ڪافي دوست ڪمپوزنگ جي ڪم ۾ هر وقت رڌل رهندا آهن۔۔۔ ڪڏهن ڪڏهن ته نالن جون لسٽون ٽائيپ ڪرڻ ۾ ڪلاڪ لڳي ويندا آهن۔۔۔ ڪي قابل دوست اهڙي ڪم دوران انهي لفظ کي جيڪو بار بار ايندو هجي ڪاپي ڪري ڇڏيندا آهن ۽ جڏهن به اهو لفظ لکڻو پوندو آهي ته يڪدم پيسٽ ڪمانڊ اپلائي ڇڏيندا آهن۔۔
پر ڇا ڪجي جو مائڪروسافٽ آفيس ۽ ونڊوز ۾ ڪاپي ڪري صرف هڪ ئي لفظ سگهجي ٿو ان ڪري جيڪڏهن ٽائيپنگ دوران ڪجهه وڌيڪ اهڙا لفظ هجن جيڪي باربار لکڻا هجن ته انهن ڊگهن اکرن تي مشتمل لفظن کي ڪاپي ڪري نه ٿو سگهجي۔۔۔
اهڙن دوستن لاءِ مون اڄ هڪ ڪم جو مفت وارو سافٽويئر آندو آهي جنهن کي انسٽال ڪرڻ کان پوءِ توهان هڪ ئي وقت ۾ ڪافي لفظ ڪاپي ڪري رکي به سگهو ٿا ۽ جيڪڏهن چاهيو ته انهن جي ڪمانڊ ٺاهي به سگهو ٿا ۔۔۔ اهڙي طرح بار بار ايندڙ انهن لفظن کي يڪدم ڪمانڊ يا ڪلڪ ڪري لکي سگهجي ٿو۔۔۔
هن سافٽويئر ذريعي يقينن ڪمپوزنگ جو ڍير سارو ڪم جلدي اڪلائي سگهجي ٿو۔۔۔ بس هن سافٽويئر جي خامي اها آهي ته هن کي استعمال ڪرڻ لاءِ توهان کي نيٽ فريم ورڪ 5۔3 پڻ پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ رکڻو پوندو۔۔۔ جيڪو اڄ ڪلهه هر ڪمپيوٽر ۾ رکڻ لازمي ٿي پيو آهي جو ڪافي سارا سافٽويئر اهڙي گهرج ڪندا رهن ٿا۔۔۔
ClipCycler نالي هن سافٽويئر کي ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