• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو ڪاوش ميگزين ۾ محترمه ج۔ع منگهاڻي صاحبه جو ايڪتا جي حوالي سان هڪ بهترين ڪلام ڇپيو آهي۔ هي سنڌ جي تعريف ۾ لکيل ڪَويتا دوستن سان ونڊ ڪجي ٿي۔​


تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

سڀ دلڪشيون سڀ روشنيون
سڀ رونقون دلچسپيون
سڀ صورتون چانڊوڪيون
سڀ نور جون نو رنگيون
سڀ سونهن ساري سوڀيا
هر هڪ جزا هر هڪ عطا
هر ابتدا هر انتها
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

سج چنڊ ستارا ۽ ڪتيون
سڀ ڪائناتن جون بتيون
سڀ سوجهراين جون پتيون
سڀ سمنڊ جهرڻا وهڪرا
ڍورا ڍنڍون دريا مٺا
هر هڪ ڏِسا سڳنڌي هوا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

آسون اميدون آرزو
سڀ خواب ساري جستجو
وجدان ڏاتيون خوبرو
جادوء ڀري هر گفتگو
سڀ تذڪرا سڀ تبصرا
سڀ ڪرشما سڀ معجزا
هر اَگهي هر هڪ ڪَلا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

هر هڪ نظارو ٺاھ جو
اقرار جو ۽ چاھ جو
تائيد جو پرواھ جو
ڀرجهل وڏي ويساھ جو
سڀ معاملا سڀ فيصلا
سڀ فاصلا سڀ حوصلا
سڀ قرب وارا سلسلا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

راهون پَتا سڀ ماڳ جا
سڀ ٿاڪ ماڻا چاڳ جا
اهڃاڻ ڀاڳ سڀاڳ جا
۽ خواب سڀيئي جاڳ جا
سڀ موج مستيون ۽ مزا
سڀ مئڪشون سڀ مئڪدا
سڀ مارڪا ميلا مَتا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

سڀ پيار پريتون چاهتون
سڀ ساھ سرهيون ساعتون
سڀ محبتن جون راحتون
سڀ قربتن جون طاقتون
سڀ ولولا سڀ مشغلا
سڀ وصل جا پَٽيون پَها
هر هڪ رضا هر هڪ وفا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

سڀ مائرن جون لوليون
ٻاتيون ٻچن جون ٻوليون
۽ ٻاجھ ڀريون جهوليون
سڀ ڳڀروئن جون ٽوليون
هي لاڏلا هي آسرا
سورهيه سگهارا ڀرجھلا
هر درد جي دارون دوا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

هي سڀ خزينه ڏات جا
هر بات جا هر تات جا
هر ذڪر جا هر لات جا
هر سونهن جا پرڀات جا
هر ذات جي هڪ هڪ سخا
هر حسن جي هڪ هڪ ثنا
هر روح جي هڪ هڪ دعا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

منهنجي سموري زندگي
تا بندگي آسودگي
معصوميت ۽ سادگي
پوڄا عبادت بندگي
منهنجي ردا منهنجي ادا
منهنجي انا منهنجي ثنا
منهنجي دوا منهنجي دعا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

هر هڪ ثنا کان تون مٿي
هر هڪ سخا کان تون مٿي
هر هڪ بقا کان تون مٿي
هر انتها کان تون مٿي
مان هان ذرو هڪڙو صفا
هڪ التجا هڪڙي دعا
شل ڪين ٿيان تو کان جدا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

گونجي فضائن م ندا
سڻ تون منگهاڻيءَ جي صدا
مشتاق تنهنجو مان سدا
هي ساک آ منهنجي وفا
تون روح جي تَـنَ جي غذا
تون جسم منهنجي جا حصا
مطلوب تون ڄاڻي خدا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

منهنجي سڄي تحقيق تون
تخليق تون توثيق تون
تحريڪ تون توفيق تون
تفريق تون تصديق تون
ڪنهن کان ڊڄان مان ڇو ڀلا
گھرجن نٿا ڪي ڀي صلا
دم دم دما دم ڪر ڀلا
چئو تون منگھاڻي ڪربلا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!
 
