دوستو! ڪجهه وقت اڳ منهنجي ڪمپيوٽر ۾ وائرس اچڻ ڪري پارٽيشن ڪريئيٽ ڪري فارميٽ ڪيم پر مون ان ڪمپيوٽر جا ڊرائيورز ڪونه کڻي سگهيس جنهن ڪري تصوير ته قابل قبول آهي پر آواز بلڪل ختم. سسٽم فيوجسٽو سائمنس آهي. پينٽيم 4 مدد جي اپيل.
جواب: ڪمپيوٽر ڊرائيورز سائين نيٽ تان سرچ ڪري ڏسو ورنه اجهو ٿو فقير سائين ڦيرو پائي اميد ته توهان جو ڪم ٿي ويندو.
جواب: ڪمپيوٽر ڊرائيورز ادا ان لا مارڪيٽ ۾ يونيورسل ڊراوئيور نالي سي ڊي ملي ويندي ان ۾ سڀ ڊرائيور موجود آھن ڪم ٿي وڃي ته بھتر نه ته باقي ساٿين جي نظر پوندي ئي سمجهو توھان جو حل موجود
جواب: ڪمپيوٽر ڊرائيورز ادا بلڪل يونيورسل ڊرائيور جي سي ڊي وڏي ڪارائيتي آهي، آئون پان پنهنجي ۽ دوستن جي ڪمپيوٽرن ۾ ان سان ڊرائيور لڳائيندو آهيان اهو به بلڪل آساني سان۔ ان ۾ تقريبن 35000 ڊرائيور آهن۔
جواب: ڪمپيوٽر ڊرائيورز سائين ٿريڊ موڪلڻ کان 10 منٽ پوءِ مون نيٽ تي سرچ ڪندي ڊرائيورز ڳولي ورتا هئا۔ لک لائق ساري سنگت جا۔
جواب: ڪمپيوٽر ڊرائيورز ادا هون ته ڊرائيورس ملي ويندا آهن سرچ ڪرائڻ سان پر ان ۾ ڪافي ٽائيم ضايح ٿيندو آهي سو ان ڪري مان به نواب خان جي ڳاله کي ئي اهيمت ڏيندس ان ۾ هڪ ته ڪافي ڊرائيورس موجود آهن ٻيو ته ٽائيم جي به ڪافي بچت ٿيندي آهي سو ان ڪري مان اوهان کي هڪ لنڪ ڏئي رهيو آهيان توهان ان لنڪ تان ڊرائيورس جي سي ڊي جيڪا آ۽ ايس او اميج موڊ ۾ آهي ان کي ڊائونلوڊ ڪري نيرو جي ذريعي ان کي سي ڊي تي برن ڪري هيمشه جي لا۽ پاڻ وٽ اهو بيڪ اپ رکي ڇڏيو ته وڌيڪ بهتر رهندو وڌيڪ راز جا راڻا آهيو سدائين گڏ
جواب: ڪمپيوٽر ڊرائيورز ادا هي فائل صفر 380 ڪلو بائيٽ جي آهي، ڇا سڀئي ڊرائيورز ٽوٽل ان سائيز ۾ آهن؟ ۽ آئي ايس او فائل ڪيئن کلندي؟
جواب: ڪمپيوٽر ڊرائيورز شڪر آهي ادا طاهر جو مسئلو حل ٿي ويو، فقير سائين ادا طاهر کي آئي ايس او فائل جي باري ۾ جلدي ٻڌايو ته جيئن هي موضوع بند ڪجي۔۔
جواب: ڪمپيوٽر ڊرائيورز بلڪل ادا هي فائيل 380 ڪلو بائيٽ جي آهي جي ادا هن فائيل ۾ تقريبن سڀ ڊرائيورس آهن (يونيورسل ڊرائيورس 2011 ) آهي آ۽ ، ايس . او فائيل کي کولڻ لا۽ توهان وٽ نيرو برننگ روم انسٽال هجڻ ضروري آهي پو۽ نيرو جي ذريعي توهان مٿين ڏنل فائيل کي کوليو پو۽ ان کي خالي سي ڊي تي برن ڪري هميشه لا۽ پاڻ وٽ يونيورسل سي ڊي جي بيڪ اپ رکي ڇڏيو سدائين گڏ
جواب: ڪمپيوٽر ڊرائيورز ادا سي ڊي سان گڏ ڪمپيوٽر هارڊ ڊسڪ تي به ته هن جو بيڪ اپ رکي سگهون ٿا نه؟ هڪ عرض ته نيرو جي لنڪ ڏيندا جتان آساني ڊائونلوڊ ٿي سگهي ته مهرباني ادا
جواب: ڪمپيوٽر ڊرائيورز ادا آئي ايس او فائل اميج فائل هوندي آهي، جنهن کي صرف سي ڊي تي اتاري (برن ڪري) سگهجي ٿو۔۔۔
جواب: ڪمپيوٽر ڊرائيورز ادا هڪ دفعو صرف سي ڊي رائيٽ ٿئي وڃي ته ان کان پو۽ توهان ان ڊيٽا کي ڪٿي به رکي سگهو ٿا توهان جي مٿان ٿو منحصر ڪري باقي نيرو جي لنڪ مان توهان کي ڏيان پيو فلحال ته ڊيمو ورجن حاضر آهي هت ڪلڪ ڪريو ٻيو حڪم سدائين گڏ