• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

۽ هڪ ٻي نياڻيءَ‌ جي لڄ تماشو ٿي وئي۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
ڪالهه جڏهن مون اخبار پڙهي ته منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا، اڃان هڪ ئي واقعو ذهن تان نه لٿو هو ته مٿان وري ٻي سنڌي نياڻيءَ‌جي عزت سان اهڙو وحشتناڪ واقعو پيش آيو جو نيٺ ان ٻيو ڪو حل نه ڏسي پاڻ‌کي موت جي منهن ۾ اڇلڻ بهتر سمجهيو۔۔۔
دادو شهر جي صائمه ميمڻ هڪ اين جي او ۾ ڪم ڪندي هئي، سندس رابطو فون تي هڪ شوز ڪمپني ۾‌ڪم ڪندڙ ظفر راجپوت سان ٿيو، جنهن بعد اهو ڪجهه ٿي ويو، جيڪو ان نياڻي کي موت جي منهن ۾ پاڻ‌کي پهچائڻ‌ تي مجبور ڪرڻ‌لاءِ‌ڪافي هو۔ انهن وحشي درندن پاران معصوم نياڻي کي ورغلائي سندس لڄ سان راند کيڏي تصويرن ۽ وڊيوز کي انٽرنيٽ تي اپلوڊ‌ڪيو ويو۔ اهو پهريون دفعو نه آهي، ان کان پهرين به هڪ سنڌي نياڻي سان اهڙو عمل ٿي چڪو آهي۔۔۔
پر ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪيترين ئي نياڻين سان اهڙا عمل ٿي چڪا آهن پر اهي عزت جي بدنامي جي خوف کان ظاهر نه ڪيا ويا آهن۔۔​

هيٺ ڪاوش مان اڄوڪي اخبار جي خبرن مان ڪجهه تفصيلي خبرن جا عڪس۔۔۔


دادو جي صائمه پيار جي دوکي ۾ اچي زندگي زهر بڻائڻ بعد آپگهات ڪيو، موبائيل، فوٽو ۽ خط مليا

دادو(رپورٽ:نظام شيخ) دادو ۾ اوباش ڇوڪرن پاران موبائيل فون ۽ نيٽ جي آڙ ۾ ڪيترين ئي نياڻين جي عزت نيلام ٿيڻ جو انڪشاف، صائمه پيار ۾ دوکي بعد آپگهات ڪيو، پوليس پاران موبائيل فون، فوٽو ۽ خط هٿ، تفصيل موجب جيتوڻيڪ ڪمپيوٽر جي دور ۾ دنيا تيزيءَ سان ترقي ڪئي آهي پر دادوءَ ۾ڪمپيوٽر، موبائيل فون ۽ نيٽ جي غلط استعمال سبب اوباش ڇوڪرن پاران ڪيترين ئي معصوم نياڻين کي بليڪ ميل ڪري پيار جي ڪوڙين ڪهاڻين جي چڪر ۾ آڻي دوکا ڪري سندن زندگي زهر بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، دادوءَ جي شهباز ڪالونيءَ جي رهواسي 20 سالن جي انٽر جي شاگردياڻي صائمه ميمڻ جي آپگهات ڪرڻ وارو واقعو پڻ پيار ۾ دوکو اچڻ سبب ٿيو آهي ۽ نوجوان ناري پريمي جي دوکي جو صدمو برداش نه ڪندي پاڻ تي پستول جا فائر ڪري زندگيءَ جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو آهي، صائمه جي والد محمد رجب ٻڌايو ته ڪراچيءَ جي هڪ شوز ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل ظفر راجپوت نالي اوباش نوجوان جا صائمه کي هڪ سال اڳ موبائيل تي واسطا ٿيڻ بعد شادي رچائڻ جي آسري تي ساڻس پيار جا ناتا جوڙيا پر پيار جي منزل شاديءَ تائين پهچي نه سگهي، نوجوان جي دوکي ڪرڻ بعد صائمه خودڪشي ڪئي آهي، ٻئي طرف چيو وڃي ٿو ته موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ جي غلط استعمال سبب نوجوان نارين کي بليڪ ميل ڪري اوباش ڇوڪرن پاران نياڻين جي عزت نيلام ڪرڻ جا ڪيترائي واقعا پيش اچي چڪا آهن پر معصوم نياڻيون پنهنجي والدين جي عزت کي بچائڻ خاطر اوباش ڇوڪرن پاران وڏيون وڏيون زيادتون ٿيڻ باوجود خاموش بڻيل آهن جنهن سبب اوباش نوجوان ڪارروائي کان بچي وڃن ٿا ۽ ڪارروائي نه ٿيڻ ڪري معصوم نياڻين کي اوباش ڇوڪرن پاران پيار جي دوکي ۾ آڻڻ جا واقعا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، ڪيترين ئي نياڻين جا گهر اجڙي ويا آهن پر معاملا ڳجهه ڳوهه ۾ دفن ٿي وڃن ٿا، دادوءَ ۾ صائما ميمڻ پاران عزت تي لڳل داغ برداش نه ڪرڻ سبب آپگهات ڪرڻ جي پيش آيل واقعي کانپوءِ پهريون ڀيرو دادو جي ڊي پي او جاويد احمد جسڪاڻي وڏي پيماني تي جاچ شروع ڪئي آهي، معلوم ڪرڻ تي ڊي پي او دادو ٻڌايو ته نياڻين سان دوکا ڪري سندن اجتماعي لڄالٽ جون موويز انٽرنيٽ تي جاري ڪرڻ ۽ ڪروڙين ماڻهن آڏو ڪنهن نياڻيءَ جو پاپ ظاهر ڪرڻ وڏو گناهه آهي، ڪوبه پيءُ ڪنهن نياڻيءَ سان ٿيندڙ اهڙي زيادتي برداش نه ڪري سگهندو، ان لاءِ اسان وڏي پيماني تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته صائمه جي زندگي ته وئي پر ڪارروائي ٿيڻ سان اهڙا ٻيا افسوسناڪ واقعا ٿيڻ کي روڪي سگهجي ٿو، ان لاءِ جوابدار ڪيترا به بااثر هجن انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني ويندي ته جيئن ٻيا اوباش ڇوڪرا عبرت حاصل ڪن، جڏهن ته 2 ڏينهن گذرڻ باوجود واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي.

مرڻ ته اڳ کپندو هو پر حالتن ساٿ نه ڏنو:صائمه جو آپگهات کان اڳ لکيل خط

دادو: ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته صائمه ميمڻ کي آپگهات ڪرڻ کان ڪجهه وقت اڳ موبائيل تي ڪالون آيون هيون، جنهن بعد رات دير سان کٽ تي ستل هوندي ئي هن پاڻ تي پستول جا فائر ڪري آپگهات ڪيو، جڏهن ته وارثن کي صائمه جو لکيل خط پڻ مليو آهي، جنهن ۾ 18 نومبر کان هفتو اڳ جي تاريخ لکيل آهي ان ۾ صائمه ڄاڻايو آهي ته مون کي مرڻ ته اڳ ۾ کپندو هو پر حالتن ساٿ نه ڏنو، آئون پنهنجي زندگيءَ کان تنگ اچي آپگهات ڪري رهي آهيان ۽ مون پستول ڪنهن همدرد کان ٻيو بهانو ڪري ورتو آهي ان خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وڃي ۽ بدنصيب صائمه ميمڻ کي هيءَ غلطي معاف ڪئي وڃي.

صائمه جو افسوسناڪ واقعو ظاهر ٿيڻ بعد ڪيترين ئي نياڻين ۾ خوف

دادو:ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته صائمه ميمڻ جيان دادو ۽ آس پاس جي شهرن ۾ اوباش ڇوڪرن پاران ڪيترن ئي معصوم نياڻين کي موبائيل فون ۽ نيٽ ذريعي بليڪ ميل ڪرڻ جا واقعا پيش آيا آهن پر اهي ظاهر نه ٿي سگهيا آهن، صائمه جو افسوسناڪ واقعو ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ڪيترين ئي نوجوان نارين ۾ خوف متل آهي، ساڳي وقت ڪيترن ئي والدين پنهنجي نياڻين کي موبائيل فون استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي

 
جواب: ۽ هڪ ٻي نياڻيءَ‌ جي لڄ تماشو ٿي وئي۔۔۔

تمام وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اهڙي قسم جون موويز کي انٽرنيٽ تي اپلوڊ ڪري سر عام ماڻهن آڏو رکيون وڃن ٿيون خبر ناهي ڇو اڄ ڪلهه جي ينگ جنريشن موبائيل ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي کي غلط استعام ڪري رهيا آهن افسوس صد افسوس اهڙا واقعا بري هن ڀنڀور ۾ ...

وس وارن کي اپيل آهي ته ان مٿين واقعي ۾ ملوٽ نوجوان کي گرفتار کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي

ته جيئن ٻين لا۽ اهو سبق آموز قصي طور ڳالهه سامهون اچي

سدائين گڏ
 
جواب: ۽ هڪ ٻي نياڻيءَ‌ جي لڄ تماشو ٿي وئي۔۔۔

اهڙي قسم جي حرڪت ڪندڙن کي اهو احساس نه ٿو ٿئي ته ڇا انهن جي گهر ۾‌ڪا نياڻي نه آهي، ڪا ماءِ ڀيڻ نه آهي۔۔؟؟؟‌جيڪڏهن الله نه ڪري انهن سان ايئن ٿئي ته پوءِ۔۔؟؟؟؟؟
مولا علي عليه السلام جو هڪ فرمان آهي ته ”غيرت مند شخص ڪڏهن به زنا نه ڪندو آهي“
هتي ته زنا کان به وڌيڪ گناهه ڪري نياڻين جي عزت کي پائمال ڪيو پيو وڃي۔۔۔۔ هي شاهه لطيف رح جي نگريءَ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي۔۔
 
جواب: ۽ هڪ ٻي نياڻيءَ‌ جي لڄ تماشو ٿي وئي۔۔۔

دادو جي صائمه ميمڻ جو درد

27 نومبر جي ”ڪاوش“ ۾ دادوءَ مان رپورٽ ٿيو آهي ته دادو جي 22 سالن جي نياڻي صائمه ميمڻ مبينا طور پنهنجون (اعتراض جوڳيون) تصويرون انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ٿيڻ بعد خودڪشي ڪري ڇڏي. سنڌ ڌرتي تي ماضي ۾ علي حيدر شاهه جهڙا غيرت مند پٽ پيدا ٿيا آهن. جنهن سنڌ جي هڪ نياڻي ”شيرين سومرو“ سان ٿيندڙ زيادتي خلاف ڀرپور احتجاج ڪري پنهنجي زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏي. اڄڪلهه نوجوانن کي ڇا ٿي ويو آهي. جيڪي پاڙي جي نياڻي، شهر جي نياڻي، گڏ جاب ڪندڙ نياڻي سان بگهڙن وارو سلوڪ ڪن ٿا، دوکا ڪن ٿا، نياڻين جون زندگيون برباد ڪن ٿا، اسڪولن، اسپتالن، مسافر خانن، شاپنگ سينٽرن، بازارن ۽ جاب تي ويندڙ نياڻين کي ڌمڪائي، ڊيڄاري، ورغلائي سبز خواب ڏيکاري هو سندن زندگيون تباهه ۽ برباد ڪري نجي ڪچهرين ۾ ڪش هڻي گلاس ٽڪرائين ٿا. ڇا ٻين جي عزت جو جنازو ڪڍڻ وارن کي هڪ منٽ لاءِ اهو خيال ذهن ۾ اچي ٿو ته ڪير هنن جي عزت جو جنازو ڪڍي ته پوءِ؟! ٻين جي نياڻي کي اسڪول ويندي تنگ کي سوچڻ گهرجي ته سندس ڌيءَ ۽ ڀيڻ کي اسڪول/ڪاليج ويندي ڪو تنگ ڪري، ورغلائي ته پوءِ؟ ٻين جي نياڻين کي مس ڪالون ڏيندڙ/ميسيج ڪندڙ ۽ تذليل جو شڪار بنائيندڙ ڪندڙ کي سوچڻ گهرجي جيڪڏهن سندس فيملي سان ايئن ٿئي ته پوءِ؟ مرضي سان شادي هر بالغ پٽ ۽ ڌيءُ جو حق آهي پر ڪنهن کي ٺلهو دوکي ۾ رکي ڪنهن جي زندگي تباهه ڪرڻ جي اجازت ڪهڙو قانون ڏئي ٿو؟ اڄ دادو جي نياڻي سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو ظلم زيادتي جي انتها آهي. اهو خودڪشي نه پر قتل جو ڪيس آهي ۽ قاتل اهي آهن جن صائمه جون تصويرون انٽرنيٽ تي اپ لوڊ ڪيون. اسانجي پوليس اختيارين کي پرزور اپيل آهي ته ان واقعي جي تهه تائين پهچي، صائمه کي آپگهات تي مجبور ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائين.

صديق ڀرڳڙي/نندو شهر
 
جواب: ۽ هڪ ٻي نياڻيءَ‌ جي لڄ تماشو ٿي وئي۔۔۔

سوال اهو آهي ته ان نياڻيءَ پنهنجي لڄ کي پاڻ تماشو بڻايو يا ٻين سندس زور زبردستيءَ لڄ کي تماشو ڪيو ۔۔۔؟؟؟

هن سوال جي پويان ڪيترائي سوال آهن ۔۔۔ مثال

* اهو سمورو ڏوهه ڪنهنجو؟
مالڪن (والدين( جو، سماج جو، ڇوڪريءَ جو يا ان نوجوان جوجنهن اهو ڪم ڪيو ۔۔۔۔؟؟؟

منهنجي خيال ۾ ان ڏوهه ۾ سڀ جا سڀ ڏوهاري آهن، ڪو هڪ نه ۔۔۔!!! جڏهن معاشري جا اهڙا گهر جيڪي پنهنجي اندر شيطان کي ڪا ٿوري گهڻي وٿي ڏين ٿا، اهڙا معاشرا جن ۾ شيطان کي گهر ٺاهي ڏنا وڃن ٿا ته انهن گهرن جا ڀاتي يا معاشري جا رڪن ماڻهون به ان شيطان جا ساٿي ٿي اهڙا ڪم ڪري وجهندا آهن جيڪي اسانکي نظر اچن ٿا ۔۔۔

دنيا جي سڀني ملڪن ۾ اهڙا واقعا ٿين ٿا ۔۔۔ دنيا جي سڀني معاشرن ۾ اهڙا واقعا ٿين ٿا ۽ دنيا جي هر انسان جو پيڇو شيطاني سگهون ڪن ٿيون ۔۔۔ هاڻ انهن شيطاني سگهن جو مقابلو ڪرڻ ئي اصل ڪاميابي آهي ۔۔۔ رحماني راهه طرف هلڻ آهي ۔۔۔

ڇوڪريءَ پنهنجي جوانيءَ جي تاب کي نه سهندي پنهنجو پاڻ کي شيطان جي حوالي ڪيو ۽ اهو واقعو پيش آيو ۔۔۔ ۽ جيڪي نوجوان ڇوڪرا يا ڇوڪريون پيار جي نالي ۾ يا عشق جي نالي ۾ پنهنجو جسم، پنهنجي لڄ ۽ پنهنجا جذبا، مذهب، ثقافت يا اصولن جي خلاف استعمال ڪن ٿا، تن سان اهڙا واقعا ٿيڻ جائز آهن ۽ ٿيندا رهندا ۔۔۔

شيطاني راهه کليل ۽ چمڪيدار آهي ۔۔۔ انڪري ان کليل شيطان جي چمڪندڙ راهه کان پاڻکي بچائڻ ئي اصل ڪاميابي آهي ۔۔۔ دين ۽ دنيا جي ڪاميابي ۔۔۔

رب تعالا اسانکي سمجهه عطا ڪري ۔۔۔۔ ستر ڪج ستار، آءُ اگهاڙي آهيان ۔۔۔۔ آمين
 
جواب: ۽ هڪ ٻي نياڻيءَ‌ جي لڄ تماشو ٿي وئي۔۔۔

سائين نثار اوهان بلڪل درست پيا چئو، انهيءَ‌ڳالهه کي مدنظر رکندي ڪالهه مون هڪ موضوع راءِ شماري جي اندر پوسٽ‌ڪيو هو، جيڪو موبائل جي استعمال متعلق هو۔۔
 
جواب: ۽ هڪ ٻي نياڻيءَ‌ جي لڄ تماشو ٿي وئي۔۔۔

نوجوان ڇوڪرين کي محبت ۽ عشق جو سبق ڏيڻ وارا ته اڄ ڪلهه جا چينل به آهن۔۔۔ ڪو ڊرامو هجي يا فلم، گيت هجي يا غزل هر جڳهه تي بس عشق جي داستان لکيل آهي۔۔۔ اڄ جو نسل يا ته فلم ڏسي ڌاڙيل ٿيڻ جو شوق ٿو رکي يا اوباش ٿي سيٽيون وڄائڻ جو شوقين۔۔۔ ۽ ڇوڪريون گهرن جي چارديواري جي اندر اهڙن چينلن جي چمڪ کي ڏسي پنهنجي خوابن جا هيروز جانچڻ ۾ رڌل آهن۔۔۔۔ اهڙن ڇوڪرن لاءِ آسان شڪار ٿيو وڃن جيڪي کين شادي ڪرڻ جي لالچ ۾ ڦاسائي انهن کان غلط ڪم وٺڻ جا شوقين هوندا آهن۔۔۔
افسوس ته اسان جون اهي سنڌياڻيون ڪنوارپ ۾ جيڪي اڳ امڙ جي ڇانوَ ۾ رهي ڪري عزت ۽ غيرت کي محفوظ رکنديون هيون سي پڻ مائرن کي پراڻي دور جون عورتون سمجهڻ لڳيون آهن۔۔۔ ۽ پنهنجي خوابن ۽ انهن جي حقيقتن ۾ ڪافي اڳتي نڪريو وڃن۔۔ هي ته هڪڙي صائمه آهي پر سوچجي ته هن معاشري ۾ اهڙيون کوڙ صائمائون آهن۔۔۔
پنهنجي نسل ۽ پنهنجي معاشري مان انهن غلط ڪارين کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي وڌيڪ ڪوششون ڪرڻيون پونديون۔۔۔ ۽ مان سنڌ سلامت پليٽ فارم تان پنهنجي سنڌي چينل تي ڪم ڪندڙ دوستن کي گذارش ڪندس ته خدارا معاشري جي اهڙين براين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو واڌو ڪردار نڀائين۔۔۔ ان کان سواءِ والدين کي گهرجي ته نياڻين کي تعليم ته ڏيارين پر معاشري ۾ موجود اهڙن واسينگن کان پنهنجي نياڻين کي بچائڻ لاءِ چار اکيون چار ڪن رکن۔۔۔
دعا آهي ته رب پاڪ هر سنڌ جي هر نياڻي کي پنهنجي عزت ۽ غيرت کي سنڀالڻ جو عقل عطا فرمائي۔۔۔
 
جواب: ۽ هڪ ٻي نياڻيءَ‌ جي لڄ تماشو ٿي وئي۔۔۔

افسوس ادا اسان سنڌي هڪ غيرتمند قوم کي اهڙو عمل ڪرڻ جگائي ڪونه پيو.....

خدا سنڌ جي هر نياڻي کي پنهنجي عزت بچائڻ جو عقل عطا فرمائي & انهن سڀني عنصرن کي به سڌرڻ جي توفيق عطا فرمائي جيڪي سماج جي لا هانڃيڪار آهن......
 
