منهنجو نالو عبدالواحد سومرو آهي، هنرمند ڪالوني ڀٽ شاھ ۾ رهندو آهيان۔ سنڌ جي ثقافت اجرڪ سازي سان منهنجو تعلق آهي۔ ان ڪري هنرمند ڪالوني ڀٽ شاھ ۾ رهان ٿو، پر ڪجه عرصي کان ان هنر سان وابستگي ختم ٿي و ئي آهي ڇو ته هن وقت آئون سرڪار جو ملازم آهيان۔ هن فور م تي آ ڻڻ ّ۾ ادا نثار ناز صاحب جن جا احسان آهن۔ ادب جي ميدان ۾ منهنجي ڪا خاص سڃا ڻپ نه آهي شاعري جي معني سکڻ جي ڪوشش ڪيان پيو، ان ننڍڙي ڪوشش ۾ آئون پاڻ کي "مجروح ڀٽ شاهي" سڏرائيندو آهيان۔ منهنجي ان ڪوشش ۾ استاد مرحوم بلال پرديسي رهيو، انهن جي رحلت کان پوء ان جي ڀائيٽي خميسو خان خانوٺي ۽ حسن علي ٽالپر ولد مير الله بخش تالپر کان ڪجه فيض پرائڻ جي ڪوشش ڪندو اهيان۔
جواب: تعارف ادا اوهان کي ڀليڪار ٿا چئون هن محبتي اڱڻ تي۔ ۽ ٿورا سائين ناز صاحب جن جا جن اوهان جهڙي محبتي کي اوطاق تي آندو۔ سدائين گڏ
جواب: تعارف ادا طاهر آئون اوهان جي انهن محبتن جو شڪر گذار آهيان جو اوهان مون نا چيز کي ايڏي عزت بخشي۔ لک لائق اوهان جا۔
جواب: تعارف ڀٽ جي سهڻي شهر، سنڌ جي سرتاج لطيف جي نگريءَ جي محترم واحد سومري صاحب کي هن سنڌ دوست اوطاق تي ڀليڪار چئجي ٿي ۔۔۔ جهڙيءَ طرح سان استادن جا نالا کنيا ويا آهن ۽ مٿان اهو چيو ٿو وڃي ته شاعري ڪون ڄاڻان، سنڌ جي سهڻي ثقافت جي ڪم سان لاڳاپيل هجڻ جو ٻڌايو ٿو وڃي ٿو ۽ عاجزي سادگي الڳ ۔۔۔ هن اڱڻ جي مهندار ناز سان پيچ لڳل آهن ۽ هن اڱڻ تي اچڻ جو سبب ۔۔۔ واه سائين محترم دوست، رنگ سهڻا آهن ۔۔۔ سنڌ سلامت جو اڱڻ اوهانجي هن دوستيءَ سبب روشن ٿيو آهي ۽ اميد ته سنڌ ۽ سنڌيت جي هن سفر ۾ اوهانجو ساٿ ڪارائتو ۽ لاڀائتو ٿيندو ۔۔۔ اوهانجي دوستي، اسانجي خوشنصيبي ۔۔۔ دوست وڌن ميلا لڳن ۔۔۔ ۔۔۔ اوهانجي ڪلام جو انتظار رهندو۔۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: تعارف ادا عبدالواحد سومرو، توهان کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ٿو چئجي، اميد ته هن محبتي اڱڻجي لاءِ اوهان هڪ نئين گل جي خوشبوءَ وانگر ثابت ٿيندا
جواب: تعارف ادا عبدالواحد سومرو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي محبتي ميڙ ۾ شامل ٿيڻ تي ڀليڪار پيا ڪيون۔ دوست اوهان جا قرب جو سائين نثار کي موٽ ڏئي هن اڱڻ جا ساٿي ٿيا آهيو۔ ادا هت ته سڀڪو ڪجه سکندو آهي ۽ ڪجه پنهنجي پاند مان دوستن سان ونڊيندو آهي۔ اوهان جا لک قرب جو اوهان هن اڱڻ تي پير پاتو
جواب: تعارف ادا توهان کي سنڌ سلامت جي فورم تي دل جي گهراين سان اسان طرفان ڀلي ڪار هجي، اميد ته سنڌ سلامت جو ساٿ جاري ۽ ساري رکندا،
جواب: تعارف ادا عبدالواحد سومرو صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي محنتي اڱڻ تي۔۔۔اسان دل جي گهرائين سان ڀلي ڪار ٿا ڪيون۔ اسان جي اوطاق تي۔۔۔اوهانجي جي لا خاص
جواب: تعارف ادا مهنجي طرفان سبني ڀاءرن کي سلام and im from larkana city ادا مهنجو نالو ثناءالاه آهي مان لاڙڪاني شهر ۾ مهلا باڪراني رود مهمد پور جو رهندر آهنيان هن فورم تي اچڻ تي خاس مهرباني عٻدالواهد ڀاء جي آهي
جواب: تعارف ادا عبدالواحد سومرو صاحب توهان کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ٿا چئون ان سان گڏ اسان سائين نثار ناز جن جا شڪر گذار آهيون جن توهان سنڌ سلامت فورن تي آندو....................................
جواب: تعارف ادا مهنجي طرفان سبني ڀاءرن کي سلام and im from larkana city ادا توهان کي به اسان جي طرفان به خوش آمديد .....
جواب: تعارف سڀني دوستن جي وڏي مهرباني جن لفظن جا موتي پوء سنڌ سلامت جي هن محبتي اڱڻ تي پنهنجي جيئ ۾ جايون ڏنيون، ان ۾ نثار ناز صاحب جن جي خاص مهرباني آهي۔
جواب: تعارف پياري عبدالواحد مجروح سومرو ڀٽ شاهي، جون مهربانيون جنهن اسان جو غريباڻو سڏ ورنايو ۽ سنڌ سلامت جي هن اڱڻ کي مهڪايو۔ شال جُڙيو هُجي آمين۔