مان آهيان هدايت بلوچ شاعر ، ڪالم نگار سنڌيت جي پرچارڪ ۾ مشغول وڌيڪ منهنجو تفصيل هيٺ ڏنل ليک جيڪو سليمان وساڻ صاحب جن ونڊ ڪيو آهي ۾ موجود آهي : لنڪ لاء هت ڪلڪ ڪيو
جواب: سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام سائين هدايت بلوچ صاحب اهي توهان جا وڏا وڙ جو توهان سنڌ سلامت فورم جا ميمبر ٿيو سچ به اسان کي اوهان جهڙن پڙهيل لکيل دوستن جي ڏاڍي ضرورت آهي ته جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي لا۽ پاڻ پتوڙين ، سائين هدايت بلوچ صاحب مان اوهان کي پوري سنڌ سلامت سٿ پاران خوش آمديد ٿو چوان سائين هدايت بلوچ صاحب اسان کي اوهان جي نڪور شاعري ۽ لکڻين جو انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام [JUSTIFY]سائين محترم هدايت بلوچ صاحب حق موجود هون ته سنڌ سلامت تي ڪيترائي ڏاها آيا آهن ۽ اسين ڪيترن جو آڌرڀا ڪندي خوشي حاصل ڪئي آهي، پر اڄ هن موچاري اڱڻ تي سنڌ جو ڏاهو شاعر، اديب، قلمڪار ۽ فڪري صلاحيتن سان سنواريل ”هدايت بلوچ“ کي ڏسي دل گد گد پئي ٿئي ۽ خوشيءَ ۾ نٿي ماپي ۔۔۔ هن وقت بلڪل اهڙي حالت آهي جئين ڪنهن غريب مهمان نواز جي هوندي آهي، جيڪو ڀڄندي وڃي ڪمري مان نئين رلهي ويهاڻو کڻي ايندو آهي ۽ کٽ کي ڇنڊي نم جي ڇانوَ ۾ رکي وڇائيندو آهي ۽ مهمان کي چوندو آهي ته؛ ” ڀلي ڪري آيا، جي آيا، اسانجون اکيون ٿڌيون“ سائين محترم اوهانجي تعريف ڪرڻ يا اوهانجي باري ۾ ڳالهائڻ پنهنجي وس ۾ ته ناهي پر تڏهن به ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪو وڏو معزز گهر ڀاتي گهر ۾ آيو هجي ۔۔۔ اوهانکي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت جي سموري ساٿ طرفان ڀليڪار ۽ اها اميد ته اوهان هن اڱڻ تي پنهنجا قربائتا قدم پيا گهمائيندا ۽ ڏاهپ، حب الوطني، سنڌ دوستيءَ طرف پيا رهنمائي ڪندا ۔۔۔ رهنما هجن ته منزل آسان ٿي پوندي آهي ۔۔۔ ڪڙو منجهه ڪڙي، جيئن لوهار لپيٽيو، منهنجو جيءُ جڙي، سپرين سوگهو ڪيو۔ ٿورا ناهن ٿورا هن اڱڻ کي منور ڪرڻ جا ۔۔۔[/JUSTIFY]
جواب: سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام سائين هدايت بلوچ جي هستي ۽ سندن سنڌ دوستي کان ڪير واقف ناهي؟؟ اهڙي بهترين هستي جڏهن اسان جي هن اڱڻجي رونق بڻجي ته پوءِ ته سچ دل خوشيءَ ۾نه ٿي ماپي۔۔۔ سائين جن کي دل جي گهراين سان سنڌ سلامت تي ڀليڪار ٿو چئجي۔۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام سائين هدايت بلوچ صاحب سنڌ سلامت جي محبتي ميڙ ۾ شامل ٿيڻ تي اوهان کي دلي طور ڀليڪار ٿا ڪيون۔ واقعي اها اسان جي خوشقسمتي آهي جو سنڌ جو هڪ ڀلوڙ شاعر، چوٽيء جو ڪالم نگار ۽ سڀ کان وڌيڪ ملنسار ۽ محبتي ماڻهو اسان جي سٿ ۾ شامل ٿيو آهي۔ هدايت بلوچ سنڌ جي چوٽيء جي شاعرن مان هڪ آهي ۔ سائين اوهان اسان جي اڱڻ تي آيا اسان جون اکيون ٿڌيون۔
جواب: سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام ڀلا ڀاڳ اسان جا جو انتهائي قابل شخصيت جا مالڪ اسان جي اڱڻ تي آيا آهن۔۔۔ مهربانيون سائين سنڌ سلامت فورم جوائين ڪرڻ جون۔۔۔ مهرباني ادا سليمان جن جي به جن سائين کي ڦيرو ڀرڻ لاءِ زور ڀريو۔۔۔ بس خواهش آهي ته توهان جهڙن ساٿين جي صحبت قائم رهي۔۔۔
جواب: سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام [JUSTIFY]سنڌ سلامت جي سموري سٿ عظيم سنڌي ڏاهي محترم هدايت بلوچ صاحب کي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي سٿ ۾ شامل ٿيڻ تي دل جي اُتساهه ، پاٻوهه ۽ پيار سان آجيان ٿي ڪري۔ ۽ سائين محمد سليمان وساڻ جا ٿورا ٿي مڃي جنهن اهڙا محبتي ماڻهو اسان لا ٿڌي ڇانوري جي صورت ۾ وڏا قرب ڪري هتي آندا۔ ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا[/JUSTIFY]
جواب: سنڌ سلامت جي دوستن کي سلام سائين هدايت بلوچ صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ڪريون ٿا۔۔۔