نجم الدين ڪنڀر
سينيئر رڪن
ڪراچي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال سبب ۽ ڪرڻ جواصل ڪم.
نجم الدين ڪنڀر
ڪراچي وطن عزيز جو اهڙو شهر آهي جنهن کي عالم اسلام جي سڀ کان وڏي شهر هئڻ جو اعزاز حاصل آهي. هن جي ٻي حيثيت هي آهي جو هي ملڪ جي معيشت لاءِ ساهه جي رڳ جي حيثيت رکي ٿو.ڪراچي شهر جي ٽين اهميت هي آهي جو عالم اسلام ۾ ديني مدرسن ۽ ديني تعليم جي ڪري هن کي منفرد مقام حاصل آهي.ڪراچي جي چوٿين اهميت اها آهي جو ملڪ ۾ دعوت توڻي جهاد جي سرگرمين ۽ ان ۾ هڙان وڙان مڙني کان اڳڀرو رهندو اچي.انهي ڪري ڪراچي ڪافي عرصي کان دشمن جي گھيري ۾ رهندو پيواچي.۽ مسلمانن جي رت سان راند کيڏي پئي وڃي.سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي جو هاڻ ڪراچي ۾ قاتلن جا اهڙا گروهه سرگرم ٿي ويا آهن جن جي واڳ هن ملڪ جي بجاءِ ٻاهرين قوتن جي هٿ ۾ آهي. هي گروهه اشارو ملندي ئي معمولي واقعي کي بنياد بڻائي ڀڀڙ مچايو ڇڏين. ڪراچي ۾ٿيندڙ هن خون وخرابي ۾ جن قوتن جو عمل دخل آهي تن ۾ ڀارت،اسرائيل ۽ عالمي قوتن جي خفيه ايجنسين جي پلاننگ شامل شامل آهي.انهن جي خواهش آهي ته پاڪستان جي دل ڪراچي مسلسل مسلمانن جي رت سان رڱيل رهي. ته جيئن هڪ طرف پاڪستان جي معيشت جي بنياد ڪمزور رهي ته ٻئي طرف پاڪستان ۾ ملت اسلامي جو اتحاد ٽڪرا ٽڪرا ٿي پوي. ٽيون پاڪستان جي باري ۾ ناڪام رياست جو تاثر وڌيڪ پڪو پختو ٿي پوي.
ڪراچي جي حالتن جي خرابي ۾ مهاجرن جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم جي هن ڳڻتي جو به عمل دخل آهي ته ڪراچي هنن جي قوت جو مرڪز آهي هن شهر ۾ هنن جي آبادي جي اڪثريت گھٽ ٿيندي پئي وڃي، ٻين قومن جا ماڻهو سڄي ملڪ مان لڏپلاڻ ڪري هت اچي هنن جي اڪثريت جي دعويٰ لاءِ چئلينج بڻجندا پيا وڃن.
لساني قوميت جو تصور هوئن ته اسلامي تعليم جي سراسر خلاف آهي پر جنهن ملڪ ۾ سماجي ۽ معاشي نا انصافي جو ٻائيتال هجي ۽ مڙني پاليسي ٺاهيندڙ ادارن تي ڊگھي عرصي کان هڪ خاص علائقي جي فردن جو قبضورهيو هجي ، اهڙي ملڪ ۾ قوميت جي تصور کي اڀرڻ کان روڪڻ انتهائي ڏکيو عمل آهي. مهاجر قوميت دراصل ان احساس ڪمتري جي شڪار آهي ته ملڪ جي سياست ۾ ٻين قوميتن وانگر اسان جي نمائنده سياسي قوت به موجود هئڻ گھرجي ته جيئن اسان جي سياسي و معاشي محرومي جو ازالو ٿي سگھي.مهاجرن جي هن احساس محرومي هن وقت جيڪا عملي صورت اختيار ڪئي آهي ، اُها اِها آهي جو ڪراچي ۾ 1985 کان وٺي اڄ تائين هزارين بيگناهه معصوم مارجي چڪاآهن.
حقيقت هي آهي جو قوميت جو اهڙو جن آهي جو هڪ ڀيرو بوتل مان نڪرڻ بعد ان کي قابو ڪرڻ انتهائي اهنجو ٿيو پيوي. مهاجر قوميت جي وڌندڙ ڏاڍ ۽ ظلم جي جواب ۾ ڪراچي ۾ آباد باقي قومون به پنهنجي بچاءُ لاءِ منظم ٿيڻ ۽ هٿيار رکڻ تي مجبور ٿي پيون آهن.
ڪراچي جي خراب حالتن ۾ حڪومت جي مسلسل نا اهلي ،مصلحت پسندي ، اڻواقفيت ۽ سياسي مفادن جو پڻ عمل دخل آهي.حڪومت حالتن جو تجزيو ڪرڻ ،حڪمت سان ڪراچي ۾ موجود مڙني قوميتن جي ڳڻتي کي ختم ڪرڻ ۽ قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ۾ بري طرح ناڪام وئي آهي. 1985 کان وٺي اڄ تائين سموريون حڪومتون هن سلسلي ۾ جيڪي ڪردار ادا ڪنديون پئي رهيون آهن ان کي ملڪ وملت جي بدخواهي ئي چئي سگھجي ٿو. هن سلسلي ۾ حڪومتن جي ناڪامين جو بنيادي سبب هي آهي ته هر حڪومت جي منصوبه بندي وقتي مصلحت ۽ ذاتي مفادن تي ٻڌل هجي ٿي. انهن مصلحتن ۾ پنهنجي حڪومت جو بچاءُ،ڪميشن ذريعي وڌ کان وڌ دولت ميڙڻ،۽ عالمي قوتن اڳيان هٿ ٽنگڻ جو بهانو شامل آهن. انهن مصلحتن هر حڪومت کي ڳوڙهي سوچ ،مستقل ۽ پائيدار رٿا بندي جي صلاحيت کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي جي خراب حالتن ۾ دشمن جي خفيه ايجنسين جو شامل هجڻ، دشمن جي هن ڳڻتي جي نشاني آهي ته عالم اسلام جي هن سڀ کان وڏي شهر تي وار ڪري هن جي ملت اسلامي واري مرڪزي حيثيت کي ڇيهو رسايو وڃي. دشمن جيتوڻيڪ اهڙين سازشن ۾ مصروف آهي پر اها ڪا اهم ڳالهه ناهي، جنهن جي توقع به نه ڪجي، پر ان کان وڏي اهم ڳالهه هي آهي جو انهن دشمنن جي سازشن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح شريڪ ٿيڻ، انهن سازشن کي ناڪام ڪرڻ جي صلاحيت هئڻ باوجود اکيون پورڻ، هن رت جي راند ۾ مانگر مڇ وارا لڙڪ وهائڻ،وقتي بيان ڏيئي سنجيدگي کا ن ڪترائڻ، اهي اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿيون ته اسان جي سياسي قيادت پاڪستان جي ملت اسلامي سان آخري حد تائين غير سنجيده آهي. ۽ هن سان گڏوگڏ هو انسان جي احترام ۽ انساني جان جي بچاءُ جي سلسلي ۾ پنهنجن ذمدارين کان پڻ غافل آهي.
هن کان وڌيڪ افسوسناڪ ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي جو سالن وٺي ڪراچي ۾ نامور عالمن سميت ڪيتريون ئي اهم شخصيتون شهيد ڪيون ويون هزارين بيگناهه انسان ماريا ويا، انهن سمورن واقعن ۾ اڃا تائين ڪنهن هڪ به قاتل کي جھلي عبرتناڪ سزا ناهي ڏني وئي. ۽ نه ئي قاتلن جي گروه جو پتو پئجي سگھيو آهي.هزارين بيگناهه انسانن جي خون ۾ اڻسڌي طرح ئي شامل رهڻ ايترو ته وڏو ۽ ڀيانڪ ڏوهه آهي جو ان جي تصور سان ئي لڱ ڪانڊارجو وڃن ۽ روح تڙپڻ شروع ٿيو پوي. قرآن هڪ بيگناهه انسان جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏنو آهي.۽ هڪ بيگناهه انسان جي حياتي بچائڻ کي سموري انسانيت جي جان بچائڻ ڪوٺيو ويو آهي. ۽ بيگناهه انسان جي قتل جي آخرت ۾ سزا هميشه لاءِ جهنم جي باهه ۾ سڙڻ آهي.
اسلام جي ڏنل هن تعليم جي روشني ۾ ڪراچي ۾ ڊگهي عرصي کان ٿيندڙ قتلام ۾ شامل فردن بابت جيڪا راءِ قائم ٿئي ٿي اها هي آهي ته اهي سنگ دلي ،ڪٽرپڻي ۽ انسانيت دشمني جون مڙيئي حدون اورانگھي چڪا آهن. جيڪڏهن اسان جي سياستدانن ۽ اڳواڻن جي جسم ۾ انسانن واري دل موجود هجي ها اهي اهڙي سياست ۽ اڳواڻي کي ٺڪرائي ڇڏين ها، جنهن دولت ۽ قيادت هنن کي قاتلن جي سرپرستي ڪرڻ يا ان کان منهن ڦيرائڻ تي مجبور ڪيو آهي.دنيا جي چند ڏينهن جي عزت ،دولت ۽ ليڊرشپ جي خاطر هميشه واري زندگي کي برباد ڪرڻ ايڏي ته وڏي ناداني آهي جو هن کان وڏي ناداني ٿي ئي نه ٿي سگھي.انهن واقعن ۾ شامل فردن کي سوچڻ گھرجي ته اهي ڇا ڪري رهيا آهن؟ دنيا جي جنهن زندگي جي حيثيت اک ڦڙڪڻ جيتري به ناهي اهڙي زندگي جي چمڪ دمڪ خاطر دائمي زندگي جي روشن مستقبل کي برباد ڪرڻ عقل ۽ فهم واري قيادت لاءِ سڀ کان وڏو سواليه نشان آهي.۽ هي اهڙو نقصان آهي جنهن جو پورائو ناممڪن آهي.بيگناهه انسانن جي رت جي راند کيڏندڙ آخرت ۾ تمنا ڪندا ته ڪاش! اسان کي دنيا ۾ هر هر لٽڪائي سزا ڏني وڃي ها پرآخرت جي ڀيانڪ سزا کان بچايو وڇي ها. سوچڻ وارن لئه هن ۾عبرت آهي.
اهڙين حالتن ۾ ڪراچي وارن لاءِ هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي جو اهي بارگاهه الاهي ۾ پنهنجي بيوسي جو اظهارڪن ۽ ان پالڻهار جي اڳيان آهه و زاري ڪن ته مالڪ ڪائنات هنن کي هن خون خرابي کان بچائي .الله ڏانهن رجوع ٿيڻ ۽ ان کان دل جي گھراين سان فرياد ڪرڻ ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ پنهنجي قوت جو حصو وجھڻ سان ئي ڪراچي جون حالتون بدلجي سگھن ٿيون.هن کاسواءِ موجوده حالتب جي بهتري جي ڪابه صورت نظر نٿي اچي. جيتوڻيڪ ڪراچي وارا نيڪي ۽ خير جي ڪمن ۾ مڙني کان اڳڀرا آهن پر وسيلن ۽ آبادي جي لحاظ کان خير جي ڪمن ۾ ڪراچي وارن جو ڪردار پنج (5) سيڪڙو به مشڪل سان بيهي ٿو.هن سلسلي ۾ اڳڀرائي سان ئي الله سائين جي نصرت ۽سازشي قوتن کي منهن ڏيڻ جي قوت پيدا ٿي سگھي ٿي. ۽ (انهن به رٿ رٿي ،الله به رٿ رٿي ٿو،۽الله بهترين رٿ رٿيندڙ آهي.القرآن) جو منظر سامهون اچي سگھي ٿو.
نجم الدين ڪنڀر
پوسٽ باڪس نمبر 67 ميرپورخاص 69000. فون 03013282565
Email: najmudin_mps@yahoo.com