TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
ٻوڏ اچي ٿي ڀڄو ڀڄو ڙي ٻوڏ اچي ٿي
جان بچايو وارو ڪيو ڙي ٻوڏ اچي ٿي
ٽوڙي بند ڀڳو ويو آ سنڌو سنڌ ڏي سڌو ٿيو آ
ٿورو بلوچستان ڏڪائي سنڌ ڏي ساڳيو موٽي پيوڙي ٻوڏ اچي ٿي
پاڻي پويان ماڻهو اڳ ۾ سيد سرڪي ڀڳٽي دڳ ۾
پاڻي ناهي آفت آهي ڌن کي ڇڏي ڏيو تن جي ڪيوڙي ٻوڏ اچي ٿي
رستا راهوب مرد ۽ مايون لڙهندا ڇڏي ان مال ۽ جايون
راهن ۾ بس دانهون ڪوڪون پاڻي پياريو ڏجو ڳڀوڙي ٻوڏ اچي ٿي
پنهنجو ناهي غير به ناهي والي واهي ڪير به ناهي
حاڪم بيٺا بغليون وڄائن هٿ ۾ هنن ڀي ڪستو کنيوڙي ٻوڏ اچي ٿي
ٽي وين منظر ڏک جو ڏکاريو ماڻهن ماڻهن کي ٿي ماريو
ڪوئي سخي جنهن اڇلين چانور گتهه پٺيان هر بکيو ڀڳوڙي ٻوڏ اچي ٿي
ڪو نه رهيو آ راڻو راڻي ملڪ سمورو پاڻي پاڻي
سُڪَ ۾ سڙن امروٽ ۾ ساريون انڌ نگر ۾ انڌ ڏسوڙي ٻوڏ اچي ٿي
ڪا ته خطا آ جنهن جي سزا آ دڙڪو رفيق ڏنو خدا آ
رنج هجي ها ڪجهه نه بچي ها وارو مليو آ توبه ڪيوڙي ٻوڏ اچي ٿي

سيد رفيق شاه امروٽي
الفاروق سنڌي ذوالقعده 1431هه
الفاروق سنڌي ذوالقعده 1431هه