هن عنوان تحت سنڌ ڌرتي جي 20 صدي جي صوفي شاعرن جي شاعري ۽ ان ۾ موجود محبت واري درس متعلق ويچار ونڊيا ويندا۔
جواب: ويهين صدي جي صوفي شاعري سنڌ اندر 20 صديءَ ۾ ڪيترائي سهڻا ۽ صوفي ازم کي ڳائيندڙ شاعر پئدا ٿيا ، جن ۾ سائين مّخدوم طالب مولا جا گيت به ٻڌڻ جي قابل آهن ۔۔۔ هي ٻڌو ڀلا؛ http://www.youtube.com/watch?v=7Na3yaPFG6s
جواب: ويهين صدي جي صوفي شاعري سائين خبر نه آهي ته جمالي صاحب جو مقصد اهو ئي آهي جيڪا اوهان معني مراد ورتي آهي؟
جواب: ويهين صدي جي صوفي شاعري ڀري ڀري آڻ ساقي پيالو سڪ جو صدائون سڪايل جون ڄاڻوئي ٿي ڄاڻ انهي صورت مان سڃاڻ اڃايل اعجاز چئي۔ اعجاز سائين۔ حق موجود، سدا موجود۔ عزيز دوستو، سڀ کا پهرين ڪجهه ڏينهن جي غير حاضري جي لاء معذرت، bscs جي ٻين سيمسٽر جا مڊ ٽرم امتحان هلي رهيا آهن، انشاءالله 12 ڊسمبر تي آخري پيپر مان فارغ ٿي هن محفل کي خوب مچائيندا سين۔ آخر ۾ اهو عرّض ڪندو هلان ته ويهين صدي ۾ هن عظيم ڌرتي انيڪ عظيم شاعر پيدا ڪيا آهن جن جي شاعري تي ادبي ڪم نه ٿيڻ جي ڪري ۽ گهٽ ڳائڻ جي ڪري عام ماڻهن تائين نه پهچي سگهي آهي۔ ايندڙ وقت ۾ پنهنجو موضوع اهي شاعر ۽ سندن شاعري هوندي جيڪي ناياب ٿي رهيا آهن۔ جن جي باري ۾ مونکي علم آهي اهو آئون پيش ڪندس ۽ جن جي باري ۾ ڪنهن به دوست وٽ جيتري به ڄاڻ آهي تن کي اهو عرض ڪندس ته اهي پنهنجا ويچار اسان سان ونڊين ته جيئن اسين به هن ڪچهري مان لاڀ پرائي سگهون۔ سنڌ سلامت۔ ساٿ سلامت۔
جواب: ويهين صدي جي صوفي شاعري هتي آئين ڀلي آئين، ڀلا چئو ڇو لڪي آئين انهي اسرار جي سڌ ڏي ته عدم ۾ ڪيئن ٽڪي آئين غلامي جي غلافن ۾ طبل شاهي طوافن ۾ ڪشالن ڪوهه قافن ۾ڪنهن جي لاء سڪي آئين ڪٽورا نيڻ ڪج ڪالا اهي بنڇون اهي ڀالا هڻي ڪيئي مست متوالا عجب چالا سکي آئين مڃ اعجاز مڃڻ جي لاء ڀرم جسم ڀڃڻ جي لاء وري واپس وڃڻ جي لاء ڪري ٻولي پڪي آئين هتي آئين ته ڀلي آئين، ڀلا چئو ڇو لڪي آئين انهي اسرار جي سڌ ڏي ته عدم ۾ ڪيئن ٽڪي آئين۔ [justify]حق موجود سدا موجود اعجاز سائين جي خوبصورت شاعري سان صوفين جي پاڪيزه ۽ روحاني محفل ۾ فقير نديم جمالي طرفان سڀني دوستن کي ٻيهر خوش آمديد۔ اڄ جي محفل ۾ اعجاز سائين جو مختصر تعارف پيش آهي۔ اعجاز سائين جو اصل جو نالو حضرت پير محي الدين شاه راشدي الحسيني آهي۔ پاڻ پير احسان الله شاه راشدي جا سڀ کان ننڍا فرزند آهن۔ حضرت احسان الله شاه راشدي صاحب پنهنجي دور جا اهل حديث مسلڪ جا وڏا عالم رهيا آهن۔ اعجاز سائين جا ٻه وڏا ڀاء پير محب الله شاه راشدي ۽ پير بديع الدين شاه راشدي به ساڳي ئي مسلڪ جا وڏا عالم پڻ رهيا آهن، ايتري قدر جو حرم شريف ۾ پڻ خطاب ڪندا رهيا آهن۔ ايتري سخت مذهبي اثر واري گهراڻي ۾ جنم وٺڻ جي باوجود به پاڻ صوفي ازم جا پرچارڪ رهيا۔ ابتدائي تعليم سنڌي ۽ عربي سندن والد جي مدرسي مدرسه نور الرشاد درگاه شريف پير جهنڊو نزد نيو سعيد آباد ضلعو مٽياري ۾ حاصل ڪيائون۔ ابتدائي تعليم کان پوء سنڌ جو سفر ڪيائون، ۽ صوفي ازم جي باري ۾ معلوم ٿيڻ کان پوء وڌيڪ مذهبي تعليم جو شوق ڇڏي صوفي ازم جي ڄاڻ حاصل ڪيائون۔ شاه عبداللطيف، سچل سائين، جي ڪلام تي کين عبور حاصل هو۔ پاڻ هندو ازم ۽ سک مت جي باري ۾ پڻ ڪافي ڄاڻ رکندا هئا۔ پاڻ 1996 ۾ فاني مان لافاني ٿيا۔ سندن مٽي درگاه شريف پير جهنڊو ۾ آهي۔ اعجاز سائين انسانيت کي دين ڌرم ۾ ورهائڻ ۽ مونجهائڻ جي مخالفت ڪئي۔ سندن ڪلام ۾ هندو ازم ۽ سک مت جو ذڪر ڪافي موجود آهي۔ جن دوستن علامه اقبال جي شاعري پڙهي آهي تن کي علم هوندو ته علامه پنهنجي شاعري ۾ شاهين جو ذڪر ڪندي ۽ مثال ڏيندي پنهنجي تعليم جي پرچار ڪئي آهي۔ اعجاز سائين پنهنجي ڪلام ۾ جام ۽ ساقي جو ذڪر گهڻي قدر ڪيو آهي۔ سندن ڪلام جو ڪتاب، "سخن اعجاز" جي نالي سان پبلش ٿيل آهي۔ پر انتهائي ناياب آهي۔ اڄ جي ڪچهري سندن ئي هڪ شعر سان ختم ڪيون ٿا[/justify] ڀري ڀري آڻ ساقي پيالو سڪ جو صدائون سڪايل جون ڄاڻون ٿي ڄاڻ انهي صورت مان سڃاڻ اڃايل اعجاز چئي۔ سڀني دوستن جي راء جو انتظار رهندو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: ويهين صدي جي صوفي شاعري حقيقت ۾ هڪ ٿيو، مُحيّ ۽ مُمُيت على ڪُل شيءٍ مُحيط، هادي آهي حق جو۔ حقيقت ۾ هڪ ٿيو آدم ۽ الله انا احمد بلا ميمي، آهي پاڻ گواه وِيڇو وٿي ناه، ڀورا ڀلج ڪيم ڪي۔ قل هوالله احد الله الصمد سوئي لم يلد ولم يولد ڪونهي تنهن ري ڪوئي ولم يڪن لھ ڪفوًا احد هادي هر دوئي دليئون دل جوئي، انهي ڪئي اعجاز چئي۔ حق موجود سدا موجود صوفين جي روحاني محفل ۾ فقير نديم جمالي پاران سڄي سنگت کي ڀليڪار۔ حسب روايت اعجاز سائين جي ڪلام سان ڪچهري جي ابتدا ڪجي ٿي۔ دوستو، مرشد شاه لطيف ۽ سچل سائين جيئان اعجاز سائين به انسانيت جي رهنمائي جي لاء پنهنجي ڪلام ۾ پاڪ ڪلام قرآن ڪريم مان پڻ آيتون ڪتب آنديون آهن۔ جنهن جو مثال مٿيون شعر آهي۔ مٿي پيش ڪيل ٻَين شعر ۾ اعجاز سائين انسان ذات ۽ الله پاڪ وچ ۾ موجود انتهائي قُربت جو ذڪر ڏاڍي سهڻي نموني پيش ڪيو آهي۔ جيئن آخري سٽ ۾ پاڻ فرمائين ٿا، "ويڇو وٿي ناه، ڀورا ڀلج ڪيم ڪي۔" سهڻي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي حديث مطابق الله پاڪ جي ذات انسان کي ساه جي رڳ کان به وڌيڪ ويجهي آهي۔ اتي هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن واقعي مالڪِ قدرت ايڏو ئي ويجهو آهي ته پوء انسان ان جي موجودگي کان لا علم آهي يا غافل آهي؟ ان سوال جو جواب هر شخص پنهنجي علم ۽ عقل آڌار ڏئي سگهي ٿو۔ جڏهن ته ساڳئي سوال جو جواب هر صوفي پنهنجي تعليمات ۾ مختلف انداز ۾ پڻ سمجهايو آهي۔ دوستو اهو سوال ۽ ان جو جواب يقينا الڳ موضوع آهن جنهن تي توهان دوستن کي پنهنجي پنهنجي وس آهر راءِ ڏيڻ جي لاء عرض ڪجي ٿو۔ آخر ۾ اعجاز سائين جي هڪ شعر سان اڄوڪي ڪچهري جي پڄاڻي ڪجي ٿي۔ جڏهن تڏهن اسين، ڪو سمجهي جيڪڏهن جڏهن ڪم نه هو ڪُن جو، ته به هئا سون تڏهن ته به هونداسين اسين، جڳ نه هوندو جڏهن الحقيقت اعجاز چئي، ٻڌايون ڇا ٻڏهن هجڻ اسان جو هڏهن، ڪونهي جدا ڪنهن وقت کان۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت۔