سنڌ سلامت جي سمورن ميمبرن ۽ انتظاميه جي رڪنن طرفان سنڌ سلامت جي سپر ايڊيٽر ۽ مسئلن کي سلجهائيندڙ دوست سائين نثار ابڙو کي سنڌ سلامت جو نائب منتظم ٿيڻ تي لکين واڌايون۔
سائين نثار ابڙو جي لکڻ ، سندس ڳالهائڻ، سندس ملڻ ۽ سندس لفظن ۾ هڪ مهڪ آهي ، هڪ ڪشش آهي۔ مان کيس شاه سائين جو هڪ بيت ارپيندس جيڪو ڄڻ ته سندس جي شخصيت لاء ئي چيل آهي :
ماڻهون سڀ نه سهڻا ، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهونء منجھ اچي بوء بهار جي
سائين نثار سنڌ سلامت جو روح روان آهي ، سدائين پيارا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وقت جي نزاڪت سان مزاح سان ڀرپور ته ڪڏهن ٿورا کٽا مٺا ويچار ونڊي دل کي خوش ڪري ڇڏيندو آهي. سندن مخاطب ٿيڻ جو انداز به لاجواب ، بانلا، ابا ، ڀاء ، دوستڙا، بابلڙا ، ڀائڙا ۔۔۔۔وڃين ٿيا خير ۔۔۔ هڻ ته سهي ، کڻ پنهنجي ڀاء کي ۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڻ ڇا ته وري تشبيهون ۽ مثال ڏيندا آهن۔ سڀ لاجواب۔۔۔ هميشه حوصلو ۽ همت ڏياريندڙ سائين نثار ڪچهريء جو به مور آهي۔ سندس سان پهرين ملاقات ۾ هر شخص ائين محسوس ڪندو آهي ڄڻ سندس نثار سان ڪا جنمن جي دوستي ۽ ياري آهي۔ سچل ڳوٺ ۾ دوستن سان ڪچهريون ڇا ڪري ويو ڄڻ سڀني کي پنهنجو ڪري ويو، هاڻ دوست روز مونکان پيا سندن باري ۾ پڇندا ۽ سلام موڪليندا رهندس۔
سنڌ سلامت جو اڱڻ سندس موجودگيء جي ڪري هميشه سکيو ۽ آباد آهي۔ جتي لفظن جي ڪمي محسوس ڪانه ٿيندي آهي۔ هر دوست پنهنجي پوسٽ تي سندس ڪمينٽس جو شدت سان انتظار ڪندو آهي۔ پاڻ سدائين سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار ڪندو رهندو آهي۔ پاڻ سنڌ سلامت جي هر موضوع تي ونڊ ڪندو رهي ٿو۔
سنڌ سان محبت ته عبادت جي حد تائين ٿو ڪري ۽ سنڌ سان پنهنجي ازلي محبت ۽ عشق ۾ پيڙجندو رهي ٿو۔ جڏهن به سنڌ سان ڪا نا انصافي ٿئي ٿي ته سندن جسم ۽ روح تڙپندو رهي ٿو ۔ پاڻ رهن ته سنڌ کان دور مڪي پاڪ ۾ ٿا ، سندن جسم ته سنڌ کان دور سعودي عرب ۾ آهي پر پاڻ روحاني ۽ دلي طور سنڌ ۾ موجود آهن۔ ڪڏهن خيرپور ته ڪڏهن سچل ڳوٺ ، ڪڏهن لاڙ ڪاڻي ته ڪڏهن دادو ، جڏهن جڏهن به سنڌ جي ڪنهن وستي ۽ واهڻ جو ذڪر ٿو نڪري ته پاڻ اتي موجود نظر ٿا اچن۔
سنڌ سلامت سان سندن ازلي عشق به لاجواب آهي۔ جڏهن ملندا ته سنڌ سلامت جو ذڪر ، سنڌ سلامت جي دوستن جو ذڪر ، سنڌ سلامت جي ترقي لاء ذڪر۔ مان پنهنجو پاڻ کي ۽ سنڌ سلامت کي خوشنصيب پيو سمجهان جو اسان کي نثار ابڙي جهڙوڳ دوست مليو آهي۔
دعا آهي ته رب پاڪ سائين نثار ابڙي کي وڌيڪ همت ، حوصلو ، جذبو ۽ سٺي صحت ڏي جيئن هو دوستن جي اميدن تي پورو لهي ۽ اضافي ذميواري جيڪا شايد گذريل عيد تي ئي ملڻ گهربي هنس ان تي پورو لهي۔