نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ؛
دوستو ڪالهه بروز خميس 2 ڊسمبر 2010 هڪ دوست جي شادي جي دعوت جي سلسلي ۾ حيدرآباد ويس اتي وليمي جي ماني کائي رهيو هُئس ته اسان جي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون جو ٽيلي فون آيو ته سائين نثار ڪٿي آيو، مون کيس جواب ڏنو ته گيس ڪر ته مان ڪٿي آهيان چيائين ته سائين جادوگر ڪونه آهيان اهو ڪم جادوگرن جو هوندو آهي ته هُو ڍارا هڻي ٻُڌائي ته ڪير ڪٿي آهي، مونکي فوري اسان وارو جادوگر عبدالرشيد سمون ياد اچي ويو، جيڪو اهڙن ڍارن هڻڻ جو ايڪسپرٽ هوندو آهي خير مون چيو مانس ته النور گارڊن لطيف آباد پوڻا ست نمبر ۾ هڪڙي دوست جي شادي ۾ ڀت پيو کايان ، سائين اڄ ته جيڪو گهران هان الله سائين مونکي ڏي ها، آئون لطيف آباد حيدرآباد واري ريلوي ڦاٽڪ جي آس پاس آهيان النور گارڊن جي آس پاس ئي آهيان بُک به ڏاڍي لڳي آهي، توهان سان ملڻ جي بهاني توهان جي گهور تي مان به وليمي جو ڀت کائي وٺندس۽ هڪڙي زبردست ڳالهه ٻُڌايان ٿو، اڙي غفور ٻڌ ته.......... ايتري ۾ غفور موبائل بند ڪري ڇڏيو، جيئن ته لطيف آباد حيدرآباد واري ريلوي ڦاٽڪ کان النور گارڊن صرف پنجن منٽن جي مفاصلي تي آهي سو عبدالغفور سمون بيگاني دعوت ۾ عبدالله ديوانو ٿي، بنا دعوت پهچي ويو، سڌو اچي اسان واري ٽيبل تي پهتو : مون کيس چيو ته شينهن سمان ڊيٽ ماڻهو ته ٻيا به گهڻا آهن پر تون ته صفا استاد آهين، اصل مفت وارا ڀت ڳوليندو وتين، چيائين ته سائين نثار ناز جي بادشاهي جو خير هُجي ، پُئو(گهور ) سائين نثار ناز جو عبدالغفور سمون ڀت ڇو نه کائي؟ چڱو ويهه ويهه يار صفا ويجهي دوست جي شادي آهي جيڪو کائڻو اٿئي کاءُ آئون تقريبن مائي کائي چُڪو هُئس، عبدالغفور سمون پيٽ ڀري وليمي جو ڀت کاڌو، ايتري ۾ ڪولڊ ڊرنڪ به اچي وئي، اها پيئندو رهيس ، چيومانس ته تو فون ڇو ڪيو هو؟ ڪهڙي ڳالهه هُئي؟ ، چوڻ لڳو سائين ناز پهرين طعام پوءِ ڪلام ، چيومانس ته شينهن مفت جا مال کائيندا آهن تون ڀلي اها رسم پوري ڪري وٺ، مون وڃي واشنگ بيسن مان هٿ ڌوتا، چيومانس ته مان گهوٽ سان گڏ ٿو ويهان تون ماني کائي اچ، چيائين ته هائو اچان پيو غفور وراڻي ڏني، ٿوري دير گهوٽ سان گڏ وڃي ويٺس، ٿوري دير کان پوءِ عبدالغفور سمون پيٽ ڀري وليمي جي ماني کائي نڙ ٿي اچي بيٺو عبدالغفور سمون جي گهوٽ سان انٽروڊڪشن ڪرائي، گهوٽ کي چيم ته تنهنجي هي پهرين شادي آهي پر اسان جي عبدالغفور سمون کي ٻي شادي ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق آهي، تون دُعا ڪرينس ته غفور جي ٻي شادي ٿئي منهنجي انهي ڳالهه تي گهوٽ سميت اتي ويٺلن سڀني دوستن ۾ ٽهڪڙو مچي ويو ان کانپوءِ گهوٽ کان موڪلايم عبدالغفور سمون کي ساڻ ڪري اچي گهور لکايم ان کان پوءِ عبدالغفور سمون جي پنهنجي ڦٽ ڦٽي (موٽرسائيڪل) جو رُخ حيدرآباد جي آٽو ڀان واري روڊکان حسين آباد واري رستي ڏانهن رکيو، اڙي چريا ڪيڏانهن پيو هلين چيائين ته سائين منهنجا مون پهرين موبائل ڪال صرف انهي ءَ لاءِ ڪئي هُئي ته سنڌ ميوزم ۾ ظفر ڪاظمي فيڪلٽي هال ۾ ٿر جي شهر پٿوري جي هُنر مند ڪاٺ جا مجسما ٺاهيندڙ خوشحال مهاراج جي مجسمن جي نمائش جو افتتاح ڪرڻ ثقافت جي وزير محترما سسئي پليجو صاحبه پئي اچي سنڌ سلامت کي به انهي تقريب ۾ شرڪت جو دعوت ملي آهي، اهائي ڳالهه توکي موبائل تي ٻُڌائڻ ٿي چاهيم . اڇا مون پنهنجي واسڪوٽي جي کيسن ۾ هٿ وڌا چيومانس ته اڄ مان ڀي پنهنجي ڪئميرا کڻي آيو آهيان پر ان نمائش جو افتتاح جو ٽائم ڪهڙو آهي، ايتري ۾ عبدالغفور سمون جي موٽر سائڪل اچي حسين آباد چرين جي اسپتال وٽ پهتي، چيائين ته سائين شام جو ٺيڪ پنجين وڳي هينئر پاڻ سنڌ ميوزم ڏانهن پيا هلون، ايتري ۾ حسين آباد واري ريلوي پُل جي هيٺان نڪري، وحدت ڪالوني واري رستي کان عبدالغفور سمون پنهنجي موٽر سائيڪل جو رُخ سنڌ ميوزم ڏانهن رکيو، اسان جي ڳالهه ٻول هلندي رهي عبدالغفور انهي مجسمن واري نمائش ۾ ڪهڙي اهم ترين شخصيت جو مجسمو رکيل آهي جو سنڌ جي ثقافت جي وزير محترما سسئي پليجو صاحبه اچي رهي آهي غفور چوڻ لڳو ته سائين پٿوري جو مشهور مجسما ساز خوشحال مهاراج هن ڀيري ڪاٺ سان سنڌ راڻي محترما بينظير ڀٽو شهيد جو تمام زبردست مجسمو ٺاهيو آهي، ان کان علاوه ڪاٺ سان ايترا ته خوبصورت ٻيا مجسما رکيا آهن جو توهان هلي ڏسو ته سهي، مون چيومانس ته تون اهي مجسما ڏسي آيو آهين چيائين ته هائو آئون ڏسي آيو آهيان سائين نثار ناز تون به شاعر آهين تخليق ڪار آهين توکي سنڌ ميوز م ۾ هن نمائش کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿيندي، ايتري ۾ سنڌ ميوزم به اچي ويو، اسان سنڌ ميوزم وارو گيٽ ڪراس ڪري سنڌ ميوزم جي اندروني احاطي ۾ پهچي وياسين. اتي ڪافي سارا دوست نظر آيا، جنهن ۾ سنڌي شاعر محترم عاشق هالائي، سليمان ابڙو پڻ موجود هُئا، عاشق هالائي جو مونکي ڏٺو سو وڌي آيو ڀاڪرن ۾ ڀري چيائين ته سائين اڄ توهان کي سنڌ سلامت تي ونڊ ڪرڻ لاءِ تمام خوبصورت شيون ملنديون ، اڃا اها ڳالهه هلي رهي هُئي ته عبدالغفور سمون اچي چيو ته مجسمن جي نمائش جو افتتاح ٿِي رهيو آهي جلدي اچو، مون چيو ته محترما سسئي پليجو صاحبه پهچي ويئي چيائين ته نه پر سنڌ ثقافت جو سيڪريٽري محترم شمس جعفراڻي پهتو آهي محترما سسئي پليجو جي بدران هاڻي شمس جعفراڻي انهي نمائش جو افتتاح ڪندو، ايتري ۾ اسان مشهور مصور ظفر ڪاظمي فيڪلٽي هال پهچي وياسين، دروازي تي خوبصورت روبينون ڦيٿ جي صورت ۾ لڳل هيون هڪ پاسي کان اسان پهتاسين ته ٻي پاسي کان سنڌي ثقافت جوسيڪريٽري محترم شمس جعفراڻي سنڌ ميوزم جي سربراهه ۽ ان نمائش جي ڪوريج ڪرڻ وارا صحافي ۽ نمائش ڏسڻ وارن جي وڏي ميڙاڪي سان اچي رهيو هو، محترم شمس جعفرائي کي هڪڙي خوبصورت پليٽ ۾ اسٽيل جي چمڪندڙ قينچي ڏني وئي جنهن سان محترم شمس جعفراڻي باقائده اها ڦيٿ ڪاٽي نمائش جو افتتاح ڪيو خوش قسمتي سان مونکي محترم شمس جعفراڻي سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي انهي خوبصورت ترين نمائش جو مشاهدو ڪرڻ جو موقعو ملي ويو، انهي دوران عبدالغفور سمون مسلسل تصويرون ڪڍي سنڌ سلامت لاءِ ڪوريج ڪري رهيو هو، هر مجسمي کي ڏسي مونکي سنڌ جي هن ڏاهي خوشحال مهاراج مجسما ساز جي محنت تي فخر ٿي رهيو هو، مونکي سنڌ ڌرتي تي فخر ٿِي رهيو هو جنهن جي هڪ ڏاهي پُٽ خوشحال مهاراج ايترا خوبصورت مجسما جوڙي هڪ نئين تاريخ جوڙي آهي. نمائش ۾ شامل سنڌي ثقافت جي سيڪريٽري محترم شمس جعفراڻي کان وٺي هرهڪ ماڻهو پنهنجي زبان مان واهه واهه جا لفظ ڪڍي رهيو هو، دوستو هاڻي مان توهان کي وڌيڪ انتظار ڪونه ٿو ڪرايان، انهي مجسمن جون تصويرون توهان سان ونڊ ٿو ڪريان، دوستو اسان جي سنڌ سلامت کي اهو به اعزاز ٿِي رهيو آهي ته سنڌ جي پٿوري شهر سان تعلق رکندڙ اسان جي سنڌي مجسما ساز جي مجسمن جون تصويرون انٽر نيٽ جي حوالي سان صرف سنڌ سلامت تي شيئر ڪيون پيون وڃن. دوستو ان سلسلي ۾ هڪ ڀيرو وري به عبدالغفور سمون جا ٿورا جنهن ايڏي خوبصورت نمائش جو نظارو ڪرايو ۽ سنڌ سلامت لاءِ تصويري ڪوريج ڪئي.
سنڌ سلامت جو ڪارڪن جهونو نثارناز ۽ سنڌ ثقافت جو سيڪريٽري محترم شمس جعفراڻي گڏجي انهي نمائش جو مشاهدو ڪري رهيا آهن
محترم شمس جعفراڻي ۽ ٻيا انهي نمائش جي مجسمن جو مشاهدو ڪري رهيا آهن جڏهن ته سنڌ جو عظيم سنڌي مجسما ساز تخليق ڪار خوشحال مهاراج اڇي ٽوپي ۽ اجرڪ ڪلهن ۾ پاتل انهي مجسمن جي تياري واري مرحلن جي باري ۾ سڀني کي آگاه ڪري رهيو آهي۔