خدا ڀلو ڪري پيپلز پارٽي جي مخالف ٽي وي اينڪر ڊاڪٽر شاهد مسعود جو جنهن جي طعني سنڌي ماڻهن کي هڪ نقطي تي گڏ ڪري ڇڏيو،گذريل سال صدرآصف علي زرداري جڏهن افغانستان جي دوري تي ويو هو ته هو پاڪستان جي قومي لباس جيڪو هن خطي ۾ اصل ۾ سنڌين جو ئي قومي لباس آهي) ۽ سنڌي ٽوپي ۾ ملبوس ٿي ويو هو، زرداري صاحب انهي کان اڳ ۾ به سرڪاري دورن ۾ اهڙيون “گستاخيون” ڪندو رهيو هو ۽ اڃا تائين ڪندو به رهي ٿو، اها ڳالهه اسان جي انهي مهان اينڪر کي نه وڻي ۽ هن نيٺ انتهائي حقارت سان اها ڳالهه پنهنجي پروگرام ۾ ڪري ڇڏي، ته هڪ ننڍي صوبي جو لباس پائي صدر پرڏيهي دوري تي ويو آهي، انهن ڏينهن ۾ جڏهن ڊاڪٽر شاهد مسعود اها ڳالهه ڪئي ته اسلام آباد ۽ انهي جي خانگي ٽي وي اسٽوڊيوئن ۾ موجود اينڪرز پنهنجن ٽاڪ شوز ۾ حڪومت وڃڻ جون تاريخون ڏئي رهيا هئا، انهي سسڄي صورت حال ۾ سياسي مارڪيٽ تي انتهائي گهري نظر رکندڙ بااثر طور سڃاتو ويندڙ انهي ٻئي ڏينهن نه رڳو انهي جي مذمت ڪئي پر انهي تي لاڳيتا پروگرام به ڪري ڇڏيا ۽ سنڌ ۾ هڪ اهڙي سياسي صورت حال پيدا ڪري ڇڏي جنهن جو مڪمل فائدو پيپلز پارٽي کي ٿيو.اٽي ۽ لٽي جي محتاج ماڻهن کان پيپلز پارٽي جون واعدي خلافيون وسري ويون ۽ سنڌي ٽوپي اجرڪ جي نئين نعري سنڌ ۾ هنن کي هڪ نئين زندگي عطا ڪري ڇڏي، گذريل سال 6 ڊسمبر تي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جو ڏينهن ملهايو ويو، انهي ڏينهن خود پيپلز پارٽي جي مٿئين قيادت جي هدايت تي سمورا وزير پنهنجن تڪن ۾ لهي پيا ۽ جلوسن جي اڳواڻي ڪيائون ۽ ڪٿي ڪٿي ته ائين به محسوسو ڪيو ويو ته حڪومتي وزير انهي شو کي پاڻ هاءِ جيڪ ڪري ويا، اها ميار انهي ڪري به ڌنڌلي ٿي وئي ته هي سنڌ جي اجتماعي سوچ جي ڳالهه هئي ،انهي ڪري اندر جو سور اندر ۾ ئي رهجي ويو هن دفعي به مٿان وري ٻيو ڪم اهو ٿيو آهي جو عبرت گروپ آف پبليڪيشن ۽ ٻينسنڌي ٽي وي چينلن جن ۾ سنڌ ٽي وي ،مهراڻ ٽي وي ،آواز ٽي وي،۽ ڌرتي ٽي وي شامل آهن، گڏجي اهو ڏهاڙو 4 ڊسمبر تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومتي پارٽي به انهي اعلان کي تقويت بخشڻ لاءِ 4 ڊسمبر تي ان ڏينهن کي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، پريشان سنڌي کنڊ جو اگهه ٻڌي ٻئي هٿ مٿي تي رکيو رڳو سستي اٽي جي ڳولا ۾ آهي ته اهو ئي ڪٿان ملي وڃي جو هو پنهنجي ۽ ٻچن جو پيٽ ڀري سگهي. هو اجرڪ ۽ ٽوپي جواگهه پڇڻ بدران انهي ۾ پريشان آهي ته جيڪڏهن بصر ۽ ٽماٽا ملي وڃن ته هو انهيءَ ڳنڌ سان ڳنڌي ڳنڌي کائي وٺي. پر اسان جا هي سنڌين جي عشق جا دعويدار ميڊيائي ماڻهو انهن غريب سنڌين جا نومبر جا 10 ڏينهن ۽ ڊسمبر جا 4 ڏينهن اجرڪ ٽوپي جي نالي تي کائي ويا،انهن ڏينهن ۾ نه وطن ڪارڊ جي ڪا ڳالهه ٿي نه اڌ ٻڏل سنڌ مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جون خبرون عوام تائين پهچي سگهيون، ريفامڊ جي ايس ٽي ٽئڪس جي معاملن کان ته سنڌي ماڻهواڳي ئي پري بيٺل آهي.