لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏4 ڊسمبر 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    لک شُڪرانا مالڪ ايڪتا ڏينهن اچِي وِيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ !​

    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو، اڄ 4 ڊسمبر 2010ع ڇنڇر جو ڏينهن آهي ۽ سڀاڻي انشاالله 5 ڊسمبر به ٿيندي، اهي ٻئي ڏينهن اسان سنڌ واسين لا انتهائي اهميت جا حامل ٿي ويا آهن، اڄ اسان سڀئي سنڌي ڀائر سنڌي اجرڪون ڪُلهن ۾ پائي، سنڌي ٽوپيون پائي ۽ سنڌي پٽڪا، پائي ۽ سنڌي ڀيڻون سنڌي ڀرت ڀريل لباس پائي، سنڌي گٍج ۽ سنڌي سوسِي سنڌي گربي جا خوبصورت رنگن ڀريا ويس پهري پنهنجي مٿي تي اجرڪون اوڍي هيج ۽ خوشي مان مسلمان آهيون ته ٻه رڪعتون نفل شڪراني جا پڙهي سنڌ ڌرتي کي سدائين شاد ۽ آباد رکڻ جون دعائون ڪريون جيڪڏهن هندو آهيون ته مندرن ۾ وڃي سنڌ جي سونهن کي سدا سلامت رکڻ جون پراٿنائون ڪريون ان کان پو سنڌ جي گُلابن جون پتيون، هڪ ٻئي مٿان نڇاور ڪري هڪ ٻئي کي مُبارڪون، هڪ ٻئي کي واڌايون ڏئي چار ڊسمبر ۽ پنج ڊسمبر پنهنجي ثقافتن جا امين بڻجي ملهايون۔ [/JUSTIFY]
    [JUSTIFY]سنڌ جي غلامن جي غلام ۽ سنڌ سلامت جي خادمن جي خادم مون نثار ناز پاران به ٻنهي قومي ايڪتا ڏيهاڙن چار ڊسمبر ۽ پنج ڊسمبر جون مُبارڪون ۽ واڌايون قبول ڪندا۔ الله سائين سموري سُرهاڻ ڀريل سنڌ جو ۽ توهان سڀني سنڌين جو حامي ۽ ناصر۔(آمين ثم آمين)[/JUSTIFY]

    [​IMG]


    [MP3]http://www.fileden.com/files/2009/12/2/2672587/shukrana.mp3[/MP3]​
     
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

    واه سائين واه تمام خوبصورت شاعري خوبصورت لباس ۾ الله توهان کي خوش رکي.
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

    سائين بهترين ڊزائين سان وري مٺڙي آواز ۾ چيل اوهان جي شاعري، واه ڇا ته حسين امتزاج لڳي پيو۔

    آباد رک ناز کي ساڻ
    سنڌ سلامت اي مالڪ
    ايڪتا ڏينهن اچي ويو

    اوهان ساري سنگت ڏي هي خوشيون مبارڪ۔
    جيئي سنڌ
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

    نثار سائين ! تمام بهترين شاعري ۽ بهترين ڊزائين آهي، اوهان جي شاعري ۽ اها به قومي شاعري جيڪا ثقافت جي رنگ ۾ رڱيل آهي۔۔۔ زبردست ونڊ آهي
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

    سبحان الله ۔۔۔ سنڌ جي شان ۽ محبت ۾ چيل هڪ سهڻو گيت ۔۔۔

    محترم نثار ناز صاحب، اوهانجون گذارشون هر سنڌي وٽ ساڀ پيون آهن ۽ جيئن ئي ڊسمبر جو مهينو شروع ٿيو آهي ته سنڌين پنهنجي ثقافت سان ايڪتا جو اظهار ڪري ثابت ڪيو آهي ته اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي اچي پئي متان ائين سمجهين مئا مور سارا ۔۔۔ اميدون وسيع ٿي ويون آهن ۔۔۔

    سهڻا سائين اوهانکي به لک لک واڌايون هجن ۔۔۔ ۽ دعا آهي ته اسانجون اهي خوشيون دائم ۽ قائم رهن، دشمن جي بري نظر کان بچن ۔۔۔ آمين
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

    [justify]پيارا سائين محترم رحيم بخش ڏاهري صاحب السلام عليڪم، محبتي ادا توهان منهنجي هن غريباڻي شاعري ۽ ڊيزائن تي واهه واهه جي پرخلوص لفظ چيا، توهان جي همت افزائين ۽ حوصلا افزائين جو تهه دل سان ٿورائتو آهيان الله سائين توهان کي سدائين سلامت رکي سدائين آباد هُجو شاد هُجو شل ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏسو آمين ثم آمين۔[/justify]
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

    مٺا طاهر سنڌي اها منهنجي خوشنصيبي چئبي جو منهنجي شاعري پڙهي ۽ ٻُڌي بي اختيار توهان جي لبن تي به شاعري ڪنول جي گُل جيان کِلِيو پوي۔ مهرباني مٺا۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

    [justify]پيارا سنڌ سلامت جا مست السلام عليڪم ياعلي مدد ۽ جيئي سنڌ۔ مٺا هاڻي تنهنجي طبيعت ڪيئن آهي، اسان جون دعائون سدائين توهان ڀائرن جي شامل حال آهن، شل جڙيو نوبنو هجين تو منهنجي ايڪتا ڏينهن جي حوالي سان شاعري کي بهترين چيو ۽ منهنجي ڪمپيوٽر واري چترڪاري کي به بهترين ڊيزائن چيو، مٺا سڀاڻي جو مورخ يقينن هاڻي ائين ڪونه چوندو ته اسان جي سنڌ سلامت جا دوست قومي ڌارا سان ڪونه ٿا هلن، اسان پنهنجي سموري سنڌ سان هم آواز ٿِي اڄوڪو چار ڊسمبر وارو ڏيهاڙو ملهايو آهي ۽ سڀاڻي 5 ڊسمبر تي به هڪ آواز ٿي پنهنجي قومي ايڪتا وارو ڏينهڙو ملهائينداسين، دوست مست اڄ سمورو ڏينهن آئون شهر ۾ ٿيندڙ ريلين کي ڏسندو رهيس، انهن ريلين ۾ سنڌي ٻار ، سنڌي عورت، سنڌي پوڙها ۽ سنڌي نوجوان ، سنڌي شاعر سنڌي اديب الغرض هر طبقه زندگي سان رکندڙ ماڻهن کي ڏسندو رهيس انهن جا چهرا پڙهندو رهيس، انهن جي مُک تي آئيندي جا سُندر سپنا پڙهندو رهيس اسان جا سنڌي انهي سموري ايڪتا واري ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو آواز سمجهي ملهائي رهيا هُئا پر مونکي افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته ميڊيا، اسان جا سياستدان، اسان جا سڙڪ ڇاپ ڪامريڊ صرف پنهنجي ميڊيائون ، پنهنجي سياست ۽ پنهنجي ڪامريڊي چمڪائڻ ۾ پورا هُئا اهي مونکي اندر ۾ ابليس ٻاهر ٻولي هنج جي نظر اچي رهيا هُئا، سياستدان پنجاهه پنجاهه روپين واري نقلي اجرڪ پهري رڳو وٺ ڪارا ڳاڙهي کي نظر اچي رهيا هُئا، سڙڪ ڇاپ ڪامريڊ صُبح سويري ٺري جا ٽين پي ناپاڪ ۽ غليض زبان سان منهنجي امر ۽ پوتر جيجل سنڌ جو نالو وٺي رهيا هُئا ۔ اسان جهڙو ٽي درجي وارو شاعر ڊڄڻو شاعر رڳو واهه واهه جا مدي خارج ٻول ٻولي رهيا هُئا۔ يار ناراض متان ٿئين هتي سنڌي ثقافت جي نالي تي ميڊيا وارا پنهنجي پاڻ ۾ سانن وانگر وڙهي رهيا هُئا، وقت جا بادشاهه يڪطرفا ريفري ٿِي ريسلنگ وانگر هڪ ٻه ٽي جا تاڙا ريسلنگ واري رنگ واري اسٽيج تي هڻي رهيا هُئا مزي جهڙي ڳالهه ته جيڪو ميڊيا جو کٽيل رانديڪر توڻي جو ريسلنگ کٽي به ويو هو ان جي مقابلي ۾ هارايل رانديگر کي کٽيل رانديگر قرار ڏي انصاف جي ديوي جي اکين ۾ ڌوڙ وجهي رهيو هو۔ خير الله اسان جي سنڌي ڀائرن جون خوشيون هر موڙ تي سلامت رکي۔ [/justify]
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

    [justify]

    سائين نثار ناز! مان ان ڪري ته اوهان کي حساس دل ماڻهو چوندو آهيان۔۔۔پر سائين دنيا ۾ اهي ڳالهيون نه ٿين ته دنيا ڪيئن چئبي۔۔۔
    توهان جي هن تجربي ۽ سنڌي ماڻهن (فقط عوام) جي هاڻوڪي ايڪتا کي ڏسي اسان پوري يقين سان چئي سگهون ٿا ته سنڌ وٽ هاڻي جاکوڙي عوام ته آهي پر سريلي ليڊرشپ نه آهي۔۔۔۔۔
    [/justify]
     
  10. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

    واهه سائين واهه خوبصورت شاعري ساڻ اوهان جي آواز ۾ زبردست ادا ...........
     
  11. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

    [justify]پيارا نثارابڙا سنڌي ايڪتا جي رنگن ڀرئي ڏينهن سان گڏ توکي سنڌ سلامت جو گُلابي رنگ مُبارڪ هُجي
    مٺا تنهنجي لکڻين ۽ تنهنجي محنتن جي عيوض توکي انهي گُلابي رنگ کان وڌيڪ ڳاڙهو رنگ تمام گهڻو سُونهين ها، اصل هن قومي ايڪتا جي اجرڪ جي ڦلڙين ۽ سنڌي ٽوپي جي ستارن ۽ ٽِڪِن وانگر چمڪي پوي ها، ادا نثار ابڙا توهان کي سنڌ ۽ سنڌي اجرڪ ٽوپِي ايڪتا واري ڏينهن وارِيون منهنجي شاعري واريون هي چند سِٽون سهڻيون لڳيون توهان کي وڻيون مهربانيون ادا۔ بيشڪ ادا اسان سڀني سنڌين جو اميدون تمام گهڻيون وسيع ٿِي ويون آهن ۔ اسان جو عام سنڌي ته ڍول ماڻهو آهي پر اسان جا چند آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا ماڻهون۔لٽيرا ماڻهو[/justify]

    ديس منهنجي جو لٽيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
    ڀاڙئي کي مان ڀليرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
    دل ۾ لُنڊيون من جو ميرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
    سامراجي هر وڏيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
    ڪلهه به قاتل اڄ به ظالم هُو حرامي بي رحم
    بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
    سوچ منهنجيءَ جو سفرسنڌ کان شروع سنڌ تي ختم(نثارناز)​


    ادا منهنجي دُعا آهي ته شال اسان جي سنڌ سدائين شاداب رهي آمين۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: لک شُڪرانا مالڪ ! ايڪتا ڏينهن اچِي ويو ۔۔۔۔

    پيارا رياض حسين گلال مهرباني مٺا جو توهان منهنجي هن شاعري کي خوبصورت چيو لک لائق جو توهان کي منهنجي اها شاعري منهنجي آواز ۾ سُٺي لڳي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو