جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏3 ڊسمبر 2010۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    دنيا جون سموريون قومون مذهب ۽ عقيدن سان گڏ ثقافت ۽ ريتن رسمن سان پيار ڪنديون آهن. جي کڻي ائين چئجي ته سڀئي قومون ثقافت کي پنهنجو عقيدو ۽ ايمان سمجھنديون آهن ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه هوندو. ثقافت ڇا آهي؟ اسان جون ريتون رسمون، لباس، رهڻي ڪهڻي جا طور طريقا ثقافت جا اهڃاڻ آهن. ثقافت ٺهندي ڪيئن آهي؟ ثقافت ڌرتي جي طبعي حالتن پٽاندر جنم وٺندي آهي، جيئن پنجاب يا سنڌ جي زمين سڌي سنئين ۽ زراعت واري آهي ته اتي جي ماڻهن جي لباس ۾ شلوار قميص يا گوڏ شامل آهي، سرحد ۽ بلوچستان ۾ پٿريلو علائقو آهي ته اتي فراڪ نما قميص، ويڪريون سر واريون شلوارون ۽ سدري شامل آهن، جڏهن ته هيءَ هڪ ئي ملڪ جي ڳالهه پئي هلي ته هتي به طبعي حالتن جي ڪري لباس ۾ فرق آهي، ائين ئي جيڪڏهن اسان دنيا جي وسيع دائري ۾ وينداسين ته هر علائقي جي ثقافت طبعي حالتن جي ڪري هڪ ٻئي کان تمام گھڻي مختلف هوندي. ڪنهن به ريت ۽ رسم کي ثقافت جو حصو بڻجڻ ۾ صدين جو سفر طئي ڪرڻو پوندو آهي ۽ وري جيئن طبعي حالتون آهستي آهستي صدين جو سفر ڪري تبديل ٿينديون آهن، ائين ئي ثقافتون، ريتون رسمون به تبديل ٿينديون آهن پر ثقافت جا ڪجھه اهڙا به حصا هوندا آهن، جيڪي ڪيتريون ئي صديون گذرڻ باوجود ڪيتريون ئي طبعي تبديليون ٿيڻ باوجود انهن حصن ۾ تبديلي نه ايندي آهي. شايد اهي تبديليون وجود جو حصو ٿي چڪيون هونديون آهن. ائين ئي اسان جي سهڻي سنڌ جي ثقافت ۾ شامل اجرڪ، ٽوپي، رلي، ڀرت، چنري ۽ سوسي اسان جي وجود جو حصو ٿي چڪيون آهن. اسان جي ٻارڙن جي لباس ۾ هاڻ جڏهن پينٽ شرٽ ۽ اسڪرٽ شرٽ شامل ٿي چڪا آهن، تڏهن به اهي پنهنجي بيڊ روم ۾ رلي وڇائڻ ۾ خوشي محسوس ڪن ٿا، پنهنجي ورانڊي ۾ ڪانين جا پردا لڳائڻ ضروري سمجھن ٿا، پينٽ شرٽ مٿان شيشن واري رنگ برنگي ٽوپي ۽ اجرڪ پهري يونيورسٽي وڃڻ تي فخر محسوس ڪن ٿا. ائين ئي اسان جون ڇوڪريون شادين ۽ پارٽين ۾ چنري جا وڳا پائڻ تي خوشي محسوس ڪن ٿيون. سندن ٻانهن ۾ چوڙيون ۽ اکين ۾ سرمو ضرور هوندو آهي. اهي شيون اسان سڀني جي رڳن ۾ رت جيان ڊوڙن ٿيون، اسان سڀني کي پنهنجي انهن خوبصورتين جو احساس آهي پر سلام آهي ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي سرواڻ علي قاضيءَ کي، جنهن اسان جي اندر موجود جذبن کي ٻاهر آڻڻ جو رستو ڏيکاريو. 6 ڊسمبر 2009 جو صبح اسان لاءِ ڪيترائي پيغام کڻي آيو، جڏهن ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جي سڏ تي اسان سڀ پنهنجن گھرن مان هٿ ۾ هٿ ڏئي هڪ ٿي روڊن تي نڪري آياسين ۽ اسان جي اهڙي طرح ايتري وڏي تعداد ۾ نڪرڻ دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. بهرحال اسان سڀئي سنڌي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين گروپ کي ان عظيم قدم تي سلام ڪريون ٿا. اجرڪ، ٽوپي ۽ رلي اسان جي ثقافت جو اهو حصو آهن، جن کي استعمال ڪرڻ وقت نه صرف سنڌي پر ٻيون قومون به فخر محسوس ڪن ٿيون. اسان سنڌي اهي ماڻهو آهيون، جيڪي پنهنجي هر پروگرام جي شروعات ڀٽ ڌڻيءَ جي وائي ۽ اجرڪ ٽوپيءَ جي تحفي سان ڪندا آهيون ۽ پروگرام جي پڄاڻي اجرڪ ٽوپي پائي ”هو جمالو“ ڳائڻ سان ڪندا آهيون. اسان جي سنڌ جي سڀ کان پياري منظر ڪشي سرويچ سجاولي جي هن گيت ۾ آهي: ”جنت الفردوس آهن، ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ جنهن کي، سنڌ کي سمجھڻو آهي، اهو ان گيت کي سمجھي وٺي. اسان پنهنجو هر ڏينهن پنهنجي ثقافت جي نانءُ ٿا ڪريون پر 5 ڊسمبر جي تياري عيد کان به وڌيڪ ڪري رهيا آهيون.

    عابده جمالي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو