TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
اٿ مرد مجاهد ڪر آزاد وطن پنهنجو
تون مرد مٿيرو آن ڪر ياد سخن پنهنجو
آ غير ٿيو حاوي بيدار ڪڏهن ٿيندين
ڪجهه سوچ سياڻا تون ڪر شاد وطن پنهنجو
غيرت جي تقاضا آ ڇڏ لوڀ ۽ لالچ کي
ڌرتيءَ سان وفا ڪر ۽ کڻ ساڻ ڪفن پنهنجو
غافل ڇو رهين تون هن ديس جي خدمت کان
گلزار جي خوشبو آ بستان چمن پنهنجو
هي ملڪ مثالي آ هر چيز نرالي آ
بنياد اٿس ڪلمون آ باغ عدن پنهنجو
مضبوط خدايا رک هن ملڪ جي ماڻهن کي
دشمن جي نگاهن کان محفوظ رهن پنهنجو
خوشحال ”علي شيرا۔ هر ڪو پيو رهي هتڙي
سر ديس لئه ڏين جيئن سڀ ڪن هي وچن پنهنجو
تون مرد مٿيرو آن ڪر ياد سخن پنهنجو
آ غير ٿيو حاوي بيدار ڪڏهن ٿيندين
ڪجهه سوچ سياڻا تون ڪر شاد وطن پنهنجو
غيرت جي تقاضا آ ڇڏ لوڀ ۽ لالچ کي
ڌرتيءَ سان وفا ڪر ۽ کڻ ساڻ ڪفن پنهنجو
غافل ڇو رهين تون هن ديس جي خدمت کان
گلزار جي خوشبو آ بستان چمن پنهنجو
هي ملڪ مثالي آ هر چيز نرالي آ
بنياد اٿس ڪلمون آ باغ عدن پنهنجو
مضبوط خدايا رک هن ملڪ جي ماڻهن کي
دشمن جي نگاهن کان محفوظ رهن پنهنجو
خوشحال ”علي شيرا۔ هر ڪو پيو رهي هتڙي
سر ديس لئه ڏين جيئن سڀ ڪن هي وچن پنهنجو
حافظ علي شير بنگلاڻي
الفاروق سنڌي رمضان 1431هه
الفاروق سنڌي رمضان 1431هه