TAHIR SINDHI
سينيئر رڪن
ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ موٽر سائيڪل تي ٻيلهه سواري تي 12 محرم تائين پابندي هڻي ڇڏي. جڏهن ته ڀتين تي چاڪنگ، پمفليٽن ۽ بينر لڳائڻ تي پڻ هڪ مهيني لاءِ پابندي لڳائي وئي آهي. سنڌ حڪومت پاران ڪالهه جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قلم 144 تحت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 12 محرم تائين موٽر سائيڪل تي ٻيلهه سواري تي پابندي رهندي جڏهن ته 12 سالن کان گهٽ واري عمر جا ٻار، بزرگ، معذور، صحافي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ان پابندي کان آجا هوندا. هڪ ٻئي نوٽيفڪيشن ۾ سنڌ حڪومت قلم 144 تحت سڄي صوبي ۾ ڀتين تي چاڪنگ، بينر لڳائڻ ۽ پمفليٽ ورهائڻ تي 30 ڏينهن لاءِ پابندي هڻي ڇڏي آهي. سنڌ سرڪار چيو آهي ته اهڙو قدم عوام ۾ نفرتون پکيڙڻ وارن گروپن کي روڪڻ ۽ صوبي ۾ امن امان قائم رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي.
ڪاوش
ڪاوش