رات جو ٽائيم تقريبن 12 ٿي رهيو هو، دل چيو اڄ ڇون ته لکجي، لکڻ لا پين ۽ ڊائري ڏي هٿ وڌايو، پر لکڻ جي لا موضوع ڪهڙو هجي۔۔۔؟ ان سوال مجهائي ڇڏيو،،،،، ته اچانڪ نظر سائين جي ڪتاب تي پئي۔ نئين (سنڌ لا جدو جهد) چيو ته ڇونه ڀلا سائين جي ڪتاب کي اڄ پڙهجي، مان به سائين کي پڙهڻ کان پهريان۔۔انهن ڪامريڊن جيان هيس۔۔جيڪي ڪنهن به سنڌي جي پٽڪي لاهڻ ۾ دير نه ڪندا آهن،،، سائين کي پڙهڻ سان دل دل کي سُڪون ۽ دل اڃان پڙهڻ جي لا چوندي آهي۔۔۔واھ سائين سن وارا۔۔۔مان ته چوندس ته هر سنڌي سائين کي پڙهي۔۔۔خير مان سائين کي پڙهندي پڙهندي ڪي خاص ڳالهيون پنهنجي ڊائري تي لکندو آهيان، رات مون جيڪا ڳالھ نوٽ ڪئي اُها هي آهي۔(مان سهي سياست کي ايمان جو جُز سمجهندو آهيان) ان کي ڊائري تي لکڻ کان پو مون هڪ نوٽ لکيو، مون جيڪو نوٽ لکيو اُهو به مان وقت سان اوهان دوستن ۽ پيارن سان ضرور ونڊ ڪندس۔ مان ان نوٽ کي لکڻ ته ٻن يا چئن سٽن ۾ ٿي چاهيو پر نوٽ ته ڪيترن ئي پيجن تي لکجي ويو۔ ائين اچانڪ موبائيل تي ميسج جي بيل وڳي، ۽ ان بهاني نظر ٽائيم تي پئي ته اوو رات جا 3 ٿي رهيا هئا۔۔۔۔۔ان نوٽ کي مون پورو ڪري۔۔۔هي سائين جا لفظ هڪ رف پني تي لکي مٿن کان رکي، ننڊ ڪرڻ لڳس۔۔۔۔۔۔۔۔۽ سنڌ جي سياستدان تي سوچيندي خبر ناهي ڪهڙي مهل ننڊ وٺي وئي۔