ڪافي دوست ڪمپوزنگ جي ڪم ۾ هر وقت رڌل رهندا آهن۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ته نالن جون لسٽون ٽائيپ ڪرڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويندا آهن۔۔۔ ڪي قابل دوست اهڙي ڪم دوران انهي لفظ کي جيڪو بار بار ايندو هجي ڪاپي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جڏهن به اهو لفظ لکڻو پوندو آهي ته يڪدم پيسٽ ڪمانڊ اپلائي ڇڏيندا آهن۔۔ پر ڇا ڪجي جو مائڪروسافٽ آفيس ۽ ونڊوز ۾ ڪاپي ڪري صرف هڪ ئي لفظ سگهجي ٿو ان ڪري جيڪڏهن ٽائيپنگ دوران ڪجهه وڌيڪ اهڙا لفظ هجن جيڪي باربار لکڻا هجن ته انهن ڊگهن اکرن تي مشتمل لفظن کي ڪاپي ڪري نه ٿو سگهجي۔۔۔ اهڙن دوستن لاءِ مون اڄ هڪ ڪم جو مفت وارو سافٽويئر آندو آهي جنهن کي انسٽال ڪرڻ کان پوءِ توهان هڪ ئي وقت ۾ ڪافي لفظ ڪاپي ڪري رکي به سگهو ٿا ۽ جيڪڏهن چاهيو ته انهن جي ڪمانڊ ٺاهي به سگهو ٿا ۔۔۔ اهڙي طرح بار بار ايندڙ انهن لفظن کي يڪدم ڪمانڊ يا ڪلڪ ڪري لکي سگهجي ٿو۔۔۔ هن سافٽويئر ذريعي يقينن ڪمپوزنگ جو ڍير سارو ڪم جلدي اڪلائي سگهجي ٿو۔۔۔ بس هن سافٽويئر جي خامي اها آهي ته هن کي استعمال ڪرڻ لاءِ توهان کي نيٽ فريم ورڪ 5۔3 پڻ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ رکڻو پوندو۔۔۔ جيڪو اڄ ڪلهه هر ڪمپيوٽر ۾ رکڻ لازمي ٿي پيو آهي جو ڪافي سارا سافٽويئر اهڙي گهرج ڪندا رهن ٿا۔۔۔ ClipCycler نالي هن سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
جواب: ڪمپوزنگ جي ڪم کي تڪڙو اڪلائڻ لاءِ مفت جو سافٽويئر سائين سافٽ ته سٺو آهي. ٻڌائيندا ته ان سافٽ & ورڊ ۾ ماڪرو ٺاهڻ ۾ ڇا فرق آهي؟
جواب: ڪمپوزنگ جي ڪم کي تڪڙو اڪلائڻ لاءِ مفت جو سافٽويئر سائين تمام بهترين ونڊ ڪيو اٿوَ، پر منهنجي وري عادت اهڙي آهي جڏهن ڪا شئي پيسٽ ڪرڻ چاهيندو آهيان ته ان ۾ ايترو وقت لڳي ويندوآهي جو جيتري وقت ۾ اصل شئي ٽائپ به ٿي وڃي۔۔۔ هڪ ٻي گذارش آهي ته هڪ اهڙو سافٽ ويئر کپي جيڪو وائيس ذريعي پاڻ مرادو ٽائپنگ ڪري، سافٽ ويئر ته کوڙ مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن پر ڪو پورو سافٽ ويئر نه ٿو ملي، جنهن تي ڀروسو ڪري سگهجي
جواب: ڪمپوزنگ جي ڪم کي تڪڙو اڪلائڻ لاءِ مفت جو سافٽويئر سائين انهن ٻنهي سوالن جي وضاحت ڪجي ته مهرباني ٿيندي۔
جواب: ڪمپوزنگ جي ڪم کي تڪڙو اڪلائڻ لاءِ مفت جو سافٽويئر ادا رشيد سافٽ ويئر ته تمام بهترين آهي يقين ڪريو ته واقعي به ڪمپوزنگ جي حوالي سان يا وري آفيس ۾ ڪم ڪرڻ وارن لا۽ هي بهترين سافٽ ويئر آهي مون کي ته ان مان ڪافي فائدو ملندو مان ان کي ڊائونلوڊنگ تي لڳائي ڇڏيو آهي سدائين گڏ