• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ارسا

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ڇاجي با اختيار بي اختيار ارسا تي لکون
ٿي وڏن اڳيان رهي لاچار ارسا تي لکون


سنڌ جو پاڻي کڻي چشما گريٽر ٿل ويا
ٿي ڏسي سمجهي نه ٿي بيمار ارسا تي لکون


ڪوٽڙي کان هيٺ ڪجهه پاڻي ڇڏڻ چاهي نه ٿي
روز ٻاراڻيون ڪري ٿي ٻار ارسا تي لکون


فيصلن ۾ ڌر ٿئي صوبائيت کي ڏي هوا
سار هڪ ڏر جي لهي هر بار ارسا تي لکون


ڪو نه ٿي تقسيم پاڻي کي ڪري انصاف سان
پر ڪري پيدا رڳو تڪرار ارسا تي لکون


هن جي فورم جو ته ڪو مقصد نه بي مقصد لڳي
ڪاگر ناهي بيڪار ارسا تي لکون


ٿا وچولو ٿر اتر ڪاڇو جبل ڏک ئي ڏسن
لاڙ ويچاري ڏسي آزار ارسا تي لکون


منڍ وارن جا کڻي نخرا نوازش ٿي ڪري
پوڇڙي وارا ڪري بي زار ارسا تي لکون


جي بچيل آهي ته تربيلا ۾ ڇڏي ٿي نه ته ٺهيو
اڳ ۾ منگلا تي لکي ٿي تار ارسا تي لکون


سنڌ وارن کي رڳو داٻا ۽ دڙڪا جت ملن
سنڌ وارن لئه نه جت جيڪار ارسا تي لکون


ٿي ٿئي گڙٻڙ گڊو کان اڳ سکر وٽ ڇا بچي
ڪوٽڙي وٽ ٿو بچي ايثار ارسا تي لکون


ٿي کڻي هر هر اشو ڀاشا ۽ ڪالاباغ جا
ٿي کڻي هر هر اشو ٽي چار ارسا تي لکون


سنڌ جو پاڻي وٺڻ لئه سنڌ وارن جا ”سجاڳ“
ٿي پون ڪردار سڀ بيدار ارسا تي لکون


دين محمد سجاڳ پلي
الفاروق سنڌي شوال 1431هه
 
Back
Top