جواب: تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

ڀلو ٿي ادا وساڻ اوهان جو۔
محترمه جي اها ڪويتا ميگزين ۾ پڙهي ۽ سوچيم پئي ته هيئنر ٿو ونڊ ڪيان ته ايئن ئي اوهان ونڊ ڪرائي ڇڏي۔
لک لائق دوست۔۔۔
 
جواب: تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

محترمه منگهاڻي صاحبه جو هي سنڌ جو قصيدو پڙهي خيالن جي بحر ۾ غرق ٿي ويو آهيان ۔۔۔ سنڌ سان ايترو پيار، ايتري محبت جو ليکڪه جي دل سجدا پئي ڪري ۔۔۔

مون ڪٿي پڙهيو هو ته جي ”سر سجدي ۾ ڪري ته عبادت، پر جي دل سجدي ۾ ڪري ته محبت ” هت حب الوطني جا اهڙا ته جذبا ڳايل آهن جو پنهنجي دل به سجدي ۾ اچيو وڃي ۔۔۔

دوستو هن قصيدي جي آخر ۾ محترمه ٻه جملا لکيا آهن، انهن جملن منهنجي وجود کي سوچ جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔

دم دم دمـا دم ڪـــر ڀلا
چئو تون منگھاڻي ڪربلا

دما دم ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي ۔۔؟ ۽ ڪنهن وطن جي حالت کي ڪربلا سان ڀيٽ ڪرڻ جو ڇا مطلب ۔۔۔؟

سوچ جو مقام آهي ۔۔۔

سلام آهي ليکڪه کي ۽ سلام آهي دوست وساڻ کي جنهن ايترو خوبصورت نظم ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔​
 
جواب: تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

ڀلو ٿي ادا وساڻ اوهان جو۔
محترمه جي اها ڪويتا ميگزين ۾ پڙهي ۽ سوچيم پئي ته هيئنر ٿو ونڊ ڪيان ته ايئن ئي اوهان ونڊ ڪرائي ڇڏي۔
لک لائق دوست۔۔۔

مهرباني ادا طاهر

هي دل کي ڇهندڙ شاعري جيڪا سنڌ جو نغمو پئي لڳي مان پڙهيم ۽ سوچيم ته دوستن سان ونڊ ڪجي۔ اوهان يا مون جيڪو به ونڊ ڪري ڳاله هڪ ئي آهي۔
 
جواب: تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

مهرباني ادا طاهر

هي دل کي ڇهندڙ شاعري جيڪا سنڌ جو نغمو پئي لڳي مان پڙهيم ۽ سوچيم ته دوستن سان ونڊ ڪجي۔ اوهان يا مون جيڪو به ونڊ ڪري ڳاله هڪ ئي آهي۔

بلڪل ادا
اوهان جي مهرباني
 
جواب: تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

محترمه منگهاڻي صاحبه جو هي سنڌ جو قصيدو پڙهي خيالن جي بحر ۾ غرق ٿي ويو آهيان ۔۔۔ سنڌ سان ايترو پيار، ايتري محبت جو ليکڪه جي دل سجدا پئي ڪري ۔۔۔

مون ڪٿي پڙهيو هو ته جي ”سر سجدي ۾ ڪري ته عبادت، پر جي دل سجدي ۾ ڪري ته محبت ” هت حب الوطني جا اهڙا ته جذبا ڳايل آهن جو پنهنجي دل به سجدي ۾ اچيو وڃي ۔۔۔

دوستو هن قصيدي جي آخر ۾ محترمه ٻه جملا لکيا آهن، انهن جملن منهنجي وجود کي سوچ جي سمنڊ ۾ غوطا کائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۔۔۔

دم دم دمـا دم ڪـــر ڀلا
چئو تون منگھاڻي ڪربلا

دما دم ڪرڻ جو مقصد ڇا آهي ۔۔؟ ۽ ڪنهن وطن جي حالت کي ڪربلا سان ڀيٽ ڪرڻ جو ڇا مطلب ۔۔۔؟

سوچ جو مقام آهي ۔۔۔

سلام آهي ليکڪه کي ۽ سلام آهي دوست وساڻ کي جنهن ايترو خوبصورت نظم ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔​

ج۔ع منگهاڻي صاحبه جي شاعري ۽ سندس ڪالم ، ناول ۽ تحقيق جو ڪم ڏاڍو پختو ۽ اعلي! پائي جو آهي۔

هن شاعري ۾ سندس عبادت سندس محبت بس سنڌ سان ئي آهي
 
جواب: تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

دوستو ڪاوش ميگزين ۾ محترمه ج۔ع منگهاڻي صاحبه جو ايڪتا جي حوالي سان هڪ بهترين ڪلام ڇپيو آهي۔ هي سنڌ جي تعريف ۾ لکيل ڪَويتا دوستن سان ونڊ ڪجي ٿي۔​


تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

سڀ دلڪشيون سڀ روشنيون
سڀ رونقون دلچسپيون
سڀ صورتون چانڊوڪيون
سڀ نور جون نو رنگيون
سڀ سونهن ساري سوڀيا
هر هڪ جزا هر هڪ عطا
هر ابتدا هر انتها
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

