حملو شديد عشق ڪيو، اوچتو نه هو۔

'استاد بخاري' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏1 ڊسمبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    حملو شديد عشق ڪيو، اوچتو نه هو۔
    پر دل کي توڙي ديد کي پورو پتو نه هو۔

    تو اشتياق منهنجو هميشه بکيو رکيو،
    ڄڻ ڀيم ڪنهن کي قيد ۾ ملندو ڀتو نه هو۔

    ڳل حسن جو هو، نرڙهو هن جو،ڇهان ته ڪيئن،
    گل ڪون هو ڪنول جو، پپر جو پتو نه هو۔

    آيو ته سخت تڙپندو، ڪوڪون ڪندو، ڏٺو،
    ڪيئن ٿا چئو ته آدمي توڙئون تتو ته هو۔

    ڪو دور پنهنجي ڦند ۾ ڦاسي ته ٿو سگهي،
    درياهه پنهنجي ڪنب جي گپ ۾ گتو نه هو۔

    محشر جي ڀيڙ پيڙ مان گذريس، سڄڻ پڇيو،
    مرڪي چيم ته هيل هي ميلو متو نه هو۔

    شهبازجي اڏام پٺيان دام ڇا پوي،
    آواز منهنجو واء وڪوڙي وتو نه هو۔

    ٿي ٿو سگهي پٿر ڪي ترازي ۾ تورجن،
    بازار ۾ کيرٿر ته بخاري کتو نه هو۔




     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: حملو شديد عشق ڪيو، اوچتو نه هو۔

    حملو شديد عشق ڪيو، اوچتو نه هو
    پر دل کي توڙي ديد کي پورو پتو نه هو

    استاد جي شعري عشق ، محبت ۽ انقلاب سان ڀريل :

    اڌ رات جو اُٿلي پٿلي ، استاد بخاريء تڙپي
    هي گيت لکيو هو ڪيئن
    اهو عڪس به دل ۾ اڪري ويو
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: حملو شديد عشق ڪيو، اوچتو نه هو۔



    ادا تمام بهترين چونڊ۔
     
  4. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: حملو شديد عشق ڪيو، اوچتو نه هو۔

    بهترين ونڊ
    مهربانيون۔۔۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: حملو شديد عشق ڪيو، اوچتو نه هو۔

    ادا عرس پريا الله خوش رکئي۔
    پر ادا جڏهن به تون استاد جي اهڙي شاعري ونڊين ٿو ته آءُ تڙپي پوان ٿو۔
    مهرباني ڪري اسان جهڙن ڪمزور ماڻهن تي رحم ڪريو۔
    ٻي صورت ۾ آءُ اوهان جي پوسٽ ڏسندس ئي ڪانه۔
    لک ٿورا۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: حملو شديد عشق ڪيو، اوچتو نه هو۔

    حملو شديد عشق ڪيو، اوچتو نه هو
    پر دل کي توڙي ديد کي پورو پتو نه هو
    ادا تمام زبردست ونڊ آهي .،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو