جواب: فري سوشل ايس ايم ايس سروس
جي ادي هيءَ هڪ بهترين سوشل ايس ايم سائيٽ آهي۔۔ هتي ڪجهه وقت اڳ سنڌ سلامت جي ايڊيٽر مگسي جن پڻ سنڌ سلامت جو ٽيگ ٺاهيو هيو جنهن کي مون پڻ جوائين ڪيو هيو۔۔۔ پر جيئن ته هن کي جوائين ڪندڙ دوستن تي ڪنٽرولنگ جو اختيار ٽيگ ٺاهيندڙ وٽ پوري طرح نه هوندو آهي ان ڪري هن تي فضول قسم جا پيغام ۽ اسپيمنگ جام ٿيندي آهي۔۔۔ مون کي ياد آهي ته سنڌ سلامت ٽيگ جوائن ڪرڻ کان پوءِ مون وٽ روزانو گهٽ ۾ گهٽ 50 ايس ايم ايس ايندا هئا ۔۔۔ جن مان ڪم جا صرف 5 کن هوندا هئا سي به ڪي قابل دوست موڪليندا هئا ۔۔۔ باقي فضول هئا ۽ اهڙن پيغامن کي پڙهڻ ۽ وري ڊيليٽ ڪرڻ به هڪ ٿڪائيندڙ عمل هو۔۔۔ مجبورن مون کي ٽيگ Leave ڪرڻو پيو۔۔