برادرين جا تڪرار بظاهر ته ٻن ڌرين ۾ تڪرار لڳندا آهن، پر جيڪڏهن گهرائيءَ سان ان جو جائزو وٺجي ته ان تڪرار جو نقصان رڳو ٻن ڌرين کي نه، پر سموري سنڌ کي ٿئي ٿو. سنڌ کي پهچندڙ اهڙي نقصان کي جيڪڏهن ڪو فل اسٽاپ اچي ته ڇا اها ڪا ننڍي حاصلات ليکبي؟ سنڌ ۾ 5 ڊسمبر تي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين پاران اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جو هڪ مثبت نتيجو اهو سامهون آيو آهي، جو سنڌ ۾ جهيڙيندڙ مختلف برادرين پاران ايڪتا ڏهاڙي تي سمورا تڪرار ختم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ويو آهي. رڳو راضپو ئي نه، پر ڪيترين برادرين ته اها خواهش به ڏيکاري آهي ته ان ڏينهن تي ئي سندن تڪراري ڌرين سان ٺاهه ٿي وڃي. سنڌ ۾ مثبت روين جو ڪلچر وڌائڻ جي جيتري ضرورت هن وقت آهي، ايتري ويجهي ماضيءَ ۾ شايد ئي ڪڏهن پئي هجي، ۽ مثبت رويا تڏهن ئي جنم وٺندا آهن، جڏهن ڪير پاڻ اهو احساس ڪندو ته ڪجهه ٿيڻ گهرجي، ۽ جڏهن اهو ٻين کي به احساس ڏياريندو ته هن وقت جيڪڏهن مثبت روين تان دستبردار ٿي وياسين ته اڃا به گهڻو نقصان ٿي ويندو. سنڌ جي اشوز کي محسوس ڪرڻ ۽ انهن جي حل لاءِ انهن سان ڳنڍجڻ ضروري آهي. جيڪڏهن ڪير انهن اشوز جي حل سان نٿو ڳنڍجي ته ڄڻ اهو سنڌ سان ڳنڍجڻ نٿو چاهي. ان ڳالهه جي سڀني کي خبر آهي ته برادرين جا تڪرار سنڌ کي ڪيترو نقصان ڏئي رهيا آهن، ان باوجود جن وٽ اختيار هجن ٿا، سي انهن جي حل لاءِ يا ته ڪي ڪوششون نٿا وٺن يا جنهن انداز سان ڪوششون وٺندا رهيا آهن، اهو انداز ڪي چڱا نتيجا ڏيڻ جهڙو ڪونهي. اسان وٽ انهن اشوز سان ڄڻ ته لاتعلقيءَ وارو رويو رهيو آهي، پر اهو سوچڻ گهرجي ته لاتعلقي به هڪ ڪلچر آهي، اهڙو ڪلچر، جيڪو هر ڏينهن ماڻهن کي اڪيلو ڪندو رهي ٿو. جيڪڏهن هڪ ماڻهو ٻئي کان لاتعلق ٿيندو ته سڀاڻي ٻيا وري ان کان لاتعلق ٿي ويندا، ايئن انسانن جو انسانن سان ڳنڍجڻ وارو ڪلچر ختم ٿيندو ويندو، ۽ لاتعلقيءَ ۽ الڳ الڳ ٿي اڪيلائيءَ جي ور چڙهڻ وارو ڪلچر پنهنجيون پاڙون پختيون ڪندو ويندو. برادرين جا تڪرار به دراصل اهڙي ئي ڪلچر جي پيداوار آهن، جتي هڪڙي ڌر، ٻي ڌر کان الڳ ٿي ويهي ٿي، هڪ ڌر ٻي ڌر کي معمولي ڳالهه تان پنهنجو دشمن سمجهڻ شروع ٿي ڪري، ۽ پوءِ انهن ڌرين جي هڪڙي نسل کان پوءِ ٻيو نسل دشمنيءَ جي انهيءَ باهه ۾ سڙندو رهي ٿو. انهيءَ باهه کي ٺارڻ لاءِ جيڪڏهن تڪرار ۾ آيل اهي ڌريون سوچين ٿيون ته اها ڳالهه مثبت ڪلچر ڏانهن پيش رفت آهي. هتي اسان اها ڳالهه به ڪرڻ چاهينداسين ته ان پيش رفت جي حد فقط هڪڙو ڏينهن نه هجي، ۽ نه ئي هڪ اعلان هجي ته ”جهيڙا ختم ڪنداسين“ پر جهيڙا واقعي به ختم ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن تڪراري ڌريون پنهنجا جهيڙا ختم ڪن ٿيون ته اها سنڌ لاءِ مثبت ڳالهه