سائين مرزا غالب کي انب ڏاڍا وڻدا هئا هڪ ڀيري غالب وٽ ان جو ڪو دوست ملڻ آيو غالب جي دوست کي انب جي نالي وٺڻ سان ئي نفرت هئي ڪچهري دوران هڪڙو گڏه ٻاهران گذريو , انب جا ڇلڪا پيا هئا گڏه انهن کي سونگهي هليو ويو ته غالب کي ان جي دوست چيو ته ڏس انب اهڙي شئي آهي جنهن کي گڏه به نه ٿو کائي ته هڪدم مرزا غالب چيو ته "بيشڪ گڏه ڪونه کائي"))
جواب: غآلب جا چرچا هاهاهاهاها۔۔۔۔۔زبردست۔۔۔ادا۔۔۔انبن جو شوقين۔۔۔ڪاڪو آچر به اٿئي۔۔۔۽ ڪاڪي عاشق کي به انب تمام گهڻا وڻندا آهن۔۔۔۔سو غالب جي دوست کي چئوته ٿورو خيال ڪري۔۔۔۔جيڪڏهن اچي وئي نه ڪاڪي آچار کي ڪاوڙ ته غالب به ۽ غالب جو دوست به اسٽيشن تي هوندئي سامان ساڻ۔
جواب: غآلب جا چرچا غالب ته صفا ڪاڪا آچار وانگر حاضر دماغ نڪتو۔۔۔ عاشق مجبور۔۔۔ لڳي ٿو غالب جي تاريخ پڙهڻي پوندي۔۔۔
جواب: غآلب جا چرچا ها۔۔ڪاڪو آچار۔۔۔۔۽ غالب لڳي ٿو ننڍي هوندي گڏ رڍون چاريندا هئا۔۔۔۔۔ائين نه مست۔۔۔۔؟
جواب: غآلب جا چرچا [justify]نه يار۔۔۔ غالب جهڙي پياري شخصيت لاءِ ته ايئن نه چئو، صدين جي اندر ڪا قسمت سان اهڙي شخصيت ڄمندي آهي، تمام عظيم شاعر آهي [/justify]
جواب: غآلب جا چرچا [JUSTIFY] ادا پر ڪاٿي ڪاڪو آچار ڪاٿي غالب جهڙي عظيم مولائي شخصيت۔۔۔۔ ٻيلي رحم ڪر، لڳئي نه حيدري ڏنڊو asul matt، سڌر عاشق مجبور[/JUSTIFY]
جواب: غآلب جا چرچا ادا مست : پنهنجي دور جو زبردست شاعر، اردو ادب کي زنده رکڻ وارو شاعر جنهن جي باري ۾ اڄ خبر پئي سُٺي شاعرسان گڏ ڪاڪي آچار وانگر وڏو ڪو ڀوڳائي هو، جڏهن غالب حال حياتي هو ته ڀرپاسي وارا ان کي مرزا سان گڏ ڪاڪو غالب به ڪري ڪوٺيندا هُئا، ٿِي سگهي ٿو موجوده دور ۾ ڪاڪي آچار ڄامشورائي ۾ انڪل غالب جو روح اچي ويوهُجي ڪاڪو آچار گهڻو ئي سُٺو ڀوڳائي آهي پر افسوس اهو ڪاڪي غالب وانگر شاعر ڪونهي۔ مست ! ڪڏهن ڪاڪي آچار کي شاعر بُلبل بي قرار جي روپ ۾ ڏيکاري اسان جهڙن ٽي درجي وارن شاعرن جون فرمائشون به پوري ڪري ڏيکار۔ ته اسان به سمجهون ته ڪاڪو آچار شاعر ٿي ويو جهڙو اندر تهڙو ٻاهر ٿي ويو، رڪشي جو نه پر مست چوي، ٽريڪٽر جو هو ٽائر ٿِي ويو۔
جواب: غآلب جا چرچا [justify]لڳي ٿو مست کي هاڻي ڪو نه ڪو بِلو ڪرڻو پوندو، ڪاڪو آچار جيئن عجيب وغريب آهي، ايئن ئي سندس شاعري به عجيب آهي، پنهنجي شاعري ته ڪندو ئي آهي پر ٻين شاعرن جي شاعري جو ٻيڙو ٻوڙيندو آهي، مطلب ته پيروڊي ڪندو آهي، ڏسون ٿا ڪاڪي آچار کي ڳولي ڦولهي هٿ ڪيون ٿا۔۔۔۔[/justify]