• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سرويچ سجاولي

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
جنهن غريبن ڪاڻ تڙپي شعر سارا سرجيا
جنهن اسيرن کي به آٿٿ لفظ لک لک گفٽيا

جنهن مزورن کي ڏنا ميڙي چنبيلي موتيا
جنهن ڪسانن ڪاڻ سک سورج مکي ۾ سوچيا

درد پورهيت جو پسي سرويچ سر گهري لکيو
سرد راتين ۾ رکي سرويچ سر گهري لکيو

جنهن سچائي سان لڙائي جنگ جرئت سان لڙي
ڏيهه ڏوهين کي ڏني ڏاڍي تکائي سان تڙي

پير چورن جا ٻڌايا راڄ ساري کي رڙي
قوم جي ڪارڻ سٺي جنهن جيل جابر جي تڙي

قيد ۾ قيدي به ٿي سرويچ سر گهوري لکيو
جيل خانن ۾ جلي سرويچ سر گهري لکيو

مجلسن کي جنهن مچايو ڏيهه جهڙي ڏات سان
سنڌ جون ڳالهيون ڪيون اوطاق جهڙي رات سان

ڀاڳيا ڀيڙا ڪيا جنهن ڀاڳ جهڙي بات سان
وير نانگن سان پرايو زهر جهڙي ذات سان

آگ ۾ اڳتي وڌي سرويچ سر گهري لکيو
باهه ٽانڊن ۾ ٽپي سرويچ سر گهري لکيو

سانگ آٿٿ سان اڏڻ لئه ٿي پون سانگي سجاڳ
سک ڏسن گامو سمورا گام جاڳي بخت ڀاڳ

ڀون ڀٽائي جي ڏسي ٻيهر سمن وارو سڀاڳ
آس اک اک ۾ اچي مرڪي پوي مهراڻ ماڳ

جي مري مرندي به جي سرويچ سر گهري لکيو
سانجهه آڌي پرهه ٿي سرويچ سر گهري لکيو

دين محمد سجاڳ پلي
الفاروق سنڌي رمضان 1431هه
 
جواب: سرويچ سجاولي

سرويچ سنڌ جو واقعي سرويچ آهي

سندس شاعري مان سنڌ سان محبت پئي بَکي۔

جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.
ويهي رُڳو واکاڻجن؛ ٻيلا ٻنيون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

سُرما وجھي ، ڏيئي ڦڻيون ، پاڻِي ڀرڻ لاٰءِ پدمڻيُون،
گڏجيو هلن پنج ست ڄڻيون، ”هيڏن ڪنڌن سان“ ڪامڻيون،
ڪن کي لَٿون ڪن وينڊڙا ، سر تِي سمورين سينهڙا،
گُجرن ڀريا پاڻيءَ گھڙا ، ڪن ڪڇ تي ڪن ٻيلهڙا.
هو لاڏ مان لُڏنديون اچن، ڏس لاڏِليون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جِت جيڏڙيون جنسار ڪن، سَت سَت رنگا سينگار ڪن،
هٿ مُنهن ڌوئِي هسهار ڪن، تان گس گھٽيون گلزار ڪن،
جلوا ٿا پَکڙن جُو به جُو ، سرهاڻيون پڻ سُو به سُو،
دَرشن ٿين جي دُو به دُو ؛ تان ڄڻڪ حورون هُو به هُو.
سبحَانهُه سبحانهُه . . . . ! سي سوڍيون مهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

ڳڀرو اَچن ڳاٽن سان جت ، ڏوٿي اُڀن ڏاٽن سان جت،
گھوٽيا گھمن گھاٽن سان جت، ۽ گھوٽ گھوٻاٽن سان جت،
اوڍيو گھُمن سِي اجرڪون ، ٽوپين تي موتِي ۽ ٽِڪُون،
ڇا پُت بَدن جون بيهڪوُن، ٿا سونهن جون لاهين سِڪُون.
اهڙا ٻچا اڄ ڀي ڄڻين اڪثر اَميون مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جي ٻوليون تِن جون ٻُرن، ٿا چنگَ ڪَر چالَن چرن،
يا ساز ڪنهن تي هٿ سُرن، يا روح تان برفُون ڀرن،
يَا گيت پيو ڪو ڳائجي ، يَا وَائي پئي ورجائجي،
يَا لهر پئي ٽڪرائجي ، يَا ڪنوار پئي پرڻائجي،
يا چيٽ ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيون ڪن، ڪي چاڳليوُن مَهراڻ جون،
جنت الفردوس آهن ، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.

جن جا جري ۽ جوان پُٽ ، ڳاڙها جيهاَ حُلواڻ پُٽ،
رانديون ڪُڏن رت ساڻ پُٽ ، سرويچ پُٽ سرواڻ پُٽ،
هِڪ هِڪ سان سدا هيڙا جگر، هِڪ هِڪ ڇڏي توڙي ڪڪر،
هِڪ هِڪ اٿئي سيني سُپر، هِڪ هِڪ ڪري چِيهون ڇَپر،
هِڪ هِڪ سنديءَ مستيءَ ۾ ڏس، مستيون انهي مهراڻ جون،

ڀاءُ وساڻ صاحب مهرباني اوهان جي۔
 
Back
Top