اسلام آباد (رپورٽ : ايم بي سومرو) قومي اسيمبلي جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي اڳيان آر جي ايس ٽي بل کي ٽيڪسٽائيل چيمبر، ٽيڪسٽائيل پروسيزنگ چيمبرز، مينوفيڪچرنگ، اسلام آباد چيمبر، فارسر ايسوسيئيشن ۽ ٻج سپلاءِ ڪندڙن جي تنظيم پاران رد ڪيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته آر جي ايس ٽي لاڳو ٿي ته ڪپڙن جو في جوڙو 135 رپيا وڌي ويندو، تعليمي سامان کان پينسل توڙي يوريا ڊي اي پي، ڊيزل شين، ديسي گيهه، ٻج ۽ دوائن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ٿي ويندي، جنهن جو سمورو بار عوام تي پوندو، قومي اسيمبلي ٽيڪسٽائيل صنعت جي سفارشن کي ڏسڻ لاءِ خصوصي ڪاميٽي ٺاهي ڇڏي، نواز ليگ، اي اين پي، (ق) ليگ ۽ ايم ڪيو ايم ٽيڪسٽائيل صنعت جي موقف سان اتفاق ڪندي ان صنعت کي زيرو ريٽنگ تي رکڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، تعليم جي ڪتابن ۽ ٻين سامانن تي ٽيڪس لاڳو نه ڪرڻ جي پ پ ميمبرن به حمايت ڪري ڇڏي آهي، ڪالهه ناڻي واري قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي اڳيان ڪالهه مختلف چيمبرز ۽ ايسوسيئيشن جي عهديدارن آر جي ايس ٽي بل بابت موقف پيش ڪندي ان کي رد ڪيو آهي، ٽيڪسٽائيل انڊسٽري چيمبرز جي گوهر ايوب ڪاميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته آر جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ سان ٽيڪسٽائيل جا 5 مرحلا ايف بي آر وٽ ويندا، جيڪي بعد ۾ ريفنڊ جي صورت ۾ واپس ملندا، هن چيو ته ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي 5 مرحلن فارمرز، جنرز، اسپينرز، پروسيزنگ ۽ فنشنگ تي مرحلي وار جي ايس ٽي لاڳو نه ڪيو وڃي ۽ زيرو ريٽنگ جاري رکي وڃي، جنهن تي ايم ڪيو ايم جي ميمبر رشيد گوندل چيو ته هن سيڪٽر ۾ ڏيڍ ڪروڙ ماڻهن جو روزگار آهي، 5 مرحلن تي جي ايس ٽي لاڳو ٿئي ته ان صنعت وٽ سيڙپ لاءِ پئسا نه رهندا، جنهن سان هي شعبو متاثر ٿيندو، گوهر ايوب چيو ته آر جي ايس ٽي لاڳو ٿيو ته ملڪ اندر عام ڪپڙي جي اگهن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ٿيندي، مجموعي طور تي ڪپڙي جي صنعت تي 25 سئو ڪروڙن جو ٽيڪس لڳي ويندو، في جوڙو 135 رپيا مهانگو ٿي ويندو، اسان وٽ ڪروڙ نه آهن، جيڪي ايف بي آر وٽ جمع ڪرايون ۽ سال بعد واپس وٺون، اسان مٿان اهو مامرو نه مڙهيو وڃي، جنهن تي ايف بي آر جي چيئرمين تصديق ڪندي چيو ته آر جي ايس ٽي نافذ ٿيڻ سان ڪپڙو مهانگو ٿيندو، باقي هنن جي انگن اکرن سان سهمت نٿا ڪيون، نواز ليگ جي شاهد خاقان عباسي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته هن سيڪٽر جي زيرو ريٽنگ جاري رکي وڃي، جنهن تي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ڪاميٽي کي ٻڌايو ته مارڪيٽن ۾ ميڊ ان جاپان، تائيوان ۽ انڊيا جو ڪپڙو هلي رهيو آهي، جنهن تي ٽيڪس نه آهي، فيصل صالح حيات چيو ته 18 ڪروڙ ماڻهن مٿان آر جي ايس ٽي لاڳو ڪرڻ سان 15 سيڪڙو ڪپڙن ۾مهانگائي ٿيندي، ايف بي آر جي چيئرمين چيو ته هتي غريبن سان وڏي همدردي نظر اچي رهي آهي، اسان به غريبن جا همدرد آهيون پر غريبن جي نالي اميرن ۽ اسان کي سبسڊي نه ملڻ گهرجي، هن چيو ته ريفنڊ سسٽم کي بهتر ڪيو ويو آهي، 45 ڏينهن اندر ريفنڊ واپس ڪيو ويندو جيڪڏهن مدت اندر نه ڪيو ويو ته مروج وياج جي شرح سان ادائگيون ڪرڻ لاءِ اسان صنعت کي ادا ڪرڻ جا پابند هونداسين، جنهن تي اي اين پي جي بشريٰ گوهر چيو ته جيڪڏهن اهو ٽيڪس نه آهي ته رقم ريفنڊ ڪرڻ لاءِ ڇو ورتي پئي وڃي ڪاوش
جواب: ٽيڪسٽائيل صنعت جي واپارين آر جي ايس ٽي کي رد ڪري ڇڏيو جي ادا بلڪل اهو به چيو ويو آهي ته ان ٽيڪس لڳڻ سان پيڪيٽ وارو کير 20 روپيا مهانگو ٿيندو ...................