آرمي چيف صدر زرداري کي ناپسند ۽ نواز شريف کي بي اعتبار سمجهي ٿو، فضل الرحمان وزيراعظم

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    آرمي چيف صدر زرداري کي ناپسند ۽ نواز شريف کي بي اعتبار سمجهي ٿو، فضل الرحمان وزيراعظم ٿيڻ لاءِ آمريڪا کان حمايت گُهري، ڀارت پاڪستان تي حملي لاءِ تيار ٿي ويو هو
    ڪياني زرداري کي هٽائڻ، آصف قتل جي صورت ۾ فريال کي صدر بڻائڻ ٿي چاهيو: وڪي ليڪس
    واشنگٽن/لنڊن (ع آ نيوز): وڪي ليڪس پاڪستان بابت نوان راز فاش ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني صدر زرداري کي اقتدار تان هٽائڻ چاهيو هو. جڏهن ته صدر زرداري کي به ان جو خدشو هو. اقتدار تان عليحدگي صورت ۾ صدر آصف حڪمت عملي به تيار ڪري ورتي هئي ۽ فريال ٽالپر کي جانشين بڻائڻ چاهيو. بلاول ڀٽي کي ان حوالي سان آگاهي ڏني وئي ته مون کي قتل ڪرڻ جي صورت ۾ فريال ٽالپر کي صدر بڻايو وڃي ۽ خاندان کي گڏيل عرب امارتن ۾ سياسي پناهه ڏني وڃي. اها ڳالهه به منظر عام تي آئي هئي ته آمريڪا ۽ برطانيا پاڪستان جي جوهري پروگرام تي خدشن جو شڪار هئا، انهن کي خطرو هيو ته پاڪستان جي جوهري ۽ ميزائل پروگرام سان هڪ لک 20 هزار کان هڪ لک 30 هزار ماڻهو سڌو سنئون لاڳاپيل آهن ۽ انهن ۾ ڪٽر سوچ رکندڙ به شامل آهن. مذهبي عنصر اقتدار حاصل ڪرڻ نٿا چاهين پر جوهري مواد تي هٿ وجهڻ چاهين ٿا. هڪ لک 30 هزار ماڻهن مان ڪو آهستي آهستي ايترو مواد چوري ڪري وئي، جنهن سان آخر ۾هڪ هٿيار بڻجي وڃي، جيڪو ڀارت خلاف به استعمال ٿي سگهي ٿو. اهي راز آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير اين ڊبليو پيٽرسن حوالي سان ظاهر ڪيا ويا آهن، جيڪي هن واشنگٽن کي ٻڌايا. نون انڪشافن ۾ چيو ويو آهي ته جنرل ڪياني ڪيترائي ڀيرا اين ڊبليو پيٽرسن سان ملاقاتن ۾ اظهار ڪيو ته هو صدر زرداري کي ناپسند ڪري ٿو ۽ ان کي هٽائڻ چاهي ٿو. آمريڪي سفير صدرزرداري تي استعيفيٰ لاءِ دٻاءُ وجهي. ڪياني اسفنديار ولي کي صدر بڻائڻ چاهيو هو. آمريڪي نائب صدر جو بائيڊن به چيو هو ته صدر آصف زرداري برطانيا جي اڳوڻي وزيراعظم گورڊن برائون سان ملاقات ۾ به خدشو ظاهر ڪيو هو ته فوج هن کي اقتدار تان الڳ ڪري ڇڏيندي ۽ هن به پيٽرسن کي ٻڌايو هو ته جيڪڏهن مون کي قتل ڪيو ويو ته بلاول کي ٻڌايو آهي ته ڀيڻ فريال ٽالپر کي صدر نامزد ڪيو وڃي. آرمي چيف صدر زرداري کي هٽائڻ ۽ وزيراعظم گيلاني کي برقرار رکڻ چاهيو. صدر زرداري چيو هو ته هو ڄاڻي ٿو ته هو بينظير ڀٽو بڻجي سگهي ۽ افسوس ته اسان دهشت گردي خلاف جنگ نه پيا کٽي سگهون. آمريڪي سفارت خانن واشنگٽن کي خبردار ڪيو هو ته معاشي طور تباهي باوجود پاڪستان جوهري پروگرام ايترو تيزيءَ سان وڌائيندو پيو وڃي جو ٻيو ڪو ملڪ ايئن نه پيو ڪري. ڪياني جو چوڻ هو ته ايٽمي هٿيار ڀارت جي مقابلي لاءِ ضروري آهن. پرويز مشرف صدر زرداري ۽ وزيراعظم گيلاني جي مڪمل معافي واري يقين بعد ئي وردي لاٿي هئي. پر جڏهن معاملي ۾ دير ٿي ته ڪياني پيٽرسن کي چيو ته هوءَ حڪومت سان ڳالهه ڪري. آمريڪي سفير موجب مشرف جي صحافي صدرزرداري جي ووٽ کي گهٽائي سگهي ٿي. ايم ڪيو ايم جي صدر آصف جي صدارتي چونڊ ۾ حمايت تي نواز شريف ڪمزور ٿي ويو. اين ڊبليو پيٽرسن موجب پاڪستاني عملدار نجي ملاقاتن ۾ ڊرون حملن جي حمايت ڪندا هئا. رحمان ملڪ تجويز ڏني هئي ته باجوڙ آپريشن ختم ٿيڻ تائين ڊرون حملا بند ڪيا وڃن، پر وزيراعظم تجويز ڏني ته آمريڪي هدف پورو ٿي رهيو آهي ته پوءِ ڊرون حملا جاري رهن. اسيمبلي ۾ احتجاج ڪيو ويندو. وري ڳالهه کي وساري ڇڏيو. پيٽرسن جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سول حڪومت ڪمزور ۽ ڪرپٽ آهي. آرمي چيف ججن جي بحالي وقت لانگ مارچ دوران صدر زرداري کي هٽائڻ چاهيو هو ۽ هن پيٽرسن کي اهڙو خيال پيش ڪيو. ڪياني جو چوڻ هو ته هو صدر زرداري کي پسند نه ٿو ڪري ۽ نواز شريف تي اعتبار نٿو ڪري. صدر زرداري کي غير مقبوليت سبب هٽائي نواز شريف کي اقتدار ۾ اچڻ کان روڪي سگهجي ٿو. مارچ 2009 ۾ ڪياني جون پيٽرسن سان چار ملاقاتون ٿيون. برطانوي حڪومت جي مداخلت سبب حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ معاملا ڳالهين ذريعي طئه ٿي ويا. آمريڪي عملدارن کي پيٽرسن اهو به ٻڌايو ته انهن سڀني تڪرارن باوجود ڪياني، صدر زرداري سان سڌو سنئون ڪا ڳالهه نه ڪئي، ڇو ته هن کي خوف هو ته صدر زرداري هن کي عهدي تان برطرف ڪري سگهي ٿو. 2009ع ۾ مولانا فضل الرحمان پيٽرسن جي مان ۾ آجياڻو ڏئي وزيراعظم ٿيڻ لاءِ آمريڪا جي حمايت گهري هئي. مولانا غفور حيدري جو چوڻ هو ته ووٽ پارليامينٽ ۾ وڪجڻ لاءِ تيار آهي. وڪي ليڪس ڪجهه پاڪستاني اهم شخصيتن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد تي به روشني وڌي آهي. رپورٽ موجب صدر زرداري جو چوڻ هو ته امين فهيم کي وزيراعظم نٿو بنائي سگهجي. هو چونڊ مهم دوران ڪيترو ئي وقت دبئي ۾ پنهنجي گهر واري سان گذاريندوهو. نواز شريف هڪ مشڪل شخصيت هئي، جڏهن ته انهن جو خاندان سياست ۾ فوج ۽ انٽيلي جنس ادارن تي ڀاڙيندو هو. صدر زرداري شهباز شريف ۽ گورنر سلمان تاثير وچ ۾ ٺاهه لاءِ به پيٽرسن کي درخواست ڪئي هئي. ڊرون حملن لاءِ آمريڪا جون اسپيشل فورسز جون ننڍيون ٽيمون پاڪستان ۾ موجود آهن. آمريڪا سوات ۾ فوجي آپريشن خلاف عدالت کان مٿانهن قتلن تي خاموشي اختيار ڪئي هئي، جيئن فوج پنهنجو مشن مڪمل ڪري وٺي. هڪ سال بعد آمريڪا ۾ جڏهن رپورٽ موڪلي وئي ته آمريڪي عملدارن قتل عام جي الزام ۾ پاڪ فوج جي ڪيترن ئي يونٽن تي پابندي لڳائي ڇڏي. جنرل ڪياني به جاچ جي شروعات ڪئي هئي. پيٽرسن شڪايت ڪئي هئي ته پاڪستان جو ڪمزور عدالتي نظام شدت پسندن کي سزا نه ڏئي سگهندو ۽ انهن کي آزاد ڪيو ويندو. فوج جا شدت پسندن سان رابطا آهن ۽ وڏي رقمن انهن تي خرچ ٿي رهي آهي. ڀارت ممبئي حملن کان پوءِ پاڪستان کي ”ڪولڊ اسٽارٽ“ نالي سان حملي جي حڪمت عملي تيار ڪئي هئي، جنهن ۾ ايٽمي هٿيار شامل نه هئا. آمريڪا کي خدشو هو ته ايٽمي هٿيار استعمال ٿي سگهن ٿا. آمريڪي انٽيلي جنس عملدارن 2009ع ۾ خدشو ظاهر ڪيو هو ته پاڪستان ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پسٽون علائقن جو ڪنٽرول وڃائي ويهندو. رچرڊ هالبروڪ ڀارتي عملدارن سان ڳالهين ۾ واضح ڪيو هو ته پاڪستان ۾ فيصلن جو اختيار فوج وٽ آهي ۽ صدر زرداري کي مستقل سائيڊ لائن ڪيو پيو وڃي. جمهوري حڪومت وٽ ممبئي حملن ۾ ملوث گروهن خلاف ڪارروائي جا محدود اختيار آهن. صدر زرداري ڀارت تي حملي کي پاڪستان تي حملو قرار ڏنو ۽ هو ڀارت جي رد عمل تي حيران هو. ممبئي حملن کان پوءِ جنرل شجاع پاشا کي ڀارت موڪلڻ واري مطالبي کي فوج ويٽو ڪيو. هن صدر آصف لشڪر طيبه خلاف ڪارروائي جو يقين ڏياريو هو. برطانيا آءِ ايس آءِ ۾ اصلاحن لاءِ مدد جو يقين ڏياريو هو. بشڪريه عوامي آواز
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آرمي چيف صدر زرداري کي ناپسند ۽ نواز شريف کي بي اعتبار سمجهي ٿو، فضل الرحمان وز

    مهرباني ادا ممتاز ونڊڻ جي
    بلڪل اڄ ڪلهه سڀ ٽي وي چينلن تي وڪي ليڪس جا اهي ئي راز فاش ٿيندي نظر اچن ٿا
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: آرمي چيف صدر زرداري کي ناپسند ۽ نواز شريف کي بي اعتبار سمجهي ٿو، فضل الرحمان وز

    جي ادا بلڪل . توهان صحيع پيا چئو ................
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: آرمي چيف صدر زرداري کي ناپسند ۽ نواز شريف کي بي اعتبار سمجهي ٿو، فضل الرحمان وز

    سوال اهو آهي ته وڪي ليڪس جي انڪشافن ڪري صرف مسلم دنيا کي نقصان ڇو رسيو آهي ۔۔۔ اڃان تائين اسرائيل بابت ڪو انڪشاف ڇو نه ٿيو۔۔۔ ؟
    ٻڌايو ته اهو به وڃي پيو ته هي متنازعه سائيٽ ٻه مهينا اڳ تائين بند هئي ۽ ان کي ڪافي رقم ڏئي ٻيهر فعال ڪيو ويو ۔۔۔ ڪاٿي اهو ڪو منصوبو ته نه آهي ۔۔۔ ڪاٿي افغانستان ڇڏڻ لاءِ بهانو ته نه آهي۔۔۔ ڪاٿي نفاق جو شڪار مسلم دنيا ۾ انتشار پکيڙڻ ته نه آهي۔۔۔ پاڪستاني عوام جيڪو اڳ ئي مهانگائي ڪري حڪمرانن خلاف آهي ۔۔ ڪاٿي انهن کي حڪمرانن، سياستدانن يا فوجين جي خلاف ته نه ٿاڪرڻ چاهين۔۔
    ڪاٿي دوست ملڪن کي نفرتن ۾ ته نه ٿا آڻڻ چاهين۔۔۔
     
  5. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: آرمي چيف صدر زرداري کي ناپسند ۽ نواز شريف کي بي اعتبار سمجهي ٿو، فضل الرحمان وز

    بلڪل آئون ادا رشيد جي ڳالهه سان متفق آهيان

    هن وقت امريڪا دنيا جو سپر پاور ملڪ آهي۔ اتان جي حڪمرانن جا وڪي ليڪس جي باري ۾‌بيان ڪجهه هن ريت آهن؛

    وڪي ليڪس دنيا ۾ انتشار ڦيلجي ويندو۔۔

    وڪي ليڪس جي انڪشافن ڪيترن ئي ملڪن جا لاڳاپا متاثر ٿي سگهن ٿا۔

    وڪي ليڪس پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ايٽمي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔۔

    هاڻي سوال اهو ٿو اٿي ته دنيا جو سپر پاور هوندي به امريڪا وڪي ليڪس جي سبب ٿيندڙ نقصان ٻڌائي رهيو آهي
    جيڪڏهن وڪي ليڪس جي انڪشافن سان دنيا ۾‌ايترو ڪجهه ٿيو آهي ۽ امريڪا ان کي روڪڻ جي لا۽ ڪو ئي به قدم نه ٿو کڻي ته ان جو مقصد اهو ئي آهي ته هي امريڪا جي پنهنجي ٺاهيل ڪيل سازش آهي جنهن جي وسيلي صرف ۽ صرف مسلمان ملڪن کي پاڻ ۾‌ويڙهائڻ ۽ پنهنجي مٿان لڳل داغن کي ڌوئڻ چاهي ٿو۔۔۔۔

    سڀ کان پهريان؛۔۔۔ ايران ۽ سعودي جو وچ ۾‌ويڙهه ڪرائڻ جي خواهش
    ٻيو؛۔ افغانستان تي قبضي ۾ ناڪامي جو ڏوهه پاڪستان تي وجهڻ۔۔۔
    ٽيون؛۔ پاڪستان ۾ فوجي ۽ سياسي اختلافن جي باهه ٻارڻ ۔۔۔۔۔
    چوٿون ۽ بنيادي مقصد ته ايران جي ايٽمي طاقت کي روڪڻ جي لا مسلمان ملڪن کي ان جي خلاف ڪرڻ۔

    وڪي ليڪس جي انڪشافن ۾ فقط مٿي ڏنل چار ڳالهيون ئي واضع ٿي رهيون آهن جيڪي امريڪي حڪمرانن
    جي سازش آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ننڍڙو ۽ سادو سوال؛ ڇا دنيا جي سپر پاور ملڪ جي لا هڪ ويب سائيٽ بند ڪرڻ‌ ڪا وڏي ڳالهه آهي ؟؟؟
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: آرمي چيف صدر زرداري کي ناپسند ۽ نواز شريف کي بي اعتبار سمجهي ٿو، فضل الرحمان وز

    ادا عبدالرشيد سمون صاحب اوهان جون ڳالهيون غور طلب ڳالهيون آهن، ۽ اسان کي انهن ڳالهين کي ائين آساني سان ڏسڻ نه گهرجي، انهيء پوري فلم جي پويان ڪو وڏو خاص مقصد آهي، جيڪو شايد وقت ئي ظاهر ڪري، سو ان لاء اسان مسلمانن کي ذهني طرح تيار رهڻ گهرجي، ادا توهان جي هن ڳالهه ته منهنجون اکيون کولي ڇڏيون آهن ته واقعي اڃان تائين ۔ ( اڃان تائين اسرائيل بابت ڪو انڪشاف ڇو نه ٿيو۔۔۔ ؟) سو ادا اسان کي انهن تمام ڳالهين کي هلڪو سمجهي درگذر ڪرڻ نه گهرجي،
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آرمي چيف صدر زرداري کي ناپسند ۽ نواز شريف کي بي اعتبار سمجهي ٿو، فضل الرحمان وز

    دوستو!
    اسرائيل کان علاوه ڀارت بابت به تقريبا ڪو به انڪشاف وڪي ليڪس نه ڪيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو