دوستو! هيءَ ڪهاوت ته اوهان ٻڌي هوندي ته ” ڪٿي چور سڃا ڪٿي ڍرو سڃا“ مطلب ته ڪٿي چورن کي ڍور ناهن ملندا ۽ ڪٿي ڍور ته هوندا آهن پر چور ناهن هوندا ۔۔۔ دنيا جي امير ترين ماڻهن ۾ شمار ٿيندڙ گجراتي پٽ مڪيش امباڻيءَ دنيا ۾ قيمتي ۽ 27 منزلا گهر ٺهرائي دنيا جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۔۔۔ ۽ اڄڪلهه زبان عام آهي ۔۔۔ انسان جي دنيا به عجيب آهي ڪٿي ته عياشيءَ جا سڀ سامان ميسر هوندا آهن ۽ ڪٿي وري ويچارو انسان هڪ ويلي کائڻ لاءِ پيو سڪندو آهي ۔۔۔ ڪٿي ته سر لڪائڻ مشڪل ڪٿي ته اهڙا گهر جو ماڻهون پاڻ پنهنجي گهر جي ڪمرن کي گهمي نه سگهي ۔۔۔ عجب ڏٺي مون، صاحب تنهنجي صاحبي، پـــــن ٻـــــــوڙين پاتـــــــار ۾، پهڻ تارين تون، جيڪر اچين مون، ته ميريائي مان لهـان۔ مڪيش امباڻي دنيا جو قيمتي گهر
جواب: ڪٿي چور سڃا ڪٿي ڍور سڃا اهو سڀ ڪجهه عالمي سرمائيدارانه سسٽم جي ڪري ٿيو آهي، جنهن ۾ غريب ته غريب کان غريب تر(ين) ٿيندو پيو وڃي، ۽ امير وري دولتن جا رڪارڊ قائم ڪري امير کان امير ترين ٿيندا پيا وڃن۔۔ مون ٻه ڏينهن اڳ هڪ جاءِ تي پڙهيو هو ته اڄ به دنيا ۾روزانه گهٽ ۾ گهٽ 4000 هزار ماڻهو بک وگهي مرن ٿا، لکين ماڻهو روزانه بي گهر فٽ پاٿن تي سمهن ٿا، پاڪستان ۽ انڊيا ۾ هاڻي مهنگائيءَ جي ڪري اڌ کان وڌيڪ آبادي غربت جي لڪير کان به تمام هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي۔ جڏهن ته پاڪستان ۾جيڪي سياستداد آهن انهن جي دولتن ۾200 سيڪڙو کان 500 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي۔ کرڙپتي مان ڪروڙ پتي ٿي پيا آهن، پر وري به ٽيڪس يا ته ڏين نه ٿا يا جيڪڏهن ڏين ٿا ته ايترو ٽيڪس جيڪو عام پگهاردار طبقي جو ٽيڪس ڪٽجي ٿو۔۔۔
جواب: ڪٿي چور سڃا ڪٿي ڍور سڃا يار ابڙا ڏاڍي پيو ٻُڌائين اڄڪلهه چور ن جِي چاندي آهي، چورن جي سُڃائي واريون ڳالهيون هاڻي قصا ۽ ڪهاڻيون آهن، الٽو دور اچي ويو اٿئي جنهن ۾ اسان سڀ پيرن سان ڪونه هلندا آهيون پر مٿي ڀر رڙهندا آهيون، ڍور ويچارا گُگدام جن جي هٿن ۾ سندن واڳ هُو انهن جا، گدرو گدري کي ڏسي رنگ وٺندو آهي سو گگدام ڍور جڏهن چورن جي ور چڙهندا آهن ته هُو چورن جي ٻولي ڳالهائيندا آهن، ڀاڳيو ويچارو هاڻ ويل ۾ اٿئي ڀائو اهو مثال ڪونه ٻُڌو اٿئي ته چور ڇُٽي ڀاڳيو بند ٿي ويو، گلي گلي ۾ گهٽي گهٽي ۾ ڏاڍو الاڙي گند ٿي ويو(نثارناز)
جواب: ڪٿي چور سڃا ڪٿي ڍور سڃا بس سائين ان مناسبت سان هي آرٽيڪل پڙهي وٺو ..... بولو گي که بولتا هي جنهن جهنگ ۾ شينهن جي هوندي روزانو هڪڙي ٻڪري مرندي هئي، شينهن جي مارجڻ کان پوءِ روزانو ٻه ٻڪريون مرن ٿيون! جتي رڙ ڪرڻي هئي، ماڻهن هڪٻئي کي ڏسي خاموشي اختيار ڪئي. جتي هڪڙي رڙ غير ضروري هئي، ماڻهن اتي چار رڙيون ڪيون! منهنجو هڪڙو جائز مطالبو هو، ماڻهن جا کوڙ ناجائز مطالبا هئا. آئون غلط هئس، جتي مون ٻن نااهل استادن جي نااهليءَ جي ڳالهه ڪئي، اتي چار ٻيا به نا اهل هئا. مون جنهن موڙ جي حادثي جو ذڪر ڪرڻ چاهيو پئي، اتي کوڙ سارا حادثا ٿي ويا. موڙ جي بهتريءَ لاءِ ڪنهن ڪجهه ڪونه ڪيو! مون هڪڙي ضلعي ناظم جي 50 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جو ٻڌي مٿي تي هٿ ڏنا، پر وري مونکي ڪنهن ٻڌايو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد وارن اربين رپين کي جائز طريقي سان ناجائز ڪيو! جنهن هڪڙي جو مٿو ڦاڙيو، سو غلط هو، گهڻن جا مٿا ڦاڙڻ وارو واڳ ڌڻي آهي! عجيب بيوقوفيءَ جو جهان آهي. جيڪو ڪنهن هڪڙي پروگرام ۾ هڪ سٺي ڳالهه نٿو ڪري، هر پروگرام ۾ مهمان خاص به اهو ماڻهو! جيترو ٿا مهانگائيءَ جو روئڻ روئون، مهانگائي اوتري ٿي وڌي! سنڌي زميندارن کي پئسي جو درست استعمال اچي ڪونه پر پئسو انهن وٽ جام! جن رستن جي ٺهڻ لاءِ عوام رڙيون ڪندو ٿو رهي، سي رستا ٺهن ئي ڪونه، پر جيڪي رستا سٺي حالت ۾ آهن، مرمت جا ٽينڊر به انهن رستن جا ٿا اچن! جيڪي جوان آهن، ڪم ڪرڻ جي پوزيشن ۾ آهن، سي لاچار بڻيل آهن پر جيڪي جسماني طور تي لاچار آهن، ڪم به انهن کان ورتو وڃي ٿو! هڪڙن ماڻهن جا ٻار ٿين ڪونه، ٻيا وقفو ڪونه ڏين!! جن شين جي سڪ نه هوندي آهي، سي شيون بي تڪيون هونديون آهن. ليڊر شپ شين جو تعين ڪندي آهي ته ڪهڙو ڪم ڪٿي ۽ ڪنهن کي ڪرڻو آهي پر هتي ته قصو ئي عجيب آهي، جيڪو قانون کي گهربل آهي، سو قانون جي ڳالهه پيو ڪري! رام ڪرشن/کاهي
جواب: ڪٿي چور سڃا ڪٿي ڍور سڃا ادا مست ڳالهه ته واقعي 100 ٽڪا درست آهي پر انجو حل ڪو آهي ان متعلق دوست ڪا راء ڏين يا هي تماشو ائين ئي هلندو رهندو. دوست انقلاب جي ڳالهه ڪن ٿا ليڪن اهو انقلاب ڪير آڻيندو جڏهن ته هر روز نئين مهانگائي ليڪن ڪو به انجي خلاف آواز نه ٿو اٿي آخر هي ڪهڙو فلسفو آهي جو سڀ خاموش ذبح ٿيڻ لاء ڪنڌ جهڪايو بيٺا آهن. فقط پنهنجا چار گڏجي سرگوشي ڪرڻ ۾ مشغول آهن . ان جو ڪو حل ڪنهن ڏاهي وٽ آهي ته شيئر ڪري.