هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ،ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا

'استاد بخاري' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ، ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا
    اهي ڀهڪيون ڳالهيون بخش ڪجاء مونکي محبت جو ٿئي مئو سهڻا

    هڪ عمر ۾ توکي ڇا ڏسندس هڪ عمر ۾ توسان ڇا کلندس
    مونکي عمريون هجن ها سئو سهڻا،

    هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا، ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا
    اهي ڀهڪيون ڳالهيون بخش ڪجاء مونکي محبت جو ٿئي مئو سهڻا


    تولاء روئان چئين ٿو روئڻو، تولاء سڪان چئين ٿو سڪڻو
    جيڪي چوڻو اٿئي پيو چئو سهڻا،

    هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا، ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا
    اهي ڀهڪيون ڳالهيون بخش ڪجاء مونکي محبت جو ٿئي مئو سهڻا

    استاد بخاري جي شاعري

     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ،ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا

    يار پريا مڙس، خئير ته آهي ۔۔۔ اسان سان ته حالت آهي ئي آهي پر لڳي ٿو ته توسان به وڏي ويڌن آهي ۔۔۔
    تولاء روئان چئين ٿو روئڻو، تولاء سڪان چئين ٿو سڪڻو
    جيڪي چوڻو اٿئي پيو چئو سهڻا،

    هل ته سهي! اهڙي غضبناڪ شاعري جو وڃي ٿيا خئير ۔۔۔ ڀلا ڏيو خبر اها اوهانجي شاعري آهي يا ڪنهن يار جي ۔۔۔؟ جي اوهانجي آهي ته اسانکي اوهانجي حال تي ترس ٿو اچي ۔۔۔۔ الله خئير ڪندو۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ،ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا

    ادا عرس استاد بخاري جو خاص شيدائي آهي۔۔۔ سندس وٽ استاد بخاري جا ڪتاب به ملندا ۽ سندس ڊائري جي تقريبن سمورن ورقن تي استاد بخاري جي چونڊ شاعري به لکيل مون کي پڙهڻ لاءِ ملي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ڪچهري دوران اڪثر استاد بخاري جي شاعري کي اقتباس به ڪندو رهندو آهي۔۔۔
    سائين نثار۔۔! جيئن ته پاڻ پوسٽ ئي استاد بخاري جي خاني ۾ موڪلي اٿن ان ڪري هي شاعري ڪنهن جي آهي وارو سوال اٿي ئي نه ٿو سگهي ۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو شاعر جو نالو نه ڏنو اٿن۔۔۔
    مهرباني ادا عرس انتهائي خوبصورت لفظن تي مشتمل شاعري موڪلڻ تي۔۔۔ پر مون کي ياد آهي ته اهي ٻول ڪنهن ڳايا به آهن شايد ممتاز لاشاري ۔۔۔ جي ٿي سگهي ته آڊيو يا وڊيو جي صورت ۾ ونڊ ڪريو۔۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ،ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا

    واھ ادا تمام بهترين استاد جي شاعري اوهان ونڊ ڪئي آهي.
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ،ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا

    ادا استاد بخاري صاحب سنڌ جو هڪ نه وسرندڙ عظيم ماڻهون ۽ عظيم شاعر آهي، استاد بخاري صاحب جي ڇا ڳالهه ڪجي، استاد هڪ سادو ۽ محبت ۽ پيار ورهائيندڙ شخص هو، ادا استاد بخاري تي هڪ مضمون مون سنڌ سلامت تي
    ( دادو جي دل دادو جو آواز)​

    [​IMG]
    پڻ ونڊ ڪيو آهي، ان کان علاوه اسان جي دوست عامر ضياء چارڻ صاحب استاد بخاري جي شاعري کي پڻ تمام خوبصورت انداز ۾ سينگاري سنواري هن سنڌ سلامت جي فورم تي ونڊ ڪري چڪو آهي جنهن کي پڻ توهان هت ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا۔[/SIZE
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ،ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا

    ادا عرس مون هن ٿريڊ کي نه پڙهيو
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ،ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا




    ادا لڳل ته سڀ ڪنهن کي پر ڇا ڪجي ڪو برداشت ڪري ڪو نٿو ڪري سگهي
    پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ،ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا

    لاجواب چونڊ آهي ادا عرس

    ڇا ڳاله ڪجي استاد جي شاعري جي۔ اوهان به عشق جي گهايلن جي لاء ڪيل شاعري ونڊ ڪري عاشقن جا نوان ۽ پراڻا سور پيا جاڳايو۔ مٿيون ونڊ ڪيل ڪلام انور حسين وسطڙي ڳايو آهي.

    استاد چيو آهي :


    تون مڃين ، مڃين نه مهربان
    مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان

    هڪ ته ڪنهن سان دل نه لائجي
    جي لائجي ته پوء نڀائجي
    جي نڀائجي ته ٿي جوان
    مان ته منٿ ٿو ڪري چڏيان


    يا وري استاد بخاري پيو چوي :

    استاد ڪيون آهون ۽ درد ڀريون دانهون
    ڏسون ڪير ٿو ورنائي هن هيڏي محفل ۾
    مان ڇو به رنو آهيان پر يار رنو آهيان
    ڏسون ڪير ٿو پرچائي هن هيڏيء محفل ۾


    يا وري هي خوبصورت شعر ته :

    ڪيڏي دير ڪري او ٿا يار اچو
    نه ٿا سار لهو ته ڪو مئو يا بچو


    هي استاد جي بهترين شاعري پنهنجي دور جي تمام مشهور عوامي فنڪار جلال چانڊيو جي آواز ۾ ڳايل آهي۔ پراڻي رڪارڊنگ سبب ان ۾ ڪافي اوڻايون به آهن پر آواز ۽ شاعري ٻڌڻ وٽان آهي :

    http://www.youtube.com/watch?v=86o-an_hPcE
     
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: هڪ موت مئي جو ڀئو سهڻا ،ٻيو تو مان نٿو ٿئي ڍئو سهڻا

    واھ واھ ادا سليمان اوهان ته عاشقن جي دل خوش ڪري ڇڏئي۔۔۔اهڙا استاد جا زبردست شعر ونڊ ڪري۔۔=d>مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو