جواب: ڀلا پاڪستانين جي سوچ به ڏسو هڻ ته سهي ۔۔۔۔اسانجا جهونڙا هڪ مثال ڏيندا هئا ته ”خطابن، اٺ مسيت تي چاڙهيوهو“ پر هي هيڏي ساري ڍڳي، اها به رڪشي جهڙي نازڪ سواري تي چاڙهڻ ۽ وري انکي منزل تي پهچائڻ ۔۔۔ ڪمال آهي ۔۔۔ دوستو! هت مڪي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ عرب مون وٽ آيو ۽ چيائين ته هنن ٻن ڪاغذن ۾ ڪجهه قسم جون تبديليون ڪرڻيون آهن ۔۔۔ مون ڏسي چيو ته يار هڪ ته هي غير قانوني آهي جو حڪومتي ڪاغذن ۾ ردوبدل ٿيندي، ٻيو ته هن لا اسڪيننگ ٿيندي، ايڊجسٽمنٽ ٿيندي ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه ٿيندو ۔۔۔ مطلب ته مون جان ڇڏائڻ ٿي چاهي ۔۔۔ خبر اٿوَ ته عرب ڇا چيو ته “ نثار! آ تو وٽ انڪري آيو آهيان ته تون پاڪستاني آهين، ۽ پاڪستاني غير قانوني ڪمن ڪرڻ جا ماهر هوندا آهن، مون سمجهيو ته صرف تون ئي منهنجي مدد ڪري سگهين ٿو” دوستو! شرم کان منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو ۔۔۔ ۽ پاڪستاني هجڻ تي افسوس ٿيڻ لڳو، مون کيس جواب ڏنو ته ؛ اي دوست! آ پاڪستاني نه پر سنڌي آهيان ۔۔۔۔ خئير رڪشي جو الله مالڪ آهي ۔۔۔
جواب: ڀلا پاڪستانين جي سوچ به ڏسو ها ها ها ......... واه ادا سليمان واه اصل کلي کلي ...............اکين ۾ پاڻي اچي ويو سدائين گڏ
جواب: ڀلا پاڪستانين جي سوچ به ڏسو ادا ڳاٽي ٽوڙ مهانگ کي ماڻهو هاڻ ائين ئي منهن ڏيندا۔ ويچارن کي عيد وارن ڏينهن ۾ ڪا سستي سواري نه ملندي هوندي۔
جواب: ڀلا پاڪستانين جي سوچ به ڏسو ادا خوشي ۽ غمي جو ته اکين ۾ پاڻي ٻڌو آهي۔ هي ڪهڙو پاڻي آهي جيڪو اوهان کي کلي کلي آيو آهي۔
جواب: ڀلا پاڪستانين جي سوچ به ڏسو بس سائين اسان پاڪستانين جو اهو اميج اسان جي ئي ڪيل ڪرتوتن جي ڪري آهي۔ اوهان سنڌي سڏائي بلڪل صحيح پيا ڪريو۔ خدا ڪري سنڌ جي دنيا ۾ ڪا الڳ سڃاڻ هجي۔ پر سائين هنن دوستن به ڳئون سان واه جو ڪئي آهي يا ڪرائي جي پڪ اپ وارن سان ڏاڍي ڪئي آهي۔
جواب: ڀلا پاڪستانين جي سوچ به ڏسو ادا سليمان۔۔ مان ٻه ٽي چڪر ڪوششڪئي آهي پر اوهان واري موضوع ۾موڪليل تصوير مون وٽ ظاهر نه ٿي ٿئي۔۔۔
جواب: ڀلا پاڪستانين جي سوچ به ڏسو ها مست بلڪل صحيح پيو چوين خبر ناهي ڇو اميج شيڪ جي لنڪ ۾ مسئلو آيو آهي۔ مان اميج ٻيهر اپلوڊ ڪيو آهي۔ هاڻي اوهان ڏسي سگهو ٿا