اڙي ادا ممتاز لطيف جي ڪهڙي ڳالهه تي لکجي ۔۔۔ جيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چٽاڻون چوڌار ۔۔۔
لطيف جي وحدانيت واري پيغام تي لکجي يا حق ۽ سچ تي جان نثاري واري جذبي تي لکجي ۔۔
لطيف جي حب الوطني تي لکجي يا وطن جي خاطر ڏک ڏاکڙا برداشت ڪري مارئي جي ريت نڀائجي ۔۔
ٿر تي لکجي يا ڪاڇي تي لکجي يا سنڌ جي سهڻن ماڻهن تي لکجي يا حساس جذبن تي لکجي ۔۔۔ مطلب ته لطيف تي لکبو ته لطيفي فڪر تي لکڻو پوندو ۽ جي لطيفي فڪر تي لکبو ته پوري ڪائنات تي لکڻو پوندو ۔۔۔ هاڻ تون ئي ٻڌا تي ڇا تي لکجي ۔۔۔ ؟
اسانجي حياتي جا باقي لمحا ايترا ته ٿورا آهن جو انهن لمحن ۾ ڪائنات جي حسن جي هڪ جهلڪ تي لکڻ به اسانجي وس جي ڳالهه ناهي ۔۔۔
رب اسانکي هن ڪائنات جي علم جو ڪو ماسو ئي عطا ڪري ته هوند پوڄارا پر ٿي وڃن ۔۔
هٿ مٿي آهن ۔۔۔ اکيون آسمان ۾ آهن ۔۔۔ دل ۾ محبوب جي جا ٺاهڻ ۾ مصروف آهيون ۔۔۔ دعا ڪريو ته ڪاميابي ٿجي ۔۔۔
سهڻي ونڊ جا ٿورا ڳڻي ڪيترا ڳڻبا ۔۔۔
سنڌ سلامت ساٿ سلامت