هاڻي اهو سنڌي ماڻهو وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ پاڪستان جي موجوده سياسي تاريخ جو جيڪڏهنپاڻ جذبات کان هٽي ڪري جائزو وٺنداسين ته اسان کي اندازو ٿيندو ته هيستائين عوام کان سڄو ڪم جذبات مان ورتو ويو آهي، اهو ووٽ جو حاصل ڪرڻ جو معاملو هجي يا تعليمي ادارن ۾ “سنڌ جي بقا” جو هجي ،سنڌ جا ماڻهوسدائين انهن معاملن تي اڳڀرا رهيا آهن، پر سنڌ جي ماڻهن کي ڪڏهن به ڪنهن سياسي ،سماجي ۽ هاڻي صحافتي ڌر اهو نه ٻڌايو آهي ته سندن حقيقي مسئلا ڪهڙا آهن ،هو هن وقت دنيا سان گڏ بيٺا آهن يا انهي کا ن سوين سال پوئتيآهن، مارڪيٽ ۾ اسان جي حيثيت ڇا آهي؟ اسان جو پڙهيو لکيو ڪلاس اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪيتري سيڙپ ڪري پيو؟ ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين واپاري مرڪزن ۾ اسان ڪٿي موجود آهيون، اسان وٽ بدعنواني ڪٿي پهتي آهي؟اسان پهنجي ڪم سانڪيترا سچا آهيون؟ اسان جو عام ماڻهو پنهنجي فيلڊ ۾ پاڻ کي ڪيترو مڃائي ٿو؟ اسان جو استاد انهي مرتبي تي آهي جتي انهي کي هجڻ گهرجي، اسان جي مولوي وٽ ايترو علم آهي جيڪو هڪ بهتر معاشري جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪريسگهي؟اسان جو پوليس وارو ايترو باڪردار آهي جنهن کان مدد جي اميد هجي؟ اسان جي عدالتن ۾ موجود ڪلارڪ ۽ نائڪ ڪيترا ايماندارآهن اسان ڪڏهن انهي جو جائزو ورتو آهي؟ اسان جي عام ماڻهو سان سرڪاري ادارن ۾ روز ڪهڙيتعدي ٿئي ٿي؟ ان جو ڪڏهن ڪو داد فرياد ٿيو آهي؟ اسان اخلاقي طور ڪٿي بيٺا آهيون ان جو ڪڏهن اسان پوتا ميل نه ڪيو آهي، روزانو جيئن سج لهي ٿو ته اڌ سنڌ ٺري ۾ ٽن آهي، باقي سنڌ لوفرن ۽ ڌاڙيلن جي چنبي ۾ يرغمال آهي؟ اسان جتي نوڪري ڪريون ٿا اتي سرڪار جي ملندڙ پگهار کي ڳڻيون ئي ڪونه ٿا. جيڪو ماڻهو ڪم کڻي اچي ٿو اسان انهي جي کيسي ۾ پيل رقم تي پنهنجو ذاتي حق سمجهون ٿا. مختيار ڪار جي آفيس جي دروازي ٻاهران بيٺل پٽيوالي کان وينديهڪ عام تپيدار تائين اهڙا وائيٽ ڪالر ڌاڙيل بڻجي ويا آهن، جن خلاف شڪايتن جو ڪٿي داد فرياد ئي نٿو ٿئي.اهڙا هزار قصا ٻڌائي سگهجن ٿا،بدين جي تپيدار جي ملڪيت جي ماپ ڪريو ته اوهان کي اندازو ٿيندو ته اڄ کان ڏهه سالاڳ هن وٽ ڇا هو ۽ اڄ هو بدين شهر ۾ ڪروڙن جي ملڪيت جو مالڪ ڪيئن ٿيو آهي، ڪيئن هن سي اين جي پمپ حاصل ڪيا آهن، ڪير به انهي کان پڇڻ وارو ناهي، ڪالهه هن جي اوطاق ۾ اربابن جا فوٽو هئا اڄ مرزائن جا فوٽو آهن،سنڌ ۾ سماجي بڇڙاين جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو آهي جتي هاڻِي چڱن چڱن ماڻهن بس ڪري ڇڏي آهي. اسان جي سياست ته اڳي ئي منافقي مصلحت پرستي جي زهر سبب ماڻهن کي ڏنگي ڏنگي ساڻو ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي ادارن ۾ ماڻهن جو ويساههختم ٿي ويو آهي،ماڻهو هاڻي ميڊيا کي پنهنجو مسيحا سمجهڻ شروع ڪيو هو سو هاڻ هنن به سياست شروع ڪري ڇڏي آهي. سنڌي ماڻهو جن کي اجرڪ ۽ ٽوپي پائڻ جي تلقين ڪئي وڃي ٿي ،انهن تلقين ڪندڙن ڪڏهن انهن ماڻهن کي اجرڪ ۽ ٽوپي جواگهه ٻڌايو آهي؟ اسان کي انهي ڳالهه جي خوشي ضرور آهي ته سنڌي ماڻهن جو قومي ڪاڄ وڏا مان ۽ شان سان ملهائڻ گهرجن، پر اسان جي راءِ اها آهي ته سنڌ اجرڪ ٽوپي کان به علاوه ٻين عملن جي تقاضا ڪري ٿي، رزاق کٽي