• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجي ويب سائيٽ کي محفوظ بڻايو۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
گوگل ويب سائيٽ سرچ جتي انٽرنيٽ جي دنيا لاءِ‌ڪيترا ئي فائدا کڻي آئي آهي، اتي ئي گوگل هيڪرن لاءِ پڻ وڏو هٿيار آهي ڇو ته ان جي بي مثال ٽولز جي ذريعي ڪنهن به ويب سائيٽ جي سمورن حصن کي کنگالهي سگهجي ٿو۔۔ ان جي فائلن، انڊيڪس پيجز، پرائيوٽ معلومات، ڪيشي معلومات تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي ٿي۔
سڀ کان وڏو هٿيار جيڪو گوگل عام ماڻهن جي سهولت لاءِ شروع ڪيو پر هيڪرز ان کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، اهو آهي گوگل ڪيشي ريڊر، يعني توهان ڪنهن به ويب سائيٽ کي ڀلي اها آف لائن ڇو نه هجي، ان جي آخري اسڪرين شاٽ کي، جيڪو گوگل ورتو هو پڙهي سگهو ٿا۔ پر عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته هيڪر ان ٽول کي استعمال ڪري ويب سائيٽ جي اهڙن حصن ۾ وڃي سگهن ٿا، جتي صرف پرائيوٽ ميمبر ئي داخلا ڪري سگهن ٿا۔۔
ان ڳالهه کان بچائڻ‌لاءِ گوگل هڪ ننڍي ٽپ متعارف ڪرائي آهي، جنهن جي مدد سان اوهان پنهنجي ويب سائيٽ جو ڪيشي گوگل جي فهرست ۾ آڻڻ‌کان بچائي سگهو ٿا۔۔
توهان هيٺئين ڪوڊ‌کي پنهنجي ويب سائيٽ جي هيڊ (Head) ٽيگ ۾ پيسٽ‌ڪريو۔۔
ڪوڊ:
<meta name="robots" content="noarchive">
ان بعد گوگل جڏهن به اوهان جي ويب سائيٽ‌کي ريڊ ڪندي ته ان جو ڪيشي پاڻ‌ وٽ‌محفوظ‌نه رکندي بلڪه فقط ويب سائيٽ جو ڊائريڪٽ‌لنڪ ئي ڏيندي۔۔۔
 
جواب: پنهنجي ويب سائيٽ کي محفوظ بڻايو۔۔

بهترين معلومات آهي ادا اسان فقيرن لا۽

بهترين ڪوشش آهي توهان جي

سدائين گڏ
 
جواب: پنهنجي ويب سائيٽ کي محفوظ بڻايو۔۔

تمام بهترين ڳالهه ادا مست ۔۔۔۔

سدا مست رهو پنهنجي مستي ۾ ،

توهان جي محنت جي اسان داد ٿا ڏيون۔۔۔۔
 
جواب: پنهنجي ويب سائيٽ کي محفوظ بڻايو۔۔

ادا مست يقينن ويب سائيٽ آنرز لاءِ بهترين فائديمند ٽپ هوندي۔
 
Back
Top