[URL=http://img829.imageshack.us/i/sindhitopi.jpg/][/URL] ٽنڊو الهيار: عبرت ٽنڊو الهيار جي عيوضي ۽ سندس والد پاران ٺاهيل تاريخي ٽوپي جي نمائش ڪئي پئي وڃي۔ (روزاني عبرت)
جواب: تاريخي ٽوپي ادي فورم تي ٻيهر ورڻ تي ڀليڪار۔۔۔ جيتري قدر تصوير بابت توهان جي پڇيل سوال جو تعلق آهي ته ۔۔۔ صحيح ماڳ ته سائين نثار ابڙو ئي ڏسي سگهن ٿا۔۔۔ البته مٿي موجود يو آر ايل ٻڌائي پيو ته مورو شهر جو ڪو پارڪ آهي۔۔ جڏهن ته مون مورو ۾ ڪوبه اهڙو پارڪ نه ڏٺو آهي۔۔۔
جواب: تاريخي ٽوپي نيٽ گردي ڪندي مونکي به هي تصوير ملي هئي بغير ڪنهن حوالي جي، آس پاس جي ساوڪ ۽ موسم مان لڳي ٿو ته اسلام آباد جي ڪنهن پارڪ ۾ ڪنهن ڏهاڙي تي ٺاهي وئي هجي ڇاڪاڻ ته ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان ڊي تي اسلام آباد ۾ اهڙو ڪو سلسلو شروع ٿيو هو ۔۔۔ پڪ ناهي ۔۔۔ ڏسجي متان ڪو دوست اهڙي شاهدي ڏئي وجهي ۔۔۔
جواب: تاريخي ٽوپي انهي تصوير ۾ ٽوپي هيٺيان رکيل کٽ نما رکيل شيءَ اهو تاثر ٿي ڏءي ته اها تصوير ڪمپيوٽر ۾ هٿ جي صفاءي سان ٺهيل آهي۔ ڇو ته اهو ڪم ايڊوب فوٽو شاپ ۾ ممڪن آهي۔۔۔ والسلام محمد نويد جمالي تنهنجي سِر لئه دريا، دودو ٿي ٿو مان هر هر ڄمان، ڇو ٿي گھٻرائين امان! ٻن ڪروڙن ڪونڌرن جي ماءُ آن جيئين سدا، تنهنجا هوشو حُر هزارين، تنهنجو هوشو هڪ نه مان. ڇو ٿي گھٻرائين امان! هي ته ڏس وک وک تي چوڪيدار ڏهه ڏهه نوجوان، سومرا، چانڊيا سپاهي، سورما کوسا، سمان، ڇو ٿي گھٻرائين امان!
جواب: تاريخي ٽوپي لاجواب سٽن سان شروعات ڪندڙ ادا نويد جمالي سنڌ سلامت سائيبر اوطاق تي توهان کي ڀليڪار۔۔۔ ٽوپي جي هيٺ ڏسيل توهان جي هنڌ غور ڪيو ويو ته ائين لڳو جهڙو تصوير ۾ هلڪي ترميم ڪندي اتي موجود ڪنهن شي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۔۔۔ باقي تصوير ڪنهن پارڪ جي ٿي لڳي۔۔۔ وري به ڏسجي متان ڪنهن دوست ڪاٿي ڏٺي هجي۔۔۔