيون واپس موٽايون. هن پاڪستان کي ائٽمي ملڪ بنايو جيڪڏهن اڄ هي ملڪ ائٽمي طاقت نه هجي ها ته اڄ اسان ڀارت سان ڪوبه مهاڏو اٽڪائي نه سگهون ها ۽ ڪڏهوڪو ڀارت هن ملڪ کي واڳون وانگر ڳڙڪائي وڃي ها. پر انهيءَ نيڪ ۽ چڱي ڪم عيوض هن سنڌي اڳواڻ کي شهيد ڪيو ويو. ان بعد سندس پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو کي ٻاهرين ملڪ مان واپس گهرائي ڪراچي ۾ پوليس جي هٿان شهيد ڪرايو ويو. ان بعد سندس نياڻي بينظير ملڪ جي وزيراعظم ٿي، انکي به برداشت نه ڪيو ويو. پهرين ڀيري ملڪ جي صدر غلام اسحاق خان بينظير جي چونڊيل حڪومت جو خاتمو ڪيو ۽ ٻي ڀيري جڏهن بينظير ملڪ جي وزيراعظم ٿي ته پهرين سندس ئي حڪومت ۾ سندس ڀاءُ کي شهيد ڪيو ويو ۽ بعد ۾ صدر فاروق لغاري سندس حڪومت جو خاتمو ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ بينظير تي ڪيترائي سياسي ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ کيس جلاوطن ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو جڏهن ملڪ جون حالتون سنگين ۽ خطري طرف وڃي رهيون هيون طالبانن ملڪ ۾ آپگهاتي حملا ڪري ملڪ ۾ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو هو ته انهن حالتن ۾ کيس ڪوڙا آسرا ڏئي ملڪ ۾ گهرائي 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي ۾ هڪ جلسي دوران گوليون ۽ بم هڻي شهيد ڪرائي ڇڏيو. انهن سڀني کي انهيءَ ڪري شهيد ڪيو ويو جو هو سنڌي اڳواڻ هئا. بينظير جي شهادت بعد ملڪ جون حالتون تمام خطري طرف وڌي رهيون هيون. ماڻهو گهڻو ٻيو ڪجهه سوچي رهيا هئا. جن کي ماڻي ڪرڻ لاءِ ملڪ جي سگهارن ادارن عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. 13 فيبروري 2008ع ۾ عام چونڊون ٿيون جنهن ۾ پ پ پ وڏي ڪاميابي ماڻي ۽ مجبور ٿي انهن ادارن ملڪ جو اقتدار پ پ کي سونپيو. پ پ جي اعليٰ قيادت جمهوري طريقي سان يوسف رضا گيلاني کي ملڪ جو وزيراعظم ۽ آصف علي زرداري کي ملڪ جو صدر چونڊيو ويو. اها ڳالهه به ملڪي اسٽيبلشمينٽ ۽ سندن ايجنٽن کي تمام گهڻي ڏکي لڳي. ملڪ جي سڄي ڪابينا مان هڪ سنڌي ملڪ جي صدر کي ميڊيا ۾ تنقيد جو نشانو بنايو ويو. ميڊيا جي هڪ مخصوص هلڪي ۾ صدر آصف علي زرداري کي ان وقت کلم کلا تنقيد جو نشانو بنايو ويو جڏهن هو افغانستان جي سرڪاري دوري تي افغان صدر حامد ڪرزئي جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ سنڌي ٽوپي پائي قابل پهتو. هڪ خانگي ٽي وي جو اينڪر پرسن ڊاڪٽر ش-م ۽ جڳ مشهور صحافي شاهين هڪ ٽي وي ٽاڪ شو ۾کلي عام اها ڳالهه ڪئي هئي ته صدر پاڪستان آصف علي زرداري افغانستان ۾ فوجي پريڊ جي دوران سنڌي ٽوپي پائي پاڪستان ڏانهن ڪهڙو پيغام موڪليو آهي. ٻي ڏينهن ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين جو بيان اخبارن جي زينت بڻيو ته صدر سنڌي ٽوپي پائي افغان وڃي سٺو نه ڪيو آهي ۽ هن اهو به چيو ته سنڌي ٽوپي ۽ ڪلچر جا اصل مالڪ اسين آهيون. ايندڙ دؤر ۾ ثابت ڪنداسين ته سنڌ اسان جي آهي ۽ گهڻي ڀاڱي سيٽون حاصل ڪنداسين. فاروق ستار ته اهو به چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ ملڪ جو وزيراعظم ايم ڪيو ايم جو هوندو. شايد انهن مت موڙهين کي اها خبر نه آهي ته ڏيڍ ارب آدمشماري رکندڙ ڀارت ملڪ جو وزيراعظم من موهن جيڪو سک قوم جو فرد آهي اهو جڏهن به ڪنهن ملڪ جي دؤري تي وڃي ٿو ته سکن واري ڊريس ۽ مٿي تي پٽڪو پائي وڃي ٿو. ان تي ڪنهن به ڀارتي اعتراض نه ورايو آهي. چيني صدر جڏهن به ڪنهن ملڪ جي دوري تي وڃي ٿو ته هو فقط چيني ٻولي ۾ تقرير ڪندي نظر اچي ٿو يا ياسر عرفات سڄي ملڪن جا دورا ڪيا سندس مٿي تي رومال ۽ جسم تي عربن واري پوشاڪ پاتل هوندي هئي. انهيءَ تي ڪڏهن به ڪو اعتراض ٻڌڻ ۾ نه آيو. پر اسان جي ملڪ جي اندر جي سوڙهن هنن يارن کي پڇجي ته سنڌي ٽوپي ۽ پوشاڪ کان هنن کي ڪهڙي تڪليف آهي ۽ سنڌي ٽوپي ۾ ڪابه هڪ خرابي هجي ته ٻڌائين ته جيئن انجو ازالو ڪري سگهجي سڄي ڳالهه سمجهڻ جي آهي. اهو ڏسجي ته اعتراض ڪندڙ ڌريون ڪنهن جا ماڻهون آهن اهو ڪنهن جي چوڻ تي سنڌي ثقافت کي نشانو بنائي رهيا آهن؟ ۽ انهيءَ تنقيد جي پويان ڪهڙو مقصد آهي؟ خاص ڳالهه هي آهي ته جمهوريت کي پٽڙي تان لاهڻ لاءِ ملڪ جي خاص ادارن ڪن پنهنجي سول ايجنٽن کي هڪ آسائينمينٽ ڏني آهي جنهن تي ملڪ جي سنڌي صدر ۽ سنڌي ٽوپي کي خاص نشانو بنائي رهيا آهن. ڪن اهم ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ جو سنڌي صدر آصف علي زرداري ۽ ملڪ جي تمام سگهاري اداري ۽ سرد جنگ ان وقت شروع ٿي چڪي هئي جڏهن هي ملڪ جو صدر چونڊيو ويو هو پر انهيءَ ۾ تيزي تڏهن آئي جڏهن صدر زرداري جي هڪ ميڊيا مئنيجر کي هڪ خُفيا اطلاع موڪليو ويو ته ملڪ جي بچاءُ واري وزارت کي چيف آف آرمي جنرل ڪياني جي نوڪري ۾ ڪجهه سالن جي اضافي جي هدايت ڪئي وڃي ان بابت صدر زرداري اهو پيغام پهتو ته ايندڙ ٽن، چئن مهينن ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل شجاع پاشا پنهنجي نوڪري تان رٽائرڊ ٿي رهيو آهي تنهنڪري ان جي نوڪري جي عرصي ۾ واڌ ڪئي وڃي. انهي جو جواب به شايد صدر مطمئن ڪندڙ ڪونه ڏنو جنهن کانپوءِ ايوان صدر ۽ جي ايڇ ڪيو ۾ اختلاف وڌيا. ذريعن موجب انهن ٻنهي ادارن جي اختلافن جون ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ڀرپور فائدو حاصل ڪري رهيون آهن اهم ذريعن موجب صدر زرداري ايندڙ چيف آف آرمي ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ پنهنجي مرضي جا مقرر ڪرڻ چاهي ٿو. جنهن جي ايم ڪيو ايم ۽ ن ليگ مخالفت ڪري رهيون آهن. انهيءَ ڪري اين آر او جي مخالفت جي ڪري صدر زرداري 17هين ترميم ۽ 58ٽوبي جي خاتمي واري مطالبي کي في الحال رد ڪري ڇڏيو آهي. سياست تي گهري نظر رکندڙ ڌرين جي چوڻ مطابق جيڪڏهن زرداري ايندڙ مارچ 2010ع تائين موجوده بحران مان نڪري ويو ۽ پنهنجي مرضي جو آرمي چيف مقرر ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ته پوءِ ممڪن آهي ته موجوده حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪري ويندو. ٻي صورت ۾ ايندڙ مارچ تائين خطري جي گهنٽي ٻڌڻ ۾ پئي ايندي اصل ڪهاڻي اها آهي جيڪا مٿي بيان ڪئي وئي آهي. انهي ڪم جي آسائينمينٽ سگهارن ادارن طرفان ميڊيا جي هڪ نجي ٽي وي چينل ۽ سياسي مزارين کي ڏني وئي آهي. جن ڪجهه وقت کان پنهنجو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي. جن فقط ملڪ جي سنڌي صدر کي ۽ سنڌي ٽوپي کي کڻي نشانو بڻايو آهي. سنڌي ٽوپي جو ڏينهن ملهائڻ جو جيڪو اعلان ڪيو ويو آهي اهو ساراهه جوڳو قدم آهي جنهن قوم پنهنجي ثقافت کي جياريو آهي اُها قوم ئي تاريخ ۾ زنده رهندي جن قومن پنهنجي ثقافت تي ڌيان نه ڏنو اڄ اُهي قومون دنيا مان گم ٿي چڪيون آهن ۽ انهن تي تاريخ ۾ تحقيق ٿي رهي آهي. سنڌي قوم ساڍا ست هزار سالن کان پنهنجي وجود ٻولي ۽ ثقافت کي بچائيندي پئي اچي. جنهن ڪري دنيا جي تاريخ ۾ سندس وقار بلند آهي. اسان کي گهرجي ته پنهنجي ثقافت کي بچائڻ خاطر 6 ڊسمبر جهڙا ڏينهن ملهايون ۽ ثقافت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ادارا قائم ڪريون.بشڪريه عوامي آواز
جواب: سنڌي ٽوپي جي مخالفت جو پسمنظر ادا ممتاز بهترين ليک ونڊ ڪرڻ لاءِ اوهان جا ٿورا۔ اها هڪ حقيقت آهي ته سنڌي ٽوپي سان اهي ويڌن هميشه ٿيندا ٿا اچن۔ آءُ جڏهن 1996 ۾ ڪراچي جي هڪ مشهور تعليمي اداري ديني مدرسي (نالو ذڪر ڪرڻ کان بغير) ۾ پڙهندو هوس ته پنهنجي ٽوپي هميشه اڄ جيان پائيندو هوس۔ هڪ مهاجر استاد اعتراض واريو ته اها ٽوپي نه پائي ايندو ڪر، منهنجي سبب پڇڻ تي هن چيو ته يه قوميت کي طرف اشاره ڪرتي هي!!! مون چيو اوهان پنهنجا ڪرتا پتلونون پائي ٿا اچو پٺاڻ پنهنجي پاچا خاني ڪري ٿا اچن، اسان ٽوپي پايون ته قوميت!!! بحرحال مون ڪڏهن پنهنجي عزت مٿي تان نه لاٿي۔ 2000 ۾ هڪ ٻي ديني مدرسي ۾ پڙهن دوران مونکي ڏسندي اڌ ڪلاس سنڌي ٽوپي پائڻ لڳي ۽ مونکي آڊر مدرسي جي طالبن کان ملندا رهيا ڪن لاءِ آءُ پنهنجي ڳوٺ کان به ٽوپيون ٺهرائي کين ڏيندس هوس، جنهن سان انهن جو سنڌي ٽوپي پائڻ به ٿي پوندو هو ڳوٺ جي غريب عورتن جن کان ٽوپيون وٺي ايندو هوس انهن کي به سگهاري قيمت ملي پوندي هئي۔ مونکي پٺاڻ استادن روڪيو ته ٽوپي نه پائي اچ، منهنجو اصرار ڏسي انهن پنهنجي وڏي استاد کان مون کي چورايو، اهو ڪلاس ۾ آيو اڌ کان مٿي ڪلاس وارن کي سنڌي ٽوپي پائيندي ڏسي چيائين هي جيڪو ٻاهر گند جو ٽيلهو آهي جنهن ۾ هميشه گند سڙندو رهي ٿو جيڪڏهن صبحاڻي ڪو ڇوڪرو سنڌي ٽوپي پائي آيو ته ان ۾ ساڙيندس۔ حالانڪه اهي پاڻ سڀ پشاوري سرحدي پٺاڻن وارا مڪمل لباس پائين ۽ پنهنجي قومي قبيلائي فلاڻو زئي اوڪزئي يوسف زئي ٽيڻو مٽيڻو سان پنهنجا نالا سڏائين ۽ الله جي فضل سان منهنجو نالو طاهر سنڌي ننڍپڻ کان ئي مونکي پسند آهي، ۽ انهيءَ ئي نالي سان سڃاتو وڃان ٿو۔ صبح ٿي سڀ ڇوڪرا مٿي تي ملاڻڪيون ٽوپيون پائي آيا۔ طاهر ته آيو ڪلاس ۾ پر سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان گڏ۔۔۔۔ ڇوڪرا بتالجي ويا۔۔۔ اڄ ته طاهر جو خير نه آهي۔۔۔ اڄ طاهر کي مدرسي مان نيڪالي ملندي۔۔۔ وغيره وغيره جڏهن اهو استاد آيو ڪلاس ۾ ويٺو مون تي نظر جو پيس پنهنجي مان شان سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ سان ٿڌا شوڪارا ڀري چوڻ لڳو۔۔ سنڌي تم نهين سڌروگي ۽ ڪلاس ۾ پڙهائي هليو ويو۔
جواب: سنڌي ٽوپي جي مخالفت جو پسمنظر 74 ادا توهان سڀ ڳالهيون سچ لکيون آهن، ادا مون ته وڏن وڏن عالمن کي سنڌي ٽوپي پائيندي ڏٺو آهي ۽ اهو به هميشه هميشه۔ ادا منهنجو هڪ دوست ۽ پاٽنر غلام فريد جماڻي صاحب جيڪو پاڪستان نيوي ۾ اسڪول ٽيچر آهي ان سان به اهڙيون جٺون ڪيون ويون هيون صرف سنڌي ٽوپي پائڻ جي ڪري، ۽ ان کي ته اسڪول ۾ اهيو پڻ چيو ويو ته توهان سنڌي ٽوپي پائيندو ته توهان کي نوڪري مان به ٻاهر ڪيو ويندو، مگر اسان جي هن دوست نوڪري جي به پرواه نه ڪندي ٽوپي پائڻ نه ڇڏي، ۽ اڄ ان کي پاڪستان نيوي جي اسڪول ۾ 22 سا ل ٿئي ويا آهن مگر پان اڃاتائين سنڌي ٽوپي پائيندو پيو اچي۔ اسان ته سڀ ڀائر سنڌي ٽوپي پائيندا رهندا آهيو، هت مان پنهنجون ڪجهه پراڻيون تصوير هڪ ٻه ونڊ ڪيا ٿو ممتاز علي وگهيو جي پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ يادگار تصوير استاد غلام فريد جماڻي (خيرپورميرس وارو ) پنهنجي اسڪول ۾ پڙهائيندي هڪ يادگار هڪ تصوير