• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀاشا ڊيم

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ٺاهيو ٻيو ٿا مگر ڀاشا به ڪالا باغ جيئن
سنڌ لئه ڊينگو مڇر ڀاشا به ڪالاباغ جيئن

ٻن جو مقصد ساڳيڳ بدنام هو هي نيڪ نام
هي بنايو ويو سکر ڀاشا به ڪالاباغ جيئن

فائدا نقسان هن جا پوءِ ڏسون پهرين ڏسون
هي ته ناهي ڪو چڪر ڀاشا به ڪالا باغ جيئن

ڇو نه ڪندو هي ذخيرو ڊيلٽا ساري ڊليٽ
بي خبر ٿيون با خبر ڀاشا به ڪالاباغ جيئن

ايئن نه ٿئي جو وڃي ٿي ڄامشوري کان اڳي
آف سنڌو جو سفر ڀاشا به ڪالاباغ جيئن

اڄ اچن مهران ۾ جيڪي ڪيوسڪ شل اچن
سي سڀاڻي ڀي نظر ڀاشا به ڪالاباغ جيئن

ڇا خبر ايندو به ايندو ڪو نه ڪلهه وانگر نظر
اڄ به ڪينجهر ۾ قمر ڀاشا به ڪالاباغ جيئن

ڇو اسان کان ڪونه پڇيو ويو اسان جو مسئلو
ٿو پڇي هر گام گهر ڀاشا به ڪالاباغ جيئن

هن کي متعارف ڪرايو ڇو نه ويو تفصيل سان
ڇو ته هي هو پر خطر ڀاشا به ڪالاباغ جيئن

اڄ برابر ڪو نه جي ڪن صبح جو ڪهڙي ڪندا
سي ورهاست ڪاگر ڀاشا به ڪالاباغ جيئن

روز ٿا واعدا ڪريو ۽ ٽوڙيو پوءِ ٿا چئو
ڀروسو هاڻي ته ڪر ڀاشا به ڪالاباغ جيئن

هند کي توئي ڏنو وڪڻي حصو تنهنجو سڄو
ته به نه ڇڏيئن ٿو پچر ڀاشا به ڪالاباغ جيئن

دين محمد سجاڳ پلي
الفاروق سنڌي شوال 1431هه
 
Back
Top