آخر سنڌي عورت سان ايترو ويڌن ڇو؟

'سنڌياڻي' فورم ۾ نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2010۔

  1. نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ

    نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تحريڪ پاڪستان کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي عورت هر موڙ تي اسان جي مردن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي هر فورم تي گڏجي مردن کان به وڌيڪ طاقت جو مظاهرو ڪندي رهي آهي۔ پو اها کڻي محترمه فاطمه جناح جي صورت ۾ هجي يا آزادي جي امام حضرت پير سائين سورهيه بادشاهه جي انگريز سامراج خلاف آزادي واري حرتحريڪ جي صورت ۾ هجي يا کڻي نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان پر سٍڄي دنيا جي عالمي شهرت يا فته محترم بينظير ڀٽو جي صورت ۾ هجي۔ مطلب ته سنڌ جي عورت زندگي جي هر شعبي ۾ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڀرپور مردانگي سان ڪردار ادا ڪيو آهي پر افسوس آهي، جو اڄ انهي جديده ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اها سنڌياڻي عورت پئسي ۽ لالچ خاطر ڪاروڪاري جهڙي الزامن تحت قتل ڪئي وڃي ٿي۔ اسان جي پياري وطن عزيز پاڪستان ۽ اسلام جي قانون ۾ اهڙي ڪڌي رسم جي ڪا به گنجائش نه آهي پر افسوس جو اسان جي پوليس به قبيلائي سردارن جي اڳيان گوڏا کوڙي ڪجهه ڏينهن هيڏانهن هوڏانهن ٿيڻ کان پو معاملي کي لئي مٽي ڪري خاموش ٿي وڃي ٿي۔ سوال اهو اڀري ٿو ته ڇا اها ڪڌي ۽ غير رسمي روايت اسان جي ثقافت جو حصو آهي ؟ بلڪل نه ڇاڪاڻ ته جنهن جي جيڪا شئي هوندي آهي ان کي ئي ان شئي جو قدر هوندو آهي ۔ وطن يا ڪفن جو نعرو هڻي سنڌ امڙ ۽ وطن عزيز پاڪستان خاطر پنهنجي جماعت سميت جان جو نذرانو ڏيندڙ سائين سورهيه بادشاهه جو چشم چراغ محسن ملت و ملڪ پير سائين پاڳارو جيڪو هميشه پنهنجي جماعت سميت سڄي قوم جي سٺي رهنمائي ڪندو رهيو آهي۔ سندن مشورن تي هلڻ وارا هاري مان پوري قوم جا ذميوار ۽ پاڪستان جا ڪيترائي وزيراعظم پڻ بڻجي چڪا آهن۔ انهي پير سائين پاڳاري پنهنجي جماعت سميت پوري ملڪ جي عوام کي عورت جي آزادي ۽ انهن جي حقن جي حاصلات جو سڀ کان وڏو ذريعو تعليم جو سبب بڻايو۔ ڇاڪاڻ ته هڪ پڙهيل لکيل عورت مرد کان وڌيڪ هوشيار ۽ ذهن ان ڪري هوندي آهي جو هو پنهنجي اولاد جي صحيح تعليم سان گڏ سٺي تربيت پڻ ڪري سگهندي آهي، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ٽيڪنالاجي جي موجوده دور ۾ به اسين جهاليت ۾ ٻڏل آهيون جو پنهنجي ذاتي مفادن خاطر قدرت جي حسين ترين تخليق ڪيل عورت کي ڪاروڪاري جهڙو داغ لڳائي قتل ڪندي دير نه ٿا ڪريون۔ بهرحال پاڪستاني قوم جي سڀ کان وڏي خوشنصيبي اها آهي جو انهي قوم جي پيرسائين پاڳاري جهڙو سرپرست مهربان سندن مقدر ۾ مليو آهي۔ پيرسائين پاڳاري کي سياست کان هٽي ڪري ڏسجي ته اهو مهربان اسان کي هر صورت ۾ عزت جي لائق نظر ايندو۔ مقصد ته پيرسائين پاڳاري جي جماعت توڙي ملڪي قوم ۾ هميشه سندن هدايتن سبب ڪيتريون ئي تبديليون اينديون رهيون آهن۔ اهو ئي سبب آهي جو پاڻ جڏهن عورتن جي باري ۾ کلي ڳالهايو تڌهن نه صرف سنڌ جي اديبن، ليکڪن ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل تنظيمن ۽ عورتن جي حقن ،تحفظ ۽ شعور پيدا ڪرڻ لا ڏينهن رات جاکوڙيندڙ عورتن پر سموري پاڪستان جي سڀني مڪتبه فڪر جي ماڻهن هدايت کي ساراهيندي ملڪي ترقي ۽ تعمير ۾ عورت جي ڪردار کي پڻ تسليم ڪيو۔ بهرحال ڪيتريون ئي تبديليون ڏسڻ ۾ آيون پر افسوس اهو آهي جو اڄ اهي تعليمي ادارا به عورت جي لاِ ڪنهن به دوزخ کان گهٽ نه آهن۔ پو اهي کڻي فيض گنج جي عاصمه کنڊ جي صورت ۾ هجي يا کپرو جي زينب ڀيو جي صورت ۾ هجي يا صبا امبرين گلال جي صورت ۾ ۽ يا وري نويدا ڪلهوڙو جي صورت ۾ هجي۔ آخر اهو سلسلو ڪيستائين سنڌ جي معصوم ۽ بي زبان عورت جي قدم قدم کي تنگ ڪرڻ لا جاري رهندو۔
    از قلم نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ شهر۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آخر سنڌي عورت سان ايترو ويڌن ڇو؟

    ادا نبي بخش لقمان مهر عمر ڪوٽ وارا : سڀ کان پهرين ته توکي سنڌ سلامت جي هن محبت ڀرئي اڱڻ جي سموري سٿ پاران کوڙ ساريون ڀليڪارون، اسان جي سنڌ سلامت جي سموري سٿ توهان جي اچڻ تي تمام گهڻي سرهي ٿِي آهي۔ ادا عورت جو وجود هن دنيا جي ڪارونڀار کي هلائڻ جو پهريون ۽ آخري نشان آهي، ساري دنيا جو جيڪو چرخو هلي پيو اهو الله سائي جي مهربانين سان عورت جي دم ۽ خم سان آهي، عورت جيڪا هر مرد ۽ عورت کي جنم ڏي ٿي، عورت ڪٿي شريڪ حيات ٿئي ٿي، ڪٿي عورت ما ٿئي ٿِي عورت ڪٿي ڀيڻ جو روپ ڌاري ٿي عورت کي مرد پاران محبتون به ملنديون آهن ته عورت کي انهي مرد پاران مارون به ملنديون آهن، عورت وفا شُعار ٿئي ته ساري دنيا جون وفائون ان جي مٿان گهور ٿِي وڃن ۽ جيڪڏهن عورت بي وفا ٿئي ته بي وفائي جا جبل ساري زماني آڏو کڙا ڪري ڇڏي۔ عورت کي رستي تي آڻن وارو وري مرد آهي ۽ وري اهو ئي مرد ئي آهي جيڪو عورت کي پٽڙي تان لاهي به ڇڏيندو آهي، ڪٿي ڪٿي، عورت عورت جي ويري به نظر ايندي آهي الغرض عورت هر جنم ۾ هندورن ۾ لُڏندي آهي ته وري عورت کي ڪارو ڪري سندس ڪنڌ لُڻيو ويندو آهي، ڪٿي عورت جي مٿان تاٍج محل جهڙو دنيا جو خوبصورت ترين عجوبو اڏيو پيو آهي ته ڪٿي عورت کي ڪارو قرار ڏيئي بنا ڪفن جي بنا غسل جي بنا جنازي نماز پڙهائڻ کڏ کوٽي پوريو ويندو آهي۔ مونکي منهنجي هڪڙي نظم جوبند ياد پيو اچي ته :
    ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته منهنجِي ٻُڌو
    مان سڙان سنڌ پَئِي سينڌ کان اڄ سڌو،
    هُو نه ڪارِي هُئي پر دُلارِي ڪُٺِي ،
    ڀاوَ ماري وِڌِي ڀيڻ هڪڙِي مِٺِي،
    ڪِيسُ ڏاڍو ٿيو، ڪَم ويو ٿِي ڪُڌو،
    ڪو تَڏو ڀيڻ لئه ڪنهن نه روئِي وڌو !
    ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ٻُڌو ڪجهه ته منهنجي ٻُڌو،
    مان سڙان سنڌ پئي سينڌ کان اڄ سِڌو ! (نثارناز)​
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: آخر سنڌي عورت سان ايترو ويڌن ڇو؟

    واهه ادا واهه .................. تمام بهترين ونڊ شيئر ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني ....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو