سنڌ مِٺِي لا ڇم ڇم نچياسين۔۔۔۔ جڏهن شادمانا ڪيا سنڌ سارِي ! تڏهن سنڌ مِٺِي لئه ڇم ڇم نچياسين۔ جڏهن بيخودِي اسان تي ٿِي طارِي ! تڏهن سنڌ مِٺِي لئه ڇم ڇم نچياسين۔ (نثارناز)
جواب: سنڌ مِٺِي لا ڇم ڇم نچياسين۔۔۔۔ [justify]سائين نثار ناز سلام سنڌ جو ثقافتي ڏڻ هجي ، پنهنجا گڏ هجن ، خوشي هجي (عارضي ئي هجي ) ، دهل ۽ شرنايون هجن پوء ناچ به ٿي وڃي ٿو ۔ انسان پنهنجي مستي ۾ آهي ۽ خوش آهي ته پوء ناچ به پيو ڪري۔ اسان جو دوست چوندو آهي ته ” دهل وڄي ۽ دوسو بيهي “ ؟؟ نا ممڪن ۔۔ سو سنڌ جي ڳاله هجي ، سنڌ جو آواز هجي ، سنڌ جو ساز هجي پوء اوهان سميت اسان تي به ميار ڪونهي جو جهمر ۾ شامل ٿي ٿا وڃون۔ مون کي ياد ٿو اچي ڄام صادق جي دور ۾ اسان جو هڪ دوست جيڪو ٽريفڪ پوليس ۾ هيو ان جي ڊيوٽي هئي آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي ٻاهران پروٽوڪول جي گاڏين جي حفاظت۔ هوڏانهن اندر عابده پروين جڏهن هوجمالو شروع ڪيو ته اسان واري دوست پنهنجي ڊيوٽي ڇڏي پروگرام ۾ اچي جهمر شروع ڪئي۔ هوڏانهن ان وقت جي ڊي آء جي جي گاڏي مان ڪو ٽيپ رڪارڊر ڪڍي ويو۔ پوء ته ڇا اسان واري دوست جي نوڪري تيل ٿي وئي، مون پڇيومانس يار تون اهو ڇا ڪيو تونکي ته ٻاهر هجڻ کپندو هو حفاظت تي۔ جواب ڏنائين سائين اوهان سڀ ڳاله ئي ڪونه ٿا سمجهو۔ عابده پروين جمالو ڳائي پوء ته اسان پنهنجي وس ۾ ئي ڪونه هوندا آهيون ۔ اوهان جا قرب جو پهنجي خوشين جا رنگ اسان سان ونڊ ڪيو ٿا۔[/justify]
جواب: سنڌ مِٺِي لا ڇم ڇم نچياسين۔۔۔۔ مٺا سائين اوهان سميت ساري سنڌ ۽ سنڌين کي هي ايڪتا ڏهاڙي جون خوشيون مبارڪ هجن۔ اسان کي سال ۾ هڪ ڏينهن نه بلڪِ هر وقت ايڪتا جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي۔ اسان يقينن پاڻ کي ڪافي وقت پري رکيو سين ميدان کان ٻاهر رهيا سين، جنهن سبب اسان جي هٿن کان هر شيءِ تقريبا نڪري وئي۔ اسان جي حڪومت، اسان جي ثقافت، اسان جي ٻولي، اسان جا شهر۔ پر سنڌ توسان وچن آهي هاڻ ايئن نه ٿيندو، نه ٿيندو، هرگز نه ٿيندو۔ ڀٽائي جي سنڌ ۽ سنڌ جا ڪنارا سنڌي ماروئڙا ۽ مٺڙي ٻولي تا قيامت خوشحال هجن۔ جيئي سنڌ
جواب: سنڌ مِٺِي لا ڇم ڇم نچياسين۔۔۔۔ ڇم ڇم پائي ڇير، نچياسين، اڄ ته ڏاڍي دير، نچياسين۔۔ اجر ڪ، ٽوپي، سنڌي ثقافت، سِر تي پائي سَير، نچياسين۔ پنهنجا پنهنجا سڀ هن پنهنجا، ڪڍي دلين مان مَير، نچياسين۔ آيو ڏينهن ٻڌي ايڪتا جو، ڪري اڄ دشمن زير، نچياسين۔ سنڌي سنڌين جا ڀائر ڀينر، ڌاريو ناهي ڪير، نچياسين۔۔ دشمن ڌرتي جا سڀ تڙپن، ڪندا نه هاڻي وَير، نچياسين۔۔ مست جي مستي ٿي وئي ٻيڻي، روڪيندو اڄ ڪير؟ نچياسين۔۔ [justify]سائين توهان جي هن بيخودي ۽ سنڌ سان محبت ۾ نچڻ کي ڏسي مست به توهان جي ريس ۽ توهان جي خيال تي هڪ پوري شاعري ڪئي آهي۔۔۔ ڏسو مست جا خيال[/justify]
جواب: سنڌ مِٺِي لا ڇم ڇم نچياسين۔۔۔۔ نثار ناز جي هستي ۽ ادي ميرجت جي مستي ۽ سنڌ سلامت جي اوطاق ۔۔۔ سنڌ جي ثقافتي عيد ۽ مٿان وري ايڪتا جا نعرا ۔۔۔ هاڻ سنڌ جو عاشق نچي يا نه ، جهمريون هڻي يا نه، دل جي اندر وڄندڙ ، دهل ۽ شرنائي جي آواز تي، هي سر ڇا هزار سر نثار ٿين يا نه ۔۔۔ عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو ۔۔۔ رب سنڌين جي خوشين کي دشمن جي نظرن کان بچائي ۔۔۔ آمين