جواب: سنڌ مِٺِي لا ڇم ڇم نچياسين۔۔۔۔
مٺا سائين اوهان سميت ساري سنڌ ۽ سنڌين کي هي ايڪتا ڏهاڙي جون خوشيون مبارڪ هجن۔
اسان کي سال ۾ هڪ ڏينهن نه بلڪِ هر وقت ايڪتا جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي۔
اسان يقينن پاڻ کي ڪافي وقت پري رکيو سين ميدان کان ٻاهر رهيا سين، جنهن سبب اسان جي هٿن کان هر شيءِ تقريبا نڪري وئي۔
اسان جي حڪومت، اسان جي ثقافت، اسان جي ٻولي، اسان جا شهر۔
پر سنڌ توسان وچن آهي هاڻ ايئن نه ٿيندو، نه ٿيندو، هرگز نه ٿيندو۔
ڀٽائي جي سنڌ ۽ سنڌ جا ڪنارا سنڌي ماروئڙا ۽ مٺڙي ٻولي تا قيامت خوشحال هجن۔
جيئي سنڌ