دل جو علاج

'صحت سرير جي' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏29 نومبر 2010۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]دوستو! انسان جي جسم ۾ دل ڪيتري اهم آهي، ان جي ڄاڻ ته هر ذي شعور ماڻهونءِ کي آهي، دل دماغ جي مالڪ آهي، دل رت جي ڦيري جي مالڪ آهي، دل خيالن ۽ خوابن جي شهنشاهه آهي، دل جذبن جي ڀنڍار آهي، دل صالح ته انسان صالح ۽ جي دل مريض ته انسان مريض ...

    دل انسان جي سموري جسم جي رت کي پاڻ وٽ گهرائي انکي صاف ڪري وري پنهنجي پنهنجي مقرر جڳهه ڏانهن موڪليندي آهي ۽ اها رت رڳن ذريعي جسم مان ڦيرا پائي وري اچي دل جي صفائيءَ واري مرحلي مان گذرندي آهي ... اهو ڦيرو جيڪڏهن هلندو رهي ته انسان هلندو رهندو آهي ۽ جي اهو ڦيرو ڪٿي رڪجي پوي ته انسان به رڪجي ويندو آهي ... انڪري دل جي ان ڦيري کي هميشه هلندو رهڻ کپي ۽ ان هلندي رهڻ ۾ جي ڪٿي رڪاوٽ اچي وڃي ته انجو جلد کان جلد علاج ڪرڻ انسان جي زنده رهڻ جو سبب ٿئي ٿو ...

    جڏهن دل جي رڳن ۾ ڪو نقص ٿيندو آهي، انهن ۾ رڪاوٽ پئدا ٿيندي آهي يا ڪٿي بندش ايندي آهي ته ڊاڪٽر باءِ پاس ڪندا آهن يا انجيو گرافي ڪندا آهن جنهن تي لکين روپيا خرچ ٿيندو آهي پوءِ به علاج جي پڪ ناهي هوندي ....

    اڄ هي جيڪو مون دل جي بيماريءَ يا رڳن جي کولڻ جو نسخو ونڊ ڪريانٿو ان جو واعدو مون هن کان اڳ موڪليل بلند فشار خون جي علاج ۾ ڪيو هو ... هي نسخو دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ٿئي ٿو ۽ انجي فائدي جا امڪان روشن هوندا آهن ...

    اوهانجي ڄاڻ سڃاڻ يا دوستن ۾ ڪي اهڙا ماڻهون هجن جن کي دل جي رڳن ۾ بندش جو مسئلو هجي ته هن عام سستي نسخي مان فائدو ضرور حاصل ڪن ... باقي شفا رب جي هٿ ۾ آهي انسان جو ڪم آهي همٿ ۽ رب جي نعمتن مان پاڻکي مستفيض ڪرڻ ....

    هو الشافي هوالڪافي ...

    بسم الله

    1
    [​IMG]
    2
    [​IMG]
    3
    [​IMG]
    4
    [​IMG]
    5
    [​IMG]
    6
    [​IMG]
    [/JUSTIFY]
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دل جو علاج

    سائين زبردست وند اهي۔
    مهرباني۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: دل جو علاج

    سائين حڪيم نثار ابڙو صاحب اوهان جا قرب

    اوهان مفت ۾ هيڏي ساري پيچيده مرض جو علاج ٻڌايو آهي۔ اميد ته دوست ان مان فائدو حاصل ڪندا۔ ان کانسواء اوهان قيمتي ننڍا ننڍا ٽپس پڻ ونڊ ڪيا آهن جيڪي بظاهر ته عام آهن پر انهن جو فائدو تمام گهڻو آهي۔

    اوهان کان وڌيڪ قيمتي ۽ بي بها نسخا ونڊڻ جي اميد لايو ويٺا آهيون باقي شفا ته مالڪ جي هٿ ۾ آهي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دل جو علاج

    اڙي يار وساڻ! حڪيم ته مٿي واري ذات آهي، اسين ته مڙئي ويٺا رگها هڻون، ڪٿي ڪا چڱي ڪارائتي شئي هٿ اچي ٿي ته رهيو نه ٿو ٿئي ته سنگت سان ونڊ ڪري ڇڏيون، باقي اڄ جا حڪيم يا ڊاڪٽر ته ڪاسائي لڳا پيا آهن ۔۔۔ مريض آيو ناهي کل لٿي ناهي ۔۔۔

    مذهبي تعليمات تي نظر وجهبي ته هن ڪائنات جي خلقڻهار جڏهن انسان جي تخليق ڪئي ته ان سان گڏ انجي ضرورت جون سڀ شيون به پئدا ڪري ڇڏيون ۔۔۔ بس اسانکي انهن شين کي ڳولهڻو آهي ۽ مستفيض ٿيڻو آهي ۔۔۔

    ڪوئي کي هريڙ هٿ آئي هئي ته چيائين ته حڪيم ٿي ويو آهي ۔۔۔ انڪري اسان اڃان هريڙ به هٿ نه ڪئي آهي ۔۔۔ ڪائنات ايتري ته وسيع آهي جو انجو علم صرف خلقڻهار کي ئي آهي، باقي انسان ته اڃان منڊو ماڪوڙو، کوهه جي تري ۾ آهي ۔۔۔

    رب اسانکي علم جي روشني سان منور ڪري ۔۔۔ آمين
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: دل جو علاج

    ادا ابڙا صاحب توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو آهي جو اهڙو مفيد ۽ ڪارائتو مضمون اسان سان ونڊ ڪيو آهي، صحت جي موضوع تي مون به ڪيترائي مضمون ونڊ ڪيا آهن مگر توهان ته مون کان به گوء کڻي ويا، جنهن جو مثال اوهان جو اهو مضمون آهي، ادا ابڙا صاحب محترم دوست وساڻ صاحب توهان لاء سٺو الفاظ چونڊيو آهي، (حڪيم صاحب، ) لڳي ٿو ته توهان اتي ڀلاري ملڪ ۾ اهو حڪمت وارو ڪم به شروع ڪيو آهي، ۽ شايد عرب سڳورا هاڻي ته توهان جا مريد ٿين ئي ٿين ۽ ڇو نه ٿيندا ، ڇو جو انهن کي حڪمت جي مڙئي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي،
    ادا ابڙا صاحب توهان جو مضمون مون کي تمام گهڻو پسند آيو، اميد ته اهڙا حڪمت وارا ڪم هميشه ڪندا رهندا، ۽ سنڌ کان پري رهندي به سنڌ وارن کي فائدو ڏيندا رهندا، مهرباني
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: دل جو علاج

    واه قبلا سائين وڏي مهرباني جو تمام بهترين ۽ قيمتي نسخو شيئر ڪيو اٿوَ الله تعالى توهان کي سلامت رکي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو