سنڌي ساٿيو! اسان جي محفلن جي رونق، & اسان جو پيارو ڀاءُ اسد مير جت سخت بخار جي لپيٽ ۾ آهي. ساري سنگت کي عرض آهي ته ادي اسد جي صحتيابي لاءِ دعائون گهرن. الله تعالي سندن صحت ڪامله عاجله نصيب فرمائي.
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل ادا ڌڻي در دعا آهي ته الله پاڪ ادا اسد مير جت عرف مست کي صحت عطا ڪري ته جيئن وري مست اسان جي وچ ۾ اچي ته جيئن رونقون بحال ٿئي وڃن آمين
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل الله سائين کان دعا آهي۔۔۔مست جلدي خوش ٿي۔۔۔۔وري محبت ميلا مچائي۔۔۔آمين
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل بيماري جسم جي زڪوات آهي ۽ مومن لاءِ امتحان ۔۔۔ رب العالمين جي در دعا آهي ته اسانجي دوست اسد ميرجت کي صحت ڪامله عطا ڪري ۽ کيس همٿ عطا ڪري ته هو هر امتحان جي مشڪل مان پار پوي ۔۔۔ آمين ٿڌ جي موسم آهي، انڪري دوستن کي گذارش آهي ته موسم جي مطابقت سان پنهنجي رهڻ کائڻ پيئڻ ۾ تبديلي آڻي، پنهنجي صحت جو خيال ڪن ۔۔۔ انشاء الله اڄ صبح اسانجو دوست نئون بنو ٿي اڳ کان اڳرو ٿي اچي محفل ۾ پهچندو ۔۔۔ تون حبيب، تون طبيب، تون درد جي دوا، جانب منهنجي جيءَ ۾، آزار جا انواع، صاحب ڏيج شفا، ميان! مريضن کي۔
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل الله سائين در دُعا آهي ته اسان جو مست چاڪ چڱو نوبنو ٿي اچي بيماري ۽ بخار واري بيماري گهڙي پل جي وارِي اجها ڄاڻ ختم ٿي، مست سائين حوصلو رک ڪا پينا ڊول دوا وٺ، ٻه وڏا چانهن جا چمچا پي ڄڻ ته ويو سائين بخار ويو۔ الله سائين توکي سدائين صحت ڏي حيا ڏي ايمان ڏي ۽ سڌي رستي تي هلڻ جي توفقي عطا فرمائي آمين
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل ٻه ڏينهن اڳ مست سان فون تي ڳاله ٻوله ٿي هئي۔ هن اهڙي ڪا خبر ڪانه ڪئي۔۔۔ پر سائين هي بخار به ۔۔۔۔الله پناه ڏي سڀني کي۔۔۔ اسان جا هٿ دعا لاء کنيل ته مست چاڪ چڱو ڀلو ٿي اسان سان گڏ هجي۔ تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دَردَنِ؛ تون ڏِئين، تون لاهِئين، ڏاتَرَ! کي ڏُکندَنِ؛ تڏهين ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪن، جڏهين اَمرُ ڪريو اُنِ کي
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل آمين ثم آمين حديث ۾ اچي ٿو ته جيڪو پنهنجي دوست لاءِ غائبانه دعاء گهري ٿو ته ملائڪ به ان لاءِ اُهڙي ئي دعاء گهرن ٿا.
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل ادا ڌڻي در اهيا دعا آهي ته رب پاڪ کيس جلد مان جلد صحت مند ڪري آمين
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل ادا الله سائين کان دعا ٿا ڪريون ته ادا اسد مير جت کي صحتياب ڪري آمين ...........
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل آمين ادا اسان ساري سنگت جون دعائون ادي مست لاءِ آهن ته شل مولا سندن کي جلد صحتياب ڪري.
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل الله تعالي ادا مست کي صحت عطا فرمائي جو پاڻ جلد اچي هن فورم جي زينت بنجن.
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل [justify]ٿورا ناهن ٿورا، مون تي ماروئڙن جا۔۔ دوستو! مولا علي عليه السلام جو هڪ قول آهي ته ”غريب اهو نه آهي جنهن وٽ دولت نه هجي، پر اصل غريب اهو آهي، جنهن وٽ سچو دوست نه هجي“ مان فخر سان چئي سگهان ٿو ته مان غريب نه آهيان، ڇو ته مون وٽ هڪ نه پر ڪيترائي سچا دوست آهن۔ صدقي وڃان سنڌ سلامت جي، جنهن مون کي ايترا پيارا بهترين، ڀلو چاهڻوارا دوست ڏنا۔ واقعي مون کي سخت بخار هو پر اهو ٿڌ جي ڪري نه پر گهڻي ڪم ڪار جي ڪري، گهڻو اوجاڳو ڪرڻجي ڪري ٿيا، ان ڪري ڪالهه سڄو ڏينهن آرام ڪرڻکي ترجيح ڏني، ان کان پوءِ الله جي ڪرم سان، توهان جي دعائن کان پوءِ بخار ”اڙن ڇُو“ ٿي ويو ۽ هاڻي توهان جو ساڳيو مست حاضر آهي۔۔۔ اونئين به دوست اهو ئي چوندا آهن ته مست جي مستي سلامت رهي، پوءِ ڀلا ڪيئن منهنجي طبيعت خراب رهي سگهي ٿي۔ ڇو ته طبيعت صحيحنه هوندي ته مستي به جهڪي هوندي۔۔[/justify]
جواب: ادي مست جي صحت لاءِ دعاء جي اپيل لک ٿورا منهنجي مالڪ جا جنهن اسان جي پرين دوست کي جلد صحتياب ڪيو۔ ادا مست يقين ڪيو اوهان جي ڏاڍي ڪمي محسوس ٿي۔ پر الله در آڏو شڪرانا جو تون خوش ٿي وئين۔