جنهن جو مثل نه مثال ڪو، مزو تنهن جو ماڻ عقل ۽ دليل کان اڳتي خيال اماڻ اتان ئي ڪا آڻ جو اونهي خبر اعجاز چئي۔ اعجاز سائين جي خوبصورت شاعري سان آغاز ڪندي فقير نديم جمالي جي طرفان سنڌ سلامت ساٿ سلامت جي محفل ۾ موجود سڄي سنگت کي سڪ ڀريو سلام قبول هجي۔ مان هن عظيم محفل کي سجائيندڙ انتظاميه جو ٿورائتو آهيان جو مون فقير کي هن قرب جي ڪچهري ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي۔ اڄ اتفاق سان نيٽ تي سرچ ڪندي منهنجي نظر هن فورم تي پئي۔ هن فورم کي ڏسي ڪري ڏاڍي خوشي ٿي آهي۔ اسان اجايو پنهنجو وقت فيس بڪ ۽ ٻين اجاين فورمز تي وڃايوسين۔ انشاءالله هاڻي ته روز اچبو۔ وري ملنداسين۔ سنڌ سلامت۔ ساٿ سلامت۔
جواب: صوفي جو سڪ ڀريو سلام ادا فقير نديم جمالي صاحب! اوهان کي سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران سنڌ سلامت تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي، سنڌ سلامت فورم جو مقصد ئي اهو آهي ته پنهنجا سڀ سنڌي دوست اچي هتي گڏ ٿين ۽ سنڌ جي مسئلن جي حل، تهذيب، تمدن، ماحول، ٻولي جي ڀلي ۽ اوسر جي لاءِ جاکوڙ ڪجي۔۔۔ اميد ته توهان هن محبتي اڱڻ تي هڪ فعال رڪن جي حيثيت سان سرگرم رهندا۔۔
جواب: صوفي جو سڪ ڀريو سلام محترم دوست فقير سائين حق موجود اوهانجا سلام اکين تي، ۽ اوهانجي دوستي جا قدم سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پيا، ان جي خوشي الڳ ٿي آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت جي نالي مان ئي سنڌ سلامت جي دوستن جو مقصد چٽو ۽ روشن آهي ۔۔۔ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سڀني ٻولين جون ايترون ته جڳهئون آهن جو ماڻهون گهمي گهمي ٿڪجي پوي پر جڳهئون ڪون کٽن ۔۔۔ پر سنڌي ٻولي تي نظر ڪبي ته ڪافي ڪمي نظر ايندي، جت سنڌي سٻاجهڙا پنهنجي اندر جي ڳالهه ڪري سگهن ۽ سور سلي سگهن ۔۔۔ ان ڳالهه کي محسوس ڪندي سنڌ سلامت جي دوستن سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه لا هي اوطاق سجائي آهي ۔۔۔ اميد آهي ته اسين سڀ ملي جلي هن اوطاق کي اڃان ڀلارو ۽ ڪارائتو ڪندا رهنداسون ۔۔۔ بس ضرورت آهي سچن دوستن جي جيڪي اوهانجي روپ ۾ ايندا رهنٿا ۽ اسانجي رهنمائي ڪندا رهنٿا ۔۔۔ اوهان سنڌ سلامت جي اوطاق جي هر ڪمري ۾ گهمي ڏسندا ۽ پنهنجي مقصد جا ليک ڳولهي لهندا، ۽ اوهان وٽ به ڪي ڪارائتا ليک يا خيال هجن تي ڀليڪار ٿيندي ۔۔۔ اچو ڙي سورن واريون، ڪريون سور پچار، ڪني ٿورا، ڪني گهڻا، ناهي ڪا سورن ڌار، ڏنا جي ڏاتار، مون جهولي پائي جهليا۔ سنڌ سلامت جو اڱڻ، اوهانجي اوطاق آهي، اميد ته پنهنجائپ جي پيچن سان رشتا گهرا ڪندا رهندا ۔۔۔ ذهن ۽ سوچ کان مٿاهون پرين، اسانجو، سنڌ جو ساڻي هجي ۔۔۔ آمين
جواب: صوفي جو سڪ ڀريو سلام ادا نديم جمالي صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ادا اميد ته توهان سان اسان جو ساٿ سٺو نڀندو ادا اسان کي اوهان جي نڪور لکڻين جوانتطار رهندو سدائين گڏ
جواب: صوفي جو سڪ ڀريو سلام دوست نديم جمالي اسان اوهان کي سنڌ سلامت جي محبتي ميڙ جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار پيا ڪيون۔۔۔ صوفِيءَ صاف ڪيو، ڌوئِي ورق وُجُود جو؛ تِهان پوءِ ٿيو، جيئري پسڻ پرينءَ جو سنڌ صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي رهي آهي ، ان ئي مٽيء جا ماڻهو انٽر نيٽ تي سنڌي ٻولي جي سائيٽن جي ڳولها ۾ هوندا آهن۔ اوهان به انهن مان آهيو۔ سنڌ سلامت جو فورم سنڌيت جي پرچارڪ ڪرڻ ۾ هر وقت ڪوشان رهي ٿو ۔ اسان اميد ٿا ڪيون ته اوهان به ان ساٿ ۾ اسان سان گڏ هوندا ۽ پنهنجي خوبصورت خيالن کان اسان کي واقف ڪندا رهندا۔ اوهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔ مهرباني
جواب: صوفي جو سڪ ڀريو سلام ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪوهه ڄاڻان ڪهڙا پرين سوين سج اُلهي واجهائيندي ويام تنين سال ٿيام جنين ساعت نه سهان (شاه عبدالطيف ڀٽائي) حق موجود سدا موجود عزيز ۽ عظيم دوستو، مان توهان سڀني جو بيحد ٿورائتو آهيان، جو توهان سڀني مون فقير جو هن سهڻي محفل ۾ انتهائي پرجوش آڌرڀاء ڪيو۔ دوستو، جيئن ته مان هن محفل ۾ نئون آهيان، ۽ مان هن محفل ۾ صوفي ازم جي موضوع تي ڪچهري شروع ڪرڻ چاهيان ٿو۔ تنهنڪري پراڻن دوستن کي اها گذارش ڪندس ته ان سلسلي ۾ فقير جي رهنمائي ڪن۔ ته جيئن محفل کي وڌيڪ سجائي سگهجي۔ مهرباني۔ سنڌ سلامت، ساٿ سلامت۔
جواب: صوفي جو سڪ ڀريو سلام ادا نديم سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار۔۔ خوشي ٿي ته سنڌ سان چاهه رکندڙ دوست جو پنهنجي سنگت ۾ اضافو ۾ ٿيو۔۔۔ يقينن توهان جهڙي قابل دوست کان ڪجهه سکڻ جو موقعو به ملندو۔۔۔ سنڌ سلامت فورم جي سڀني ڪمرن کي پڙهي ڏسو ۽ ڪاٿي به پنهنجي صوفي ازم موضوع جي شروعات ڪريو۔۔ سنڌ سلامت کي فخر آهي ته فورم تي انتهائي قابل دوست پڻ موجود آهن۔۔۔ ڪجهه يقينن توهان علم روشناس ٿي حمايت ڪندا ۽ ڪي اصلاح ڪندا۔۔ ۽ اهڙي طرح سکڻ ۽ سيکارڻ جو سلسلو جاري رهندو۔۔ توهان جي لکڻين جو انتظار رهندو۔۔