نثارابڙو
نائب منتظم
مالڪ، نوڪر ۽ ڪڪڙ جو ٻوڙ
ادي مگسيءَ واري ڀوڳ تي ياد آيو ته؛
هڪڙي مالڪ، نوڪر کي چيو اڄ ڪڪڙ جو ٻوڙ چاڙهي کاراءِ
نوڪر هاڪار ڪئي ۽ لڳي ويو ٻوڙ چاڙهڻ ۾
مالڪ جڏهن کاڌي تي ويٺو ته ڏٺائين ته ٻوڙ ۾ ته صرف هڪ ڄنگهه آهي، رڙ ڪري نوڪر کي چيائين؛ اڙي هي هڪ ڄنگهه ڇو آندي اٿئي، ٻي ڄنگهه ڪٿي آهي؟“
نوڪر جواب ڏنو ” سائين الله جو قسم هي هڪ ڄنگهه وارو ڪڪڙ هو“
مالڪ چپ ٿي ويو ...
هڪ ڏينهن ٻئي گڏيا ٿي ويا ته رستي تي هڪ ڪڪڙ، پنهنجي هڪ ڄنگهه لڪائي بيٺو هو ...
نوڪر چيو، سائين هي ڏسو، هڪ ڄنگهه وارو ڪڪڙ !!!
مالڪ، ڪڪڙ کي ڏسي ڇڇڪر ڪئي ته ڪڪڙ لڪايل ڄنگهه ڪڍي، وٺي ڀڳو ...
مالڪ چيو حرامي، هن کي ته ٻئي ڄنگهون آهن ...
نوڪر وراڻيو؛ سائين، ان ڏينهن به ڇڇڪر ڪيو ها ته ٻي ڄنگهه به اچي وڃي ها ...