سج چنڊ ستارا ۽ ڪتيون
سڀ ڪائناتن جون بتيون
سڀ سوجهراين جون پتيون
سڀ سمنڊ جهرڻا وهڪرا
ڍورا ڍنڍون دريا مٺا
هر هڪ ڏِسا سڳنڌي هوا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

آسون اميدون آرزو
سڀ خواب ساري جستجو
وجدان ڏاتيون خوبرو
جادوء ڀري هر گفتگو
سڀ تذڪرا سڀ تبصرا
سڀ ڪرشما سڀ معجزا
هر اَگهي هر هڪ ڪَلا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

هر هڪ نظارو ٺاھ جو
اقرار جو ۽ چاھ جو
تائيد جو پرواھ جو
ڀرجهل وڏي ويساھ جو
سڀ معاملا سڀ فيصلا
سڀ فاصلا سڀ حوصلا
سڀ قرب وارا سلسلا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

راهون پَتا سڀ ماڳ جا
سڀ ٿاڪ ماڻا چاڳ جا
اهڃاڻ ڀاڳ سڀاڳ جا
۽ خواب سڀيئي جاڳ جا
سڀ موج مستيون ۽ مزا
سڀ مئڪشون سڀ مئڪدا
سڀ مارڪا ميلا مَتا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

سڀ پيار پريتون چاهتون
سڀ ساھ سرهيون ساعتون
سڀ محبتن جون راحتون
سڀ قربتن جون طاقتون
سڀ ولولا سڀ مشغلا
سڀ وصل جا پَٽيون پَها
هر هڪ رضا هر هڪ وفا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

سڀ مائرن جون لوليون
ٻاتيون ٻچن جون ٻوليون
۽ ٻاجھ ڀريون جهوليون
سڀ ڳڀروئن جون ٽوليون
هي لاڏلا هي آسرا
سورهيه سگهارا ڀرجھلا
هر درد جي دارون دوا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

هي سڀ خزينه ڏات جا
هر بات جا هر تات جا
هر ذڪر جا هر لات جا
هر سونهن جا پرڀات جا
هر ذات جي هڪ هڪ سخا
هر حسن جي هڪ هڪ ثنا
هر روح جي هڪ هڪ دعا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

منهنجي سموري زندگي
تا بندگي آسودگي
معصوميت ۽ سادگي
پوڄا عبادت بندگي
منهنجي ردا منهنجي ادا
منهنجي انا منهنجي ثنا
منهنجي دوا منهنجي دعا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

هر هڪ ثنا کان تون مٿي
هر هڪ سخا کان تون مٿي
هر هڪ بقا کان تون مٿي
هر انتها کان تون مٿي
مان هان ذرو هڪڙو صفا
هڪ التجا هڪڙي دعا
شل ڪين ٿيان تو کان جدا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

گونجي فضائن م ندا
سڻ تون منگهاڻيءَ جي صدا
مشتاق تنهنجو مان سدا
هي ساک آ منهنجي وفا
تون روح جي تَـنَ جي غذا
تون جسم منهنجي جا حصا
مطلوب تون ڄاڻي خدا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!

منهنجي سڄي تحقيق تون
تخليق تون توثيق تون
تحريڪ تون توفيق تون
تفريق تون تصديق تون
ڪنهن کان ڊڄان مان ڇو ڀلا
گھرجن نٿا ڪي ڀي صلا
دم دم دما دم ڪر ڀلا
چئو تون منگھاڻي ڪربلا
تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا،
اي دلربا دلدار سنڌ !!
ادا توهان جي ان ونڊ جي مهرباني، ادا اگر توهان محترمه ج۔ع منگهاڻي جي ڪا وڌيڪ معلومات ونڊ ڪري سگهو ته مهرباني، مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي مگر ڪامياب ٿئي ناهيان سگهيو،
 
جواب: تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

ادا توهان جي ان ونڊ جي مهرباني، ادا اگر توهان محترمه ج۔ع منگهاڻي جي ڪا وڌيڪ معلومات ونڊ ڪري سگهو ته مهرباني، مون تمام گهڻي ڪوشش ڪئي آهي مگر ڪامياب ٿئي ناهيان سگهيو،

ادا ممتاز پسند ڪرڻ جي مهرباني

محترمه ج۔ع منگهاڻي صاحبه جو تعلق ڪراچي سان آهي۔ پاڻ شاعري ، ڪهاڻين ، ناول سان گڏ تحقيق تي به ڪم ڪيو آهي۔ کيس شاه لطيف تي ڪيل تحقيقي ڪم ڪري سال 2008 جو اڪيڊمي اوارڊ پڻ مليو۔

