ماھيگيرن جي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ حڪومت جي بي حسي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ماھيگيرن جي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ حڪومت جي
    بي حسي​

    [​IMG]
    سامي ميمڻ
    سنڌو درياءَ، ڍنڍن ۽ سمنڊ ڪنارن تي صدين کان آباد مھاڻن پنھنجي مسئلن ۽ سورن کي وساري پنھنجي پـُراسرار دنيا ۾ پورھيو ڪريي، جوکم کڻي انساني حياتين لاءِ مڇيءَ جي نالي ۾ پھرين ۽ ڀرپور خوراڪ مھيا ڪري رھيا آھن. اھو عمل تڏھن کان جاري آھي جڏھن نھ سائنس ايڏي گھڻي ترقي ڪئي ھئي، نھ مشينون ھيون ۽ نھ ئي ڪمپيوٽر، تڏھن بھ ھي مھاڻا پنھنجي ڪـِرت ۾ ماھر ٻيڙيون ٺاھي، ڄار اوڻي سمنڊ توڙي درياءَ ۽ ڍنڍن جي دھشت ۽ ھيبتناڪ لھرن سان مھاڏو اٽڪائي ماڻھن کي حيران ڪندا رھيا آھن.
    صدين جي ھن قصي کي ڇڏي اسان رڳو پاڪستان قائم ٿيڻ واري عرصي تي نظر وجھنداسين تھ سواءِ حيرت ۽ مايوسيءَ جي ڪجھھ بھ پلئھ نھ پوندو. مھاڻن جن جي ھن ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگھي واري ھڏيءَ جي حيثيت آھي، جيڪي ساليانو 12 ارب رپيا پرڏيهي ناڻو ڪمائي حڪومت جي خزاني کي ڀري رھيا آھن، پر پوءِ سندن ڏينھون ڏينھن ابتر ٿيندڙ معاشي، سماجي، اقتصادي ۽ انساني حقن جي صورتحال ۾ ڪو بھ سڌارو نھ آيو.
    اڄ سڄي دنيا ۾ مھاڻن جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي، سڄي دنيا جا مھاڻا ڍنڍن، ڍورن، درياءَ ۽ سمنڊ جي ڪپن تي گڏجي پاڻ ۾ خوشيون ملھائيندا ۽ پنھنجن مسئلن جو پٽار ڪندا. پر سنڌ جا بدنصيب مھاڻا ان ڏھاڙي جشن ملھائي خوشين بدران پنھنجن مسئلن ۾ ايترو تھ پريشان ۽ منجھيل ھوندا، جو لطيف جي ھن بيت وانگر (وئي ويچارن وسري، خوشيءَ ۽ خريد). بدحال ۽ بيچين ھوندا.
    ماھيگيرن جو ھي عالمي ڏھاڙو ماهيگيرن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ان وقت ڪيو ويو جڏهن 1997ع ۾ دنيا جي هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن ۾ ماهيگيرن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن، ادارن ۽ شخصيتن هندستان جي شهر نئين دهلي ۾ چار ڏينهن جي گڏيل ڪانفرنس ڪوٺائي. ان ڪانفرنس ۾ پاڪستان کان پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه پنهنجي ساٿين سميت شريڪ ٿيو. ان ڪانفرنس ۾ ماهيگيرن جي عالمي تنظيم ”ورلڊ فورم آف فشر پيپلز“ جوڙي وئي، ماهيگيرن جي مسئلن تي بحث مباحثو ڪيو ويو ۽ آخر ۾ طئي ڪيو ويو ته هر سال 21 نومبر تي سڄي دنيا ۾ ”ماهيگيرن جو عالمي ڏهاڙو“ ملهايو ويندو ۽ سڄي دنيا جي ڌيان ماهيگيرن جي مسئلن طرف ڇڪايو ويندو.
    پاڪستان جي آئين ۾ عوامي حقن جي ڳالھھ تھ ٿيل آھي، پورھيتن کي عزت، مقام، اھميت ۽ حق تھ مليل آھن، پر انھن تي عمل ڪرڻ ڄڻ تھ ڏوھھ ٿي پيو آھي. آئين ۾ مليل سمورا حق ڪاغذن جو کاڄ بڻجي ويا، پر غريب مھاڻن جا اگھاڙا انگ ۽ بکيا پيٽ نھ ڀري سگھيا. سنڌ جي 20 لک مھاڻن جو جياپو اڄ بھ عذاب بڻيل آھي، سندن بنيادي انساني حق نظرانداز ۽ ھڙپ ڪيل آھن، سندن روزگار جي وسيلن تي اڄ بھ بااثر وڏيرا، ٺيڪيدار، سياسي اڳواڻ ۽ ڪامورا قابض آھن، اڄ بھ کين بدترين تشدد جو نشانو بڻائي جيلن ۾ واڙيو وڃي پيو، سندن ٻيڙيون ٽوڙيون ۽ ساڙيون وڃن پيون، سندن رڇ (ڄار) ڦري ڦاڙيا وڃن پيا، سندن وسنديون اڄ بھ بنيادي سھولتن کان محروم آھن، پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونھي، صحت لاءِ اسپتال ڪونھي، پڙھڻ لاءِ اسڪول ڪونھي، شھر وڃڻ لاءِ رستو ڪونھي. ھي آباديون ھڪ اھڙو سواليھ نشان بڻيل آھن جن جو حڪمرانن وٽ 62 سالن گذرڻ باوجود ڪو جواب موجود ڪونھي. اچو تھ ٿورو مھاڻن جي تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم طرفان جاري مھاڻن جي محنت ۽ اپت تي ٿورو نظر وجھون پاڪستان ۾ 40 لک مھاڻا سالياني 6 لک 65 ھزار ميٽرڪ ٽن مڇي جي پيداوار ڏين ٿا، جن مان مٺن پاڻين مان 1 لک 85 ھزار ميٽرڪ ٽن ۽ سمنڊ مان 4 لک 80 ھزار ميٽرڪ ٽن مڇي جي پيداوار حاصل ڪئي وڃي ٿي، جنھن مان حڪومت کي ساليانو 12 ارب رپيا زرمبادلي طور رقم حاصل ٿئي ٿي، تنھن ھوندي بھ رياست ماھيگيرن جي روزگار ۽ حقن جي حفاظت لاءِ اڃان تائين ڪا بھ فشريز پاليسي جوڙي نھ سگھي آھي، جنھن ڪري ملڪ جا لکين مھاڻا سماجي ۽ معاشي پٿراءُ جو شڪار آھن.
    عالمي قانون موجب مھاڻن کي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي جي ڏوھھ ۾ گرفتار نٿو ڪري سگھجي، پر اسان جا ملڪ دشمنيون پاڙڻ لاءِ مھاڻن کي جھلي ڪڏھن اسمگلنگ تھ ڪڏھن چوري يا ٻين ڪوڙن الزامن ۾ قيد ڪري رھيا آھن. اڻ ڳڻيا مسئلا سمنڊ، درياءَ ۽ مھاڻن کي چوڌاري وڪوڙي ويا آھن، صورتحال انتھائي ڳڻتيءَ جوڳي ٿي پئي آھي. ھن وقت سمنڊ ۾ ھنگامي حالتون آھن، سمنڊ ۾ چاڙھھ وڌي رھيو آھي ۽ مڇي مارڻ جي غير فطري طريقن ۾ واڌارو ٿي رھيو آھي. دنيا جي سائنسدانن جي سروري موجب اھا صورتحال برقرار رھي تھ 2045ع ۾ سمنڊ مان مڇي جا ذخيرا مڪمل طور ختم ٿي ويندا. اھڙين حالتن ۾ ھن جمھوري حڪومت جون ذميداريون وڌي وڃن ٿيون تھ ھو عوام سان ڪيل واعدن تي عمل ڪندي سندن روزگار جي حفاظت لاءِ سائنسي طرح جوڳا اپاءُ وٺي. ھن وقت مھاڻا مسئلن ۽ روزگار جي وسيلن جي تحفظ لاءِ ترقياتي رٿائن، ڀلائي لاءِ پيڪيج ڏيڻ، مڇي مارڻ لاءِ پاليسي جوڙڻ جو مطالبو ڪري رھيا آھن
    9 سالن جي اذيتناڪ آمراڻي دور کان پوءِ جمھوري عمل جي ابتدا ٿي آھي، پورھيت عوام خاص ڪري مھاڻن جي حمايت ۽ ووٽن سان جمھوري حڪومت قائم ٿي چڪي آھي، وزارتون ورھائجي چڪيون آھن، ميڊيا آزاد ٿي چڪي آھي، انساني حقن ۽ سھولتن جي بحاليءَ جون دعوائون ڪيون وڃن پيون، گـُھٽ ۽ ٻـُوسٽ واري ماحول مان عوام آجو ٿي آزادي جو ساھھ کنيو آھي، ھر طرف جمھوريت، آزادي ۽ انصاف جا ھوڪا ھلي رھيا آھن، تڏھن اسين مھاڻن جي انساني حقن متعلق انتھائي ڳڻتيءَ جو اظھار ڪريون ٿا، اڄ بھ ڇڙواڳ ڪامورا اڳوڻا ٺيڪيدار ۽ بااثر وڏيرا من مستيون ڪري رھيا آھن، ٺيڪيداري نظام جي خاتمي باوجود ھو مڇي مارڻ جي شھيد بينظير ڪارڊن کي مڃڻ ۽ مھاڻن کي سھولتون ڏيارڻ ۾ رڪاوٽون وجھي رھيا آھن. صديون گذرڻ باوجود اڄ بھ مھاڻا پنھنجي وسيلن ۽ بنيادي حقن لاءِ واجھائي رھيا آھن ۽ اڄ بھ موجوده جمھوري حڪومت کان سنڌ جا مھاڻا اھو مطالبو ورجائي رھيا آھن تھ سندن بنيادي حق بحال ڪريو، روزگار بچايو، پـُرتشدد ڪارروايون بند ڪريو، فشريز آرڊيننس مان ٺيڪيداري نظام کي مڪمل ختم ڪرڻ وارو بل سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪريو، سمنڊ مان سرحدن جي ڀڃڪڙيءَ جي آڙ ۾ غريب مھاڻن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪريو، ڊيلٽا کي پاڻي ڏيو، ڪراچي جي مھاڻن کي قديمي جيٽيون ڏيو، ڊيپ سي ٽرالر ۽ سنھا ڄار ختم ڪريو، گندگي ۽ زھريلي پاڻيءَ جو سمنڊ ۾ ڇوڙ بند ڪريو، پائيدار فشريز پاليسي ڏيو، مھاڻن جي ڳوٺن کي بنيادي سھولتون ۽ ترقياتي رٿائون ڏيو، ايل بي او ڊي ۽ آر بي او ڊي جھڙا خطرناڪ منصوبا ختم ڪريو ۽ سنڌوءَ جي ڪپن تي وڏا ڊيم ٺاھڻ بند ڪريو. بشڪريه عوامي آواز
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ماھيگيرن جي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ حڪومت جي بي حسي

    جي ادا بس ................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو