تعليمي تباهي جي تصديق ڪندڙ سرڪاري انگ اکر هميران علواڻي گذريل هفتي جڏهن مون ڳوٺ تڙ خواجه (تعلقو جاتي) جا گرلز ۽ بوائز پرائمري اسڪول وزٽ ڪيا پئي ته سچ پڇو روئڻ اچي ويو. تمام خسته حالت هئي انهن اسڪولن جي. سڄي تعلقي، ضلعي بلڪه سڄي سنڌ جا سمورا گورنمينٽ بوائز ۽ گرلز پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪول تمام گهڻا زبون حال ۽ آثار قديمه جو ڏيک ڏين ٿا. ماضي ۾ ٺٽو علم ادب جو مرڪز رهيو آهي، جتي جي مدرسن ۾ فقه، قرآن شريف، حديث کان علاوه سائنس ۽ حساب جهڙن مضمونن جي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي، انهن مان سوين درسگاهن کي ان وقت يونيورسٽي جهڙو درجو حاصل هو ۽ پري پري کان طالب علم ٺٽي علم حاصل ڪرڻ ايندا هئا، پر اڄ ٺٽي جي تعليم تباهه ٿي چڪي آهي. گذريل اجلاسن ۾ مون سنڌ اسيمبلي ۾ عمارتن بنا اسڪولن بابت پڇيو هو، جنهن جي جواب ۾ مون کي ٻڌايو ويو ته بدين ضلعي جا 1094، دادو 435، حيدرآباد 28، ٺٽو 958، ميرپورخاص 643، مٺي 1568، سانگهڙ 1044، جيڪب آباد 494، لاڙڪاڻو 214، شڪارپور 241، خيرپور 624، نوشهرو فيروز 671، سکر 188، ڪراچي 153 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 726 اسڪول ڇت بنا آهن. منهنجي ٻئي سوال ته گهڻا اسڪول اڃا تائين بند پيل آهن؟ جي جواب موجب بدين ۾ 213، دادو 173، حيدرآباد 15، ٺٽو 360، ميرپورخاص 228، مٺي 1136، سانگهڙ 279، جيڪب آباد 163، لاڙڪاڻو 94، شڪارپور 329، خيرپور 413، نوشهرو فيروز 125، سکر 198، شهيد بينظير آباد 506 ۽ ڪراچي ۾ 73 اسڪول بند پيل آهن. مجموعي طور تي بند پيل اسڪول 4833 ۽ بنا عمارتن جي اسڪولن جو تعداد 8721 آهي. اهڙي نموني خسته حال اسڪولن جو تعداد بدين ۾ 535، دادو 16، حيدرآباد 71، ٺٽو 238، ميرپور خاص 122، سانگهڙ 466، ڪراچي 331، جيڪب آباد 59، لاڙڪاڻو 31، خيرپور 206، سکر 153، گهوٽڪي 108، عمرڪوٽ 31، مٽياري 75، قمبر-شهدادڪوٽ 157، ٽنڊو الهيار 25، ڄامشورو 31 ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 11 اسڪول زبون حال آهن، اهڙي طرح Non SNE (جنهن لاءِ بجٽ ۾ پئسا نه رکيل هجن) اسٽاف، پگهارن ۽ ٻين خرچن لاءِ حڪومتي جواب موجب 5204 اسڪول بنا SNE آهن. ٿرپارڪر 1300 اسڪول، جيڪب آباد 504، عمرڪوٽ 915، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ 195، بدين 27، دادو 45، مٽياري 38، سانگهڙ 30، حيدرآباد 4، ٺٽو297، ٽنڊو الهيار 158، نوشهرو فيروز 147، سکر 63، ڪراچي 105، ٽنڊو محمد خان 93، شهيد بينظير آباد 400، گهوٽڪي 247، ميرپورخاص 290، لاڙڪاڻو 21 ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ۾ 14 اسڪول بغير بجٽ جي رڳو عمارتن جي شڪل ۾ موجود آهن، جتي استاد وغيره مقرر ڪو نه ٿيل آهن. هن وقت سنڌ جي 28 سيڪڙو پرائمري اسڪولن ۾ صرف هڪ هڪ استاد مقرر ٿيل آهي. تعليم کاتي ۾ هن وقت پوڻا 4 لک ملازم (teaching and non teaching staff) آهي. سنڌ ۾ پرائمري کان سيڪنڊري تائين هڪ ڪروڙ، 12 لک ٻار سرڪاري ۽ پرائيوٽ اسڪولن ۾ پڙهن ٿا. ڪاليجن ۾ 75 هزار ٻار تعليم حاصل ڪن پيا، جڏهن ته سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 65.31 سيڪڙو ٻار پرائمري اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 34.69 سيڪڙو ٻار اڃا به پرائمري تعليم کان محروم آهن، سنڌ جي مڊل اسڪولن ۾ 35.45 سيڪڙو ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ مجموعي طور تي 64 سيڪڙو ٻار مڊل جي تعليم حاصل نه ڪري رهيا آهن. سنڌ ۾ سيڪينڊري سطح تي 33 سيڪڙو ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن وقت سنڌ جي سيڪنڊري اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ استادن ۽ ليڪچرارن جي کوٽ آهي، جنهن ۾ سائنس، فزڪس، بائيولاجي، ڪيمسٽري، حساب، ڪامرس جهڙن مضمونن کي پڙهائڻ وارن ليڪچرارن جي ڪمي آهي. هن وقت سنڌ جي 49028 سرڪاري اسڪولن مان 29035 اسڪول بغير بجلي جي ۽ 5037 اسڪول بغير فرنيچر جي ڪم ڪري رهيا آهن. هن وقت سنڌ ۾ 12000 پرائيوٽ اسڪول ڪم ڪري رهيا آهن. سڄي سنڌ ۾ 239 سرڪاري ڪاليج آهن، جن مان ڪراچي ڊويزن 118، حيدرآباد ڊويزن 54، سکر ڊويزن 31، لاڙڪاڻو ڊويزن 20 ۽ ميرپورخاص ڊويزن ۾ 18 ڪاليج ڪم ڪري رهيا آهن، جن ۾ 3 لک شاگرد ۽ شاگردياڻيون انٽرميڊيٽ، بيچلرز ۽ پوسٽ گريجوئيشن جي تعليم حاصل ڪن پيا، خاص ڪري ٻهراڙي واري ضلعن جي ڪاليجن ۾ سبجيڪٽ ٽيچرز جي شديد کوٽ آهي، سائنسي ليبارٽريز جي پڻ کوٽ آهي. سڄي سنڌ ۾ 126 ٽيڪينڪل ڪاليج ۽ 73 ووڪيشنل ادارا پڻ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن ٽيڪنيڪل ادارن ۾ پڻ استادن ۽ سهولتن جي کوٽ آهي. هن وقت Asian development plan طرفان 5880 ملين ڊالرن جو پراجيڪٽ موجود آهي، جنهن ۾ 1200 پرائمري اسڪولن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۽ بند پيل اسڪولن کي کولائڻ لاءِ پڻ پئسا ڏنل آهن، ان کانسواءِ 10-2009ع ۾ 2.99 بلين ڊالرز جي عالمي بينڪ جي سهڪار ۽ قرض تحت پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت سنڌ جي 10 ضلعن (لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ، دادو، خيرپور، شهيد بينظير آباد، بدين، ٺٽو، سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ مٺي) ۾ مختلف اين جي اوز ذريعي اسڪول کولائڻ لاءِ 3 سالا پراجيڪٽ Sindh education reform program شروع ٿيل آهي. ڇهين، ستين ۽ نائين ڪلاس ۾ پڙهندڙ نياڻين لاءِ 2400 رپيا اسڪالرشپ ۽ 9 کان 12 جماعت جي نياڻين کي 7460 رپيا اسڪالرشپ ڏيڻ وارا پروگرام پڻ ان پراجيڪٽ جو حصو آهن. ٻئي طرف ضلعي ٺٽي ۾ 3400 سرڪاري پرائمري، سيڪنڊري ۽ هاءِ اسڪولن مان 360 اسڪول ضلعي جي 9 تعلقن ۾ بند پيل آهن. اِي ڊي او تعليم موجب، استادن جي اڻ هوند جي ڪري اهي اسڪول بند پيل آهن. اڪثر ڪري استاد مقرر هجڻ باوجود پڙهائن نٿا، ٻين لفظن ۾ ويزا تي ويل آهن. سڀني کان وڌيڪ نياڻين جي تعليم جي حالت خراب آهي. ضلعي ٺٽي ۾ عورتن جي تعيلم جي شرح رڳو 7 سيڪڙو آهي. نياڻين جا اسڪول يا ته بند پيل آهن يا پوءِ خواتين ٽيچرز نه هجڻ ڪري فعال نه آهن. هن وقت ٺٽي جي تعليم کي بهتر ڪرڻ لاءِ سڀني کان پهرين استاد ۽ خاص ڪري خواتين ٽيچر مقرر ڪري، ٻارن کي تعليم جهڙي بنيادي حق ڏيارڻ طرف اوليت جي بنياد تي ڌيان ڏنو وڃي. مجموعي حالت اها آهي ته ٺٽي جي 1150 ڳوٺن ۾ اسڪولن جي عمارتن جي حالت تمام گهڻي تشويشناڪ آهي. انهن تمام کنڊر نما اسڪولن جي مرمت ۽ تعميرات جي ضرورت آهي. ڳالهه رڳو ضلعي ٺٽي جي 3400 اسڪولن ۽ 5 ڊگري ڪاليجن جي نه آهي، پر سڄي صوبي سنڌ جي سمورن ضلعن سواءِ ڪراچي جي باقي 22 ضلعن ۾ ساڳي صورتحال آهي. ائين لڳي ٿو ته سنڌ جي تعليم کي ڪنهن سازش تحت تباهه ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪنهن به چٽا ڀيٽي جي امتحان ۾ اسان جا هونهار شاگرد ۽ شاگردياڻيون ويهڻ جي لائق نه رهن. سنڌ جا هزارين نوجوان پريشان آهن، ته هن 21 هين صدي ۾ غير معياري تعليم ذريعي ڪيئن دنيا ۾ مقابلو ڪري سگهندا. اچو ته سڀ گڏجي شهيد محترمه جي خواب کي حقيقت بنائڻ لاءِ ڪوشش ڪريون. پڙهيل لکيل باشعور ٻار ئي اسان جو مستقبل آهي بشڪريه ڪاوش!