پاڻ ڪڏهن به سامهون ڪونه آيون آهن تنهنڪري سندن اجازت کانسواء سندن باري ۾ لکڻ سٺو ڪونه پيو لڳي۔ باقي جڏهن پاڻ اجازت ڏنائون ته سندن پروفائل دوستن سان ونڊ ڪبو۔
 
جواب: تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

ادا ممتاز پسند ڪرڻ جي مهرباني

محترمه ج۔ع منگهاڻي صاحبه جو تعلق ڪراچي سان آهي۔ پاڻ شاعري ، ڪهاڻين ، ناول سان گڏ تحقيق تي به ڪم ڪيو آهي۔ کيس شاه لطيف تي ڪيل تحقيقي ڪم ڪري سال 2008 جو اڪيڊمي اوارڊ پڻ مليو۔

پاڻ ڪڏهن به سامهون ڪونه آيون آهن تنهنڪري سندن اجازت کانسواء سندن باري ۾ لکڻ سٺو ڪونه پيو لڳي۔ باقي جڏهن پاڻ اجازت ڏنائون ته سندن پروفائل دوستن سان ونڊ ڪبو۔

ادا سليمان ته پوءِ اها ذميداري اوهان تي رکون ٿا۔
اسان کي ان ڏينهن جو انتظار رهندو۔
مهرباني دوست۔۔۔
 
جواب: تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

ادا سليمان ته پوءِ اها ذميداري اوهان تي رکون ٿا۔
اسان کي ان ڏينهن جو انتظار رهندو۔
مهرباني دوست۔۔۔

ادا طاهر بلڪل اها منهنجي ذميواري آهي

باقي محترمه جي اجازت کانپوء ئي ائين ڪبو۔
 
جواب: تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

سنڌ سلامت پاران 2011 جو ڪيلينڊر محترمه ج ع منگهاڻي صاحبه تائين سنڌ سلامت جي ميمبر غلام مرتضي وساڻ جي هٿان پهچايو ويوآهي۔ ڪوشش ڪبي ته محترمه کان وقت وٺي سنڌ سلامت لاء انٽرويو ڪري سگهجي جيڪو سندس زندگيء جو پهريون انٽرويو هوندو پر اهو خالص محترمه تي ڇڏيل آهي ته هوء اجازت ڏئي ٿي يا نه ۔۔۔۔۔۔
 
جواب: تنهنجي مٿان سڀ ڪجھ فدا، اي دلربا دلدار سنڌ !!

اڄ منجهند 11 وڳي منهنجي سيل نمبر تي ڪال آهي۔۔۔۔ ڪنهن سنڌياڻي جو آواز آيو چيائون۔۔ ”سنڌ سلامت ڪيلينڊر تي توهان جو سيل نمبر لکيل آهي۔۔۔ ان ڪري توهان کي ڪال ڪيم۔۔۔ منهنجي هڪ شڪايت آهي ته ڪيلينڊر ۾ مختلف سنڌي شخصيتن سان گڏ استاد جمن مرحوم جي تصوير به لڳڻ گهرجي ها۔۔۔ جيڪا نه آهي۔۔۔“
مون وضاحت ڪندي ٻڌيو ته ۔۔۔ ”سنڌ جا کوڙ سورما ۽ سورمائون آهن جن جون پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت بابت بي انتها ڪوششون ڪيل آهن۔۔۔ جن کي هڪ مختصر سائيز جي ڪيلينڊر تي لڳائڻ ڪافي مشڪل آهي۔۔۔ ان هوندي به ڪوشش جاري آهي۔۔۔ ٿي سگهي ٿو اڳتي هلي ڪيلينڊر بجاءِ ڪا ڊائري پبلش ڪرائجي ته ان ۾ مواد سميت ڪافي تصويرون اچي سگهن ٿيون۔۔۔“
سوال ڪرڻ بجاءِ سندن سان پنهنجو تعارف ڪرايم ته ٿي سگهي ٿو پاڻ به پنهنجي بابت ڪجهه ٻڌائين پر انهن صرف ايترو ٻڌايو ته ”مان پنهنجي گهر مان ٿي ڳالهايان۔۔۔“ سندن پرائيوسي جو خيال رکندي مون ساڻس وڌيڪ سوال نه ڪيا پر اڄ هن موضوع کي پڙهندي ائين لڳو جهڙوڪ اها ڪالهه محترمه ج ع منگهاڻي صاحبه جن جي ئي هئي۔۔۔
سندن مهرباني جو ڪيلينڊر 2011 تي پنهنجا ويچار ونڊيا۔۔۔
 
Back
Top