ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
هاڻ اسان سڀني دوستن کي گهرجي ته هن فورم کي گڏجي ٻين دوستن تائين پهچايون، اسان جا هزارين نه پر لکين سنڌي ڀائر اڄ ڪلهه انٽرنيٽ تي موجود آهن، پر مختلف جڳهن تي ڇڙوڇڙ آهن ۽ انهن وٽ ڪو مقصد نه آهي، اسان انهن کي انٽرنيٽ جي مختلف سهولتن يا پنهنجي ذريعن جي مدد سان اسان سنڌ سلامت تي آڻي انهن کي گڏ ڪري سگهون ٿا
دوست مست! پنهنجون ڪوششون جاري ۽ ساري آهن، پر ان لا اسانکي ڪجه اڳتي وڌي سوچڻو پوندو، اسانکي پنهنجا مول متا ۽ سنڌ سلامت تي چونڊ، اهم ۽ ڪارائتا ليک وائکا ڪري اخبارن ۾ ڏيڻ گهرجن ته جيئن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پيغام پهچي ۔۔۔
ميڊيا جي ذريعي اسين سنڌ سلامت کي اڃان وڌيڪ متعرف ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهونٿا ۽ ٻيو ذريعو آهي نيٽ جو جنهن تان ته اسين سڀ دوست پنهنجو وس ڪريون پيا ۔۔۔ سنڌ سلامت هاڻ سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچارڪ فورم طور سڃاڻجي پئي ۔۔۔ ۽ اميد ته اسان سڀني جي ڪوششن سان اڃان اڳتي اچي سنڌ ۽ سنڌيت جو نشان ٿي اڀرندي ۔۔۔ انشاء الله
همٿ مردان مدد خدا ۔۔۔
منهنجي محبت يا نفرت جو مَحَوَر صرف ۽ صرف سـنڌ آهي (سائين جي ايم سيد)