جواب: ۽ هڪ ٻي نياڻيءَ‌ جي لڄ تماشو ٿي وئي۔۔۔

اهڙي ڪم ڪرڻ واري کي وچ شهر ۾ بيهاري گوليون هڻي عبرت جو نشانو بڻائڻ گهرجي۔​
 
جواب: ۽ هڪ ٻي نياڻيءَ‌ جي لڄ تماشو ٿي وئي۔۔۔

نوجوان ڇوڪرين کي محبت ۽ عشق جو سبق ڏيڻ وارا ته اڄ ڪلهه جا چينل به آهن۔۔۔ ڪو ڊرامو هجي يا فلم، گيت هجي يا غزل هر جڳهه تي بس عشق جي داستان لکيل آهي۔۔۔ اڄ جو نسل يا ته فلم ڏسي ڌاڙيل ٿيڻ جو شوق ٿو رکي يا اوباش ٿي سيٽيون وڄائڻ جو شوقين۔۔۔ ۽ ڇوڪريون گهرن جي چارديواري جي اندر اهڙن چينلن جي چمڪ کي ڏسي پنهنجي خوابن جا هيروز جانچڻ ۾ رڌل آهن۔۔۔۔ اهڙن ڇوڪرن لاءِ آسان شڪار ٿيو وڃن جيڪي کين شادي ڪرڻ جي لالچ ۾ ڦاسائي انهن کان غلط ڪم وٺڻ جا شوقين هوندا آهن۔۔۔
افسوس ته اسان جون اهي سنڌياڻيون ڪنوارپ ۾ جيڪي اڳ امڙ جي ڇانوَ ۾ رهي ڪري عزت ۽ غيرت کي محفوظ رکنديون هيون سي پڻ مائرن کي پراڻي دور جون عورتون سمجهڻ لڳيون آهن۔۔۔ ۽ پنهنجي خوابن ۽ انهن جي حقيقتن ۾ ڪافي اڳتي نڪريو وڃن۔۔ هي ته هڪڙي صائمه آهي پر سوچجي ته هن معاشري ۾ اهڙيون کوڙ صائمائون آهن۔۔۔
پنهنجي نسل ۽ پنهنجي معاشري مان انهن غلط ڪارين کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي وڌيڪ ڪوششون ڪرڻيون پونديون۔۔۔ ۽ مان سنڌ سلامت پليٽ فارم تان پنهنجي سنڌي چينل تي ڪم ڪندڙ دوستن کي گذارش ڪندس ته خدارا معاشري جي اهڙين براين کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو واڌو ڪردار نڀائين۔۔۔ ان کان سواءِ والدين کي گهرجي ته نياڻين کي تعليم ته ڏيارين پر معاشري ۾ موجود اهڙن واسينگن کان پنهنجي نياڻين کي بچائڻ لاءِ چار اکيون چار ڪن رکن۔۔۔
دعا آهي ته رب پاڪ هر سنڌ جي هر نياڻي کي پنهنجي عزت ۽ غيرت کي سنڀالڻ جو عقل عطا فرمائي۔۔۔
ادا سڀ کان پهرين ته ان ڳالهه جو جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي، مان تمام وڌيڪ ڏکارو آهيان ته دادو منهنجو شهر آهي، ۽ اهيو دل ڏکائيندڙ واقعو دادو ۾ ٿيو آهي، سڀ ڳالهيون پنهنجي جاء تي مگر مان محترم دوست عبدالرشيد سمون صاحب جي ڳالهه سان سو سيڪڙو متفق آهيان ته اسان جي معاشري کي خراب ڪندڙ اسان جا موجوده سنڌي چينل آهن جنهن اسان جي ڪلچر کان هٽي ڪري خبر نه آهي ته ڪهڙا ڪهڙا سبق ڏنا آهن جو جنهن جي سامهون واري چمقدمق اسان جي ڇوڪريون کي مختلف چڪرن ۾ ڦاسايو ٿي ڇڏي، ۽ آخرڪار پنهنجون زندگيون وڃايو ٿيون ڇڏين۔ پنهنجي زندگي وڃائڻ ڪو آسان ڪم ته نه آهي مگر هن ويچاري پنهنجي عزت جي ڪري پنهنجي خوبصورت زندگي تان به هٿ کڻي ڇڏيو، هئڻ ته ائين گهرجي ته ان نينگر جي موت جي ڪارڻ واري ڏوهي شخص کي موت جي سزا ٻڌائي کيس سري عام ڦاسي چاڙهيو وڃي ته جيئن آئينده ڪنهن صائمه ميمڻ جو اهيو حال نه ٿئي، پر افسوس جو شايد ائين نه ٿئي، مگر اسان ملڪ جي چيف جسٽس صاحب کي اهيا درخواست ڪندا سين ته صاحب جن خود ان ڳالهه جو نوٽيس وٺن ۽ انهن ڏوهارين کي ڪڙي مان ڪڙي سزا ڏني وڃي۔
 
Back
Top