• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماءُ پيءُ جو ادب احترام

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ٿلهه: ابي ۽ امڙ جي دعا تون پيارا
کٽيندين ته عيندءِ ختم سورَ سارا


دعا پيءُ ماءُ جي ته ڏکڙن جي ڍال آ
ڪيو مون تجربو قسم ڪرد گارا


ابي ۽ امڙ جي پياري مٿان ئي
ڪري ظلمُ ظالمَ نه سگهندا سگهارا


مصيبت جا ايندي ٽاريندو خدا ٿي
ابو ۽ امان ٿي اُنهيءَ جا سهارا


ابو ۽ امان جنهن کان ناراضُ آهن
انهن کان ئي ناراض پروردگارا


چکو ڏينهن ڪوئي نه ڏسندو اهو ئي
ويا جنهن کان پنهنجا ٿي پيءُ ماءُ ڏکارا


گهرين راضي ”اطهر“ حقاني خدا ٿي
ته رکُ راضي پيءُ ماءُ پنهنجا خدارا

محمد اطهر حقاني
الفاروق سنڌي رمضان1431هه
 
Back
Top