TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
مرد حق ڪامل قلندر حيدري
اهل سنت جو هو رهبر حيدري
گهور ٿيو اصحاب جي ناموس تان
منهنجو سائين منهنجو دلبر حيدري
وات کولي مان چوان ٿو برملا
هو وفا جو سائين پيڪر حيدري
خيرپور جو خوبصورت شير هو
سر ڏئي ويو دين خاطر حيدري
هو مبلغ ۽ مناظر دين جو
واهوا ناياب گوهر حيدري
ڪو پڙهي ايمان ڪامل سان ڏسي
واهه! خطبات _ جواهر حيدري(1)
گهرج آهي چئن سان چاهت رکو
ويو ڪري اعلان گهر گهر حيدري
ٿيو ”ثناءُ الله“(2) جنهن جو ناشين
حيدري جو آبرا در حيدري
”سال ٽيهين ۽ صدي چوڏهينءَ ۾“
ويو شهادت ماڻي دلبر حيدري
ويندي ويندي خيرپور کي ويو ڪري
خون پنهنجي سان معطر حيدري
حيدري صاحب جون خوبيون ڇا لکان
هو ”مجاهد“ ۽ بهادر حيدري
اهل سنت جو هو رهبر حيدري
گهور ٿيو اصحاب جي ناموس تان
منهنجو سائين منهنجو دلبر حيدري
وات کولي مان چوان ٿو برملا
هو وفا جو سائين پيڪر حيدري
خيرپور جو خوبصورت شير هو
سر ڏئي ويو دين خاطر حيدري
هو مبلغ ۽ مناظر دين جو
واهوا ناياب گوهر حيدري
ڪو پڙهي ايمان ڪامل سان ڏسي
واهه! خطبات _ جواهر حيدري(1)
گهرج آهي چئن سان چاهت رکو
ويو ڪري اعلان گهر گهر حيدري
ٿيو ”ثناءُ الله“(2) جنهن جو ناشين
حيدري جو آبرا در حيدري
”سال ٽيهين ۽ صدي چوڏهينءَ ۾“
ويو شهادت ماڻي دلبر حيدري
ويندي ويندي خيرپور کي ويو ڪري
خون پنهنجي سان معطر حيدري
حيدري صاحب جون خوبيون ڇا لکان
هو ”مجاهد“ ۽ بهادر حيدري
ابو حسان مجاهد مهر
الفاروق سنڌي رمضان 1431هه
الفاروق سنڌي رمضان 1431هه
(1) سائين حيدري صاحب جي تقريرن جي ڪتاب جو نالو۔
(2) سائين حيدري صاحب جو ننڍو ڀاءُ مولانا ثناءُ الله حيدري صاحب