”اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن سنڌي اقليت ۾ بدلجي ويندا.“ سنڌ ۾ ڪاروڪاري، قبيلائي جهيڙا، ذاتين جي حوالي سان ايسوسئيشن ۽ انهن جي ٽڪرائجندڙ مفادن سبب پيدا ٿيل دشمنن ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري تي نظر وجهڻ سان ان جملي جي حقيقت ڀوائتي انداز ۾ سامهون اچي وڃي ٿي. سنڌ جون موجوده سماجي ۽ سياسي حالتون هاڻي ان حد تائين پهچي چڪيون آهن، جو هر طرف مايوسيءَ جو راڄ نظر اچي ٿو. اهڙي مايوسي قومن کي اڳتي وٺي زندگيءَ جو احساس ڏيارڻ بدران گمناميءَ جي اونداهين ۾ گم ڪري صفحهءِ هستي تان مٽائي ڇڏي ٿي، جنهن جو درد هر سنڌي محسوس ڪري ڪنهن اهڙي هستي جو انتظار ڪري رهيو آهي، جيڪا کيس مايوسي جي انهن اونداهين مان روشني جي تروري وانگر وجود جي لڳ تي لائي. سنڌي قوم جي ان درد ۽ بيوسيءَ کي اندر جي اونهاين سان محسوس ڪري، علي قاضي مايوس قوم جي اکين آڏو ”تبديلي جو هڪ منظر“ پيش ڪري، اهو احساس ڏياريو آهي ته هيءُ هڪ زنده قوم آهي، جيڪا پنهنجي ٻولي، ثقافت، ادب، تهذيب ۽ تمدن جي بقا لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ هميشه تيار آهي. ان جو اظهار اسان گذريل سال 6 ڊسمبر تي ڏسي چڪا آهيون ۽ دنيا کي ڏيکاري به چڪا آهيون ته تبديليءَ جي ان خواب جي تعمير ايڪتا ۾ ئي آهي. جڏهن اسان پنهنجين ڪوڙين انائن جي خول مان نڪري، پنهنجون رنجشون وساري، هٿ هٿ ۾ ڏئي، وک وک سان ملائي، زنجير جي ڪڙين وانگر هڪ ٻئي سان جڪڙجي وينداسين، تڏهن ئي ان تبديليءَ جا اهڃاڻ چٽا ٿي ويندا. انقلاب جو مقصد صرف بندوق هلائڻ نه هوندو آهي، پر ان جو مقصد هڪ بهتر سماج جي تخليق ۽ اڏاوت هوندو آهي. زنده ۽ غيرت مند قومون اهڙو انقلاب پنهنجي ايڪتا سان ئي برپا ڪري سگهن ٿيون. اهڙو انقلاب جنهن ۾ قومي وجود جي بقا جو راز سمايل هجي ٿو. ايڪتا ڏينهن کي هر سال ”سنڌ ڊي“ طور ملهائڻ کي هر طبقي جي هر ماڻهو، سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن ۽ تنظيمن نه رڳو دل سان قبول ڪيو پر ان جو مظاهرو به ڪيو. هن سال به ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين پنهنجو وچن ورجائي محرم الحرام سبب 6 ڊسمبر بدران 5 ڊسمبر تي سنڌ ڊي ملهائڻ جو سڏ ڏنو ته ماڻهن جي چهرن تي ڄڻ سرهائي اچي ويئي ۽ اهي جوش ۽ جذبي سان ان ڏينهن لاءِ تياريون ڪرڻ لڳا آهن.۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