بعد ۾ بڻبي، ان کان پهرين ان جا مثبت اثر خود انهن جي نئين نسل ۽ ايندڙ نسل تي پوندو. تڪرار ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪڏهن به ڪو معصوم ٻار يتيم نه ٿيندو، ڪا وني بيواهه ٿيڻ کان بچي ويندي، ۽ ڪا ماءُ پنهنجي ڳڀرو پٽ کان محروم ٿيڻ واري اذيت جو شڪار نه ٿيندي. اهي سموريون ڌريون، جيڪي جهيڙن ۾ آهن، انهن جا فرد گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڪيلا ٿي ويهي پاڻ سان ڳالهائين، پاڻ کان سوال پڇن ته اهڙن تڪرارن جي پاڇيءَ ۾ انهن لاءِ فائدو ڪيترو ٿيو آهي، ۽ نقصان گهڻو ٿيو آهي. هو حساب ڪن ته جيڪڏهن جهيڙا نه هجن ها ته اهي ڪهڙا ڪهڙا ٻار آهن، جيڪي يتيم ٿيڻ کان بچي وڃن ها، ڪيتريون عورتون آهن، جيڪي بيواهه نه ٿين ها، ڪيتريون مائرون آهن، جيڪي پنهنجي مارجي ويل اولاد جي انتظار ۾ در ۾ اکيون وجهي نه ويٺل هجن ها. رڳو ايترو ئي ڪونهي، پر جڏهن تڪرارن سبب علائقن جا اسڪول بند ٿي وڃن ٿا، تڏهن اسڪولي عمر جا ڪيترا ٻار هجن ٿا، جيڪي اهڙي وهيءَ ۾ اسڪول وڃڻ بدران دروازا بند ڪري خوف ۾ ڪنهن هنڌ لڪل هجن ٿا، متان دشمن ڌر مٿن حملو ڪري سندن کان حياتي نه کسي وٺي. اهڙو سمورو نسل، جنهن کي ٻاراڻي عمر ۾ خوف نصيب هجي، سو وڏو ٿي سماج کي ڪهڙي موٽ ڏيندو، ان کي سمجهڻ ڪا عربي فارسي ڪونهي. سڀ ڌريون، جيڪي جهڙيندڙ آهن، سي پنهنجي انهيءَ نسل جي واسطي فاصلا ختم ڪن، بندوق مان هٿ ڪڍن ته جيئن انهن جي نئين نسل جي هٿ ۾ قلم اچي سگهي. مٿي جن ڳالهين جو اسان ذڪر ڪيو آهي، سي برادرين جي تڪرار جا رڳو چند اونداهان رخ آهن، تفصيل ۾ وڃبو ته اهڙيون المناڪ ڪهاڻيون سامهون اينديون، جن تي بس روئي سگهجي ٿو. برادرين جي جهيڙن جي انهن اونداهن رخن مان سنڌ جي ماڻهن کي آجپو ملڻ گهرجي، ۽ ان لاءِ بنيادي ڪردار خود تڪرار ۾ آيل برادرين جو بڻجي ٿو. جيڪڏهن اهي تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ راضي ٿين ٿيون، ته ٻي ڪا اهڙي ڌر ناهي، جيڪا هروڀرو کين جهيڙن جي باهه ۾ اڇلائي. رت وهائڻ جو سلسلو ختم ڪري هڪ ٻئي جا ڳوڙها اگهجن، هڪٻئي کان لاتعلق ٿيڻ وارو ڪلچر ختم ٿيندو ته ڪو مثبت ڪلچر جنم وٺندو. اسان جهيڙيندڙ ڌرين جي اهڙي راضپي جي آجيان ڪريون ٿا، ۽ اميد ڪريون ٿا ته اهو راضپو ضرور عملي شڪل وٺندو.
جواب: جهيڙيندڙ ڌرين پاران تڪرارن جي خاتمي وارو مثبت اعلان! تمام سٺي خبر آهي، جيڪڏهن ايئن واقعي ٿئي ته سنڌي ثقافتي عيد جون خوشيون ٻيڻيون ٿي وينديون، دراصل سنڌين وٽ راڄوڻي جهيڙا ئي ختم ٿين ته اڌ امن ٿي ويندو ۔۔۔ رب کان دعا آهي ته سنڌين ۾ ايڪتا ۽ اتحاد جي روشني پئدا ٿئي ۔۔۔ آمين
جواب: جهيڙيندڙ ڌرين پاران تڪرارن جي خاتمي وارو مثبت اعلان! آمين ثم آمين. سائين اوهان کي گذارش آهي ته اوهان ڀلاري سرزمين تي سنڌ جي امن & خوشحالي لاءِ خصوصي دعائن ۾ ياد رکو.