مست
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جي سرپرست اعلى ۽ سنڌ جي پهرئين درجي جي شاعر سائين نثار ناز کي سنڌ سلامت تي سندن 300 موضوعن جي تڪميل تي دل جي گهراين سان مبارڪ پيش ڪجي ٿي۔ سائين نثار ناز جو هر موضوع سندن پنهنجي محنت سان تيار ڪيل هوندو آهي، جنهن ۾ مختلف ڏهاڙن تي سندن رپورٽون، وڊيو ڪوريج، تصويرون، سنڌ جي مختلف محفلن جو اکين ڏٺو حال احوال، سندن نئين نڪور شاعري، جيڪا تصويري صورت ۾ خوبصورت ڊزائين سان گڏ هاڻي سندن آواز ۾ به اسان تائين پهچڻلڳي آهي، اهڙن 300 قيمتي موضوعن جي تڪميل تي مون کي پاڻ سنڌ سلامت تي سڀ کان مٿانهان محسوس ٿين ٿا۔ ان کان علاوه پاڻ سنڌ سلامت لاءِ آف لائن به تمام گهڻو ڪم ڪري رهيا آهن، پاڻ جاکوڙي مڙس آهن، سندن محنت ڀرئي 300 موضوعن جي تڪميل تي آئون وري به کين دل جي گهراين سان مبارڪ باد پيش ڪريان ٿو۔۔۔۔
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي