• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

گذريل وقت واپس آيو۔۔۔۔ 2005 ۽ 2011 جو ساڳيو ئي ڪيلينڊر

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
هڪ مثال ته توهان ٻڌو هوندو ته ”گذريل وقت وري نه موٽندو۔۔“ پر ايندڙ سال اهو مثال ڪوڙو ثابت ٿيندو۔۔۔
2011 اچڻ کان اڳ ئي دلچسپ ۽ اهميت اختيار ڪندو پيو وڃي ۔۔ ڇو ته ايندڙ سال ڏينهن جي حساب سان بلڪل 2005 سال وانگر آهي۔۔۔ جنهن ۾ پهرين تاريخ ڇنڇر کان شروع ٿي ٿئي۔۔ ساڳي طرح 2011 جي پهرين تاريخ پڻ ڇنڇر کان شروع ٿي رهي آهي۔۔۔ اهڙي طرح 2011 ۾ ايندڙ سمورا ڏينهن ۽‌ موڪلون ٺيڪ 2005 سال وانگر ساڳين ئي ڏينهن ۾ ٿينديون۔۔۔ جڏهن ته شروعاتي ڏينهن وانگر ايندڙ سال جو اختتام پڻ ڇنڇر تي ٿيندو۔۔۔

هڪ نظر 2005 ڪيلينڊر تي وجهو۔۔۔

lampware2005WallpaperCalendar1024X768NewTux.png

۽ هاڻي هڪ نظر 2011 ڪيلينڊر تي وجهو۔۔۔۔

2011_calendar.jpg

اهڙي طرح اهي ماڻهون جيڪي انتهائي سست آهن ۽ پنهنجي ديوارن تي لڳل ڪيلينڊرن کي شايد ئي تبديل ڪندا آهن يا وري اهي ماڻهون جن ڪنهن خوبصورت ڪيلينڊر 2005 کي سنڀالي رکيو هجي۔۔۔ هڪ دفعو وري پنهنجي آفيس يا ڪمري جي ديوار تي سجائي سگهن ٿا۔۔۔
۽ آخر ۾ اهي ماڻهون جيڪي ڇهين ڇهين سال ڪيلينڊر خريد ڪرڻ جي سگهه رکندا هجن اهي ته هن دفعي پنهنجو اهو خرچ پڻ بچائي سگهن ٿا۔۔۔ آهي نه بچت واري ڳالهه ;))
 
جواب: گذريل وقت واپس آيو۔۔۔۔ 2005 ۽ 2011 جو ساڳيو ئي ڪيلينڊر

مان جڏهن هي ڪنلڊر ڏٽم ته مان سمجهس ته سند سلامت جو ڪنلڊر وري 2011 تي اچي رهيو آآهي
 
جواب: گذريل وقت واپس آيو۔۔۔۔ 2005 ۽ 2011 جو ساڳيو ئي ڪيلينڊر

سائين اوهان جي به مهرباني۔
ادي مست هي مضمون 11_3_2010 تي ويل وقت وري آيو جي نالي سان ونڊيو هو۔
http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?t=8465
پر اوهان جي مضمون جي خصوصيت اها آهي ته ٻنهي سالن جي ڪيلنڊر کي به سامهون رکيو ويو آهي۔
بهترين ونڊ
 
جواب: گذريل وقت واپس آيو۔۔۔۔ 2005 ۽ 2011 جو ساڳيو ئي ڪيلينڊر

ادا رشيد!
واقعي ويل وقت وري آيو آهي، 2005 ۾ ته ملڪ ۾‌ وڏيون تبديليون آيون هاڻي ڏسون ساڳئي ڪيلنڊر واري هن سال ۾ ڇا ٿو ٿئي۔۔
 
جواب: گذريل وقت واپس آيو۔۔۔۔ 2005 ۽ 2011 جو ساڳيو ئي ڪيلينڊر

واه ان جو مقصد ته گذريل وقت وري موٽندو۔۔“
مان ڏسان ٿو متان مون وٽ 2005 جو ڪئلينڊر ملي وڃي
خرچ بچي پوندو
 
جواب: گذريل وقت واپس آيو۔۔۔۔ 2005 ۽ 2011 جو ساڳيو ئي ڪيلينڊر

سائين اهڙا ڪيترائي سال آهن جن ۾ ساڳيو تاريخن جو تعين هوندو آهي مون وٽ هڪ ڪي چين آهي جنهن ۾ سو سال جو ڪيلينڊر آهي اهو اهڙي طرح ئي آهي ليڪن ويل وقت ڪٿي ٿو واپس اچي جيڪي خوشيء جا پل ڪنهن گذريل سال ۾ ميسر ٿيا هوندا سي وري موٽي نصيب ٿين ائين مشڪل ٿو لڳي بس الله تعالي کان سوال آهي ته؛
جو دم جيارين هادي رکج حفظ ۾ .
 
بلڪل سائين جيڪو وقت گذري ويو واقعي واپس ڪين ايندو
مثال طور جنهن 5 سال پهريون شادي ڪئي آهي ڇا اهي لمحا هو وري ڏسي سگهندو؟؟؟!!!

:-ss:-ss:-ss
 
Back
Top