هڪ ڏينهن ۾ صدين جو ايڪتا جو منظر آر رابيل بلوچ سنڌ جي تهذيب ايتري ته خوبصورت آهي جو صدين گذرڻ جي باوجود به سندس خوبصورتي ۾ نت نوان ۽ رنگ برنگي لاڙا سونهن ۾ تازگي آڻيندا رهن ٿا، جيئن هر گل جي مکڙيءَ مان ڦٽندڙ گل جڏهن پنهنجي جوڀن ۾ اچي ٿو ته ساري سنڌ جي خوشبو ان ڦٽندڙ گل مان نظر اچي ٿي، سنڌ جي تاريخ ايتري خوبصورت آهي جو هڪ صدي ۾ کوڙ سارن اهڙن جوڌن پٽن ۽ نياڻين جي تاريخ ملي ٿي، جن پنهنجي ڌرتي سان پاڻ ملهايو آهي، منصور سچ جي ڪري سولي تي چڙهيو، هيمون سامراج سان وڙهيو ۽ سيس نه نوايو ۽ هوشو مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون جو نعرو هڻي آخري دم تائين وڙهيو ۽ نياڻيون ٻاگهل ۽ بينظير ڀٽو جيان هميشه امر ٿي ويون، سنڌ جي تاريخ ڌرتي سان پيار محبت جي ڀرپور تاريخ آهي، عيد هجي يا شادي به سنڌ جي ثقافت نمايان ۽ زندهه رهي آهي پر اڄڪلهه پوري سنڌ ۾ عيد جو سمان موجود ۽ ڀرپور نمايان آهي، ايڪتا جي حوالي سان ڏنل سڏ ۾ پوري سنڌ شامل آهي، جيڪو گذريل سال ته 6 ڊسمبر تي ملهايو ويو هو. گذريل ٻن هفتن کان مسلسل عيد جو سمان جو منظر نظر اچي ٿو جيڪو ايڪتا جي پڪ ڏئي ٿو، سنڌ جي ثقافت 5 هزار سال گذرڻ جي باوجود به اڄ به نڪور آهي. ”ڪاوش“ سنڌين جي ٻڌي لاءِ ايڪتا ڏهاڙي جو اعلان ڪري هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۾ ولوله انگيز جذبو توڙي سنڌي ٽوپين ۽ اجرڪن جو منظر ڏيکاريو آهي ۽ دشمن جون پڻ وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن، علي قاضي جي ان ڀرپور محبت واري اعلان ڪروڙين دلين جي صدا بڻجي سج جيان نروار ٿي پوري دنيا ۾ چٿرون ڪندڙن جون وايون بتال ڪري ڇڏيون آهن ۽ ايڪتا جو ڏهاڙو تهذيب جي مالڪي جي مضبوط ديوار ۽ ٻڌي جو مضبوط قلعو آهي، ثقافتي ويس هر ننڍو وڏو فخر سان پهري ريلين ۾ شريڪ ٿي ”هو جمالو“ جي ڊانس ۾ محو ٿي ڌرتي ماءُ جي محبت ۾ مست نظر اچن ٿا ۽ هر ننڍو وڏو وچن جو ورجاءُ ڪري ڌرتي سان نينهن نڀائڻ جو وچن پيا ڪن، ايڪتا جو ڏينهن عيد جو سمان ته ضرور هوندو پر عيد کان به وڌيڪ خوبصورتي ان ڪري هوندي آهي جو سڀ سنڌي هڪ ئي ڊريس ٽوپي اجرڪ ۾ هوندا آهن، ناريون گج سان سجايل ڊريس گريسي جي شلوار ۽ ست رنگي چنري سان ملبوس هونديون، ائين پوري سنڌ بهار جو منظر پيش ڪندي ”ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين“ جي سرواڻ جي سڏ تي جيئن پوري سنڌ بنا ڪنهن فرق جي لبيڪ چئي اٿي ٿي، ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم اها واحد قوم آهي جنهن ۾ عزت ۽ غيرت جو جذبو تمام پائيدار آهي، اسان جي به اها ئي دعا آهي ته سنڌ جا ماڻهو ذات، نسل ۽ قبيلن جي پنجوڙ مان نڪري ۽ سنڌ جي هر ننڍي وڏي ناانصافي مان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ جي لاءِ ائين قومي يڪجهتي جو مظاهرو ڪندا ۽ سون ورني ڌرتي جو ڏيک جنت نما ٿي پوندو ۽ جيڪو اسان ۾ وڌيڪ خود اعتمادي ۽ حاصلات کي زبردست هٿي ڏئي تاريخ ۾ هميشه لاءِ امر بڻائي ڇڏيندو بشڪريه ڪاوش
جواب: هڪ ڏينهن ۾ صدين جو ايڪتا جو منظر هي ڏينهن سنڌ ۾ هڪ نئين عيد جو ڏيک پيو ڏي۔ مان سمجهان ٿو عيدن کانپوء هي وڏي ڏڻ طور ملهايو پيو وڃي
جواب: هڪ ڏينهن ۾ صدين جو ايڪتا جو منظر رابيل بلوچ جو مٿيون ليک پنهنجي جا تي سهڻو ۽ اتساهيندڙ آهي ۽ سنڌ جي ثقافت واري ڏينهن جي حوالي سان بينظير آهي پر هن ليک ۾ سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان منصور جو سچ تي سر ڏيڻ جو ذڪر ٿيل آهي ۔۔۔ آ سمجهانٿو ته هن ليک ۾ منصور حلاج جو ذڪر آهي، جنهنجو تعلق سنڌ سان نه پر عراق سان يا عربن جي تاريخ سان آهي، سنڌ سان نه آهي ۔۔۔ ها ٻيا کوڙ ساترا نالا آهن جن جو ذڪر سنڌ سان سونهين ٿو ۔۔۔ دودو، دولهه، عنايت يا وري اسانجي دور جا ڪيترائي نالا آهن جن کي سورهيائي ۽ بهادري جي مثال طور ڳڻائي سگهجي ٿو ۔۔۔ لک ٿورا ادي ممتاز جنهن اهڙو سهڻو ليک پڙهڻ لا پيش ڪيو آهي ۔۔۔ سنڌ جا رنگ هزار ڪهڙا ڳائي ڪهڙا ڳائجن ۔۔۔ دعائون آهن ته سنڌ هميشه خوشين جي رنگن ۾ رنڱيل هجي ۔۔۔ آمين
جواب: هڪ ڏينهن ۾ صدين جو ايڪتا جو منظر ادا توهان صحيح لکيو آهي ته منصور حلاج سنڌ جو ماڻهون نه هو، ۽ منصور عرب نسل مان هو مگر شايد رابيل بلوچ صاحبه منصور جو سنڌ ۾ گهڻو ذڪر ٻڌو آهي ان ڪري هن کي به سنڌ جو سمجهيائين شايد۔ جڏهن ته شاه صاحب پڻ منصور حلاج کي ڳايو آهي، ( ملڪ مڙوئي منصور، ڪهڙا ڪهي ڪهڙا ڪهندين ) جڏهن ته منصور سنڌ جو نه به هو تڏهن به ، ۽ شايد صرف ان جي ڪري هن کي ڳايائين جو هن ۾ بهادري، سچائي، ۽ بيباقي موجود هئي، ۽ اهڙا ڪافي ڪردار آهن جيڪي سنڌ جا پڻ آهن، جن ۾ اهي تمام ڳالهيون موجود هيون ۔ مثلن، دودو خان، دولهه درياء خان، صوفي شاه عنايت، مّخدوم بلاول، هوش محمد شيدي، ٻاگهل ٻائي، محترم جي ايم سيد صاحب، وغيره